رسائی کے لنکس

آمريڪا ۾عورتن ووٽ جو حق ڪيئن حاصل ڪيو؟


ووٽ جو حق (فائل فوٽو)
ووٽ جو حق (فائل فوٽو)

انٿوني سوزن اڻويهين صديءَ ۾ آمريڪا ۾ انساني حقن جي چوٽيءَ جي سرگرم رهنمائن مان هڪ هئي. سال 1872 ۾ کين هڪ اهڙي ڏوه ۾ سزا ٻڌائي وئي جنهن کي بعد ۾ قانون ۽ آئين نه صرف کيس جي لاءِ بلڪه سڀني آمريڪي عورتن جي لاءِ آئيني حق تسليم ڪيو.

سوزن تي الزام هو ته هن آمريڪا جي قانون ۾ اجازت نه هوندي به 1872 جي صدارتي انتخابات ۾ ووٽ ڏنو هو. انهيءَ ڏوه ۾ سوزن کي 100 ڊالر جرماني جي سزا ڏني وئي هئي. سوزن اهو جرمانو ته ڪڏهن ادا نه ڪيو پر ووٽ جو حق مڃرائڻ لاءِ هوءَ سڄي ڄمار جدوجهد ڪندي رهي.

سال 1906 ۾ سوزن گزاري وئي. ليڪن عورتن جي ووٽنگ رائٽس لاءِ سندس ڪوششون اهڙو پيڙه جو پٿر ثابت ٿيون جن کان پوءِ آخر ڪار 26 آگست 1920 ۾ اڻويهين ترميم آمريڪي آئين جو حصو بڻي ۽ خواتين جي لاءِ ووٽ جو حق مڃيو ويو.

ڇويهه آگسٽ اهو ڏينهن آهي جڏهن ٻه صديون اڳ هڪ آئيني ترميم جي منظوريءَ کان پوءِ آمريڪا جي ٻن ڪروڙ عورتن کي ملڪ جي مستقبل جي فيصلن ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق مليو.

ليڪن هيءَ تاريخي پيش رفت ڪيترن ئي صبر آزما مرحلن ۽ جدوجهد جون گهڻيون ئي ڪٺن منزلون لنگهڻ کان پوءِ ممڪن ٿي.

سينيڪا ڪنوينشن؛ پهريون قدم

آمريڪا جو آئين 1788 ۾ منظور ٿيو.ان ۾ سمورن شهرين کي ووٽ جو حق حاصل نه هو. پر خانه جنگيءَ جي خاتمي کان پوءِ 1870 ۾ پندرهين آئيني ترميم منظور ڪئي وئي جنهن سڀني مرد شهرين کي نسل، رنگ يا غلاميءَ جي گزريل حالت جي تفريق کان بغير ووٽ جو حق ڏنو ويو. ليڪن تڏهن به عورتون ان حق کان محروم رهيون.

عورتن کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سال 1878 ۾ ڪانگريس ۾ پهريون ڀيرو ترميم متعارف ڪرائي وئي، ليڪن ان تي قانون سازي نه ٿي سگهي.

آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ عورتن کي چونڊن ۾ راءِ ڏيڻ جي حق جي حامين کي سفريجسٽ چيو ويندو آهي. هيءُ انگريزي لفظ سفريج مان نڪتل آهي جنهن جو مفهوم ووٽ ڏيڻ يا رائي ڏيڻ آهي.

عورتن پاران راءِ ڏيڻ جي لاءِ هلندڙ سفريج تحريڪ جو آغاز نيو يارڪ ۾ سينيڪا فالز جي ميٿڊسٽ چرچ ۾ منعقد ٿيڻ واري ڪنوينشن سان ٿيو. هن ڪنوينشن ۾آمريڪا مان غلاميءَ جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارو مشهور سماجي چڱو مڙس ۽ رهنما فريڊرڪ ڊگلس سميت لڳ ڀڳ 300 ماڻهو شريڪ ٿيا. البته ان ڪنوينشن ۾ڪا به سياه فام خاتون شريڪ نه ٿي. اڄ به اها چرچ سينيڪا فالز ۾ خواتين جي حقن جي تحريڪ جي ياد ۾ ٺاهيل نيشنل هسٽورڪ پارڪ جو حصو آهي ۽ ان کي مبصرين آمريڪا ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جو هنڌ قرار ڏيندا آهن.

ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيڻ وارن ۾ شامل ڪيڊي اسٽنٽن ڪنوينشن جو اعلان تيار ڪيو جنهن کي ڊڪليريشن آف سينٽي منٽس جو نالو ڏنو ويو.

هن اعلاميه ۾ عورتن ۽ مردن جي برابريءَ وارن حقن ۽ ووٽ جي حق جو مطالبو ڪيو ويو. ڪنوينشن ۾ تقريرون به ٿيون سوزن انٿوني به پنهنجا ڪلمات پيش ڪيا. نيو يارڪ ۾ حقوق نسوان جي تحريڪ جي ياد ۾ ٺاهيل نيشنل پارڪ جي سپرنٽندنٽ اينڊريا ڊيڪوٽو مطابق هي اعلاميه بنيادي طور تي آمريڪا جي اعلان آزاديءَ کي سامهون رکندي ترتيب ڏنو ويو هو. ليڪن هن ۾ اعلان آزادي جي عبارت ۾ سڀئي هڪ جهڙا پيدا ڪيا ويا آهن کي تبديل ڪري لکيو ويو ته تمام مردن ۽ عورتن کي برابر پيدا ڪيو ويو آهي.

ساڳي دور ۾ آمريڪا جي ڪن رياستن جي عورتن کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ قانون بڻايا ويا ۽ زياده تر مغربي رياستن ۾ به قانون سازي ڪئي وئي. ليڪن حقوق نسوان جا سرگرم ڪارڪن ان لاءِ قومي سطح تي قانون ٺاهڻ جو مطالبو ڪري رهيا هيا.

سندن مطالبو هو ته آمريڪا جي آئين ۾ ترميم ڪري صنفي بنياد تي ووٽ جي حق کان محرومي يا ان ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي.

احتجاج، جيلون ۽ عوامي رابطه

اڻويهين صديءَ ۾ سوزن انٿوني ۽ الزبيٿ ڪيڊي جهڙين خواتين رهنمائن جي شروع ڪيل هيءَ تحريڪ جڏهن ويهين صديءَ ۾ داخل ٿي ته ان کي اڳلي نسل جي قيادت ميسر آئي.

عورتن جي ووٽ جي حق جي مورخ ۽ ان موضوع تي ڪتاب سفريج؛ وومنز لانگ بيٽل فار ووٽ جي مصنفه ايلن ڪيرول مطابق، هاڻي هيءَ تحريڪ ڪاليج گريجوئيٽ خواتين جي هٿ ۾ اچي چڪي هئي. هن ٻڌايو ته ان وقت عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ان تحريڪ ۾ انعام يافته مصنفين، شاعر ۽ فن ڪار به شامل هيا.

هن تحريڪ 1916 ۾ هڪ قدم اڳتي وڌائي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو. هنن سڙڪن تي پيريڊ ڪئي، خاموش جلوس ڪڍيا ۽ بک هڙتالون ڪيون. انهن خواتين کي تمام گهڻو پريشان ڪيو ويو ۽ سندن مذاق اڏائي وئي.

عوامي سطح تي رابطن ۽ آگاهيءَ جي لاءِ ڪيل ان مسلسل جدوجهد جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪانگريس ۾ ڊگهي عرصي تائين التوا ۾ رهڻ کان پوءِ آخر ڪار اڻويهين ترميم جي مسودي کي رياستن جي منظوريءَ لاءِ موڪليو ويو.

آمريڪا ۾ ڪنهن آئيني ترميم کان پهرين ان جي منظوريءَ لاءِ ايوان جي ميمبرن جي ٽئين حصي جي منظوري لازم هوندي آهي. ان وقت آمريڪي رياستن جو تعداد 48 هو ۽ ٽينيسي آخري رياست هئي جنهن آگسٽ 1919 ۾ اڻويهين ترميم جي توثيق ڪئي. ٻه سال پوءِ 26 آگسٽ 1920 تي اها ترميم آمريڪا جي آئين جي حصو بڻي.

XS
SM
MD
LG