رسائی کے لنکس

تجرباتي دوا سان ڪينسر جا سمورا مريض شفاياب، رپورٹ


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ هڪ تحقيق دوران ڪينسر جي تجرباتي دوا واپرائڻ وارا سڀئي مريض شفاياب ٿي ويا آهن.

هيءَ تحقيق نيو يارڪ جي ميموريل سلئون ڪيٽرنگ ڪينسر سينٽر ۾ ڪئي وئي آهي. ان تحقيق دوران ريڪٽل ڪينسر کان متاثر 18 مريضن کي تجرباتي طور تي ڊوسٽراليماب نالي واري هڪ دوا ڇهن مهينن تائين ڏني وئي.

نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسين ۾ شائع ٿيندڙ هن تحقيق جي نتيجي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪينسر جي مرض ۾ مبتله سڀئي مريض دوا استعمال ڪرڻ کان پوءِ شفاياب ٿي ويا آهن، جنهن کي سائنسي معجزو قرار ڏنو پيو وڃي.

ميموريل سلئون ڪيٽرنگ ڪينسر سينٽر سان وابسته ۽ تحقيق جي مصنفين مان هڪ ڊاڪٽر لوئيس اي ڊياز جونئر آمريڪي روزنامه نيو يارڪ ٽائمز سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته سندن نظر مان ڪڏهن ڪا اهڙي تحقيق ناهي گزري جنهن ۾ ڪينسر جا سمورا مريض شفاياب ٿيا هجن. سندن لفظن ۾، منهنجي خيال ۾ ڪينسر جي تاريخ ۾ هي پهريون موقعو آهي ته نتيجا ايڏا متاثر ڪن آهن.

ڊوسٽراليماب دوا کان اڳ ۾ ريڪٽل ڪينسر جا مريض ڪيمو ٿراپي، ريڊئيشن ۽ اهڙيءَ جراحيءَ جي عمل مان گزرندا هيا جنهن کان پوءِ مريض ڪيترن قسمن جي جسماني تڪليفن جا شڪار ٿيندا هيا. ليڪن هن تحقيق کان پوءِ انهن مريضن کي ٻڌايو ويو ته کين ڪنهن به قسم جي وڌيڪ علاج جي گهرج ڪانهي.

آمريڪي نيوز چينل اين بي سيءَ سان ڳالهائيندي ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽر بانا سانوف ان دوا جي باري ۾ ٻڌايو ته هيءَ ايميونوٿيراپيءَ جي قسم جي دوا آهي. هن قسم جون دوائون ڪينسر تي وار ڪرڻ بجاءِ ساڳيو ڪم مريض جي مدافعتي قوت کان ڪرائينديون آهن.

ڊاڪٽر بانا هن تحقيق ۾ شامل نه هيون. ليڪن هن تحقيق سان متعلق ڇپيل هڪ مضمون ۾ سندس چوڻ آهي ته هيءَ تحقيق ننڍيءَ سطح تي ڪئي وئي آهي، ليڪن ان جان نتيجا انتهائي شاندار آهن.

هن چيو ته هاڻي هيءَ ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگهجي ته سڀ مريض هميشه لاءِ صحت مند ٿي چڪا آهن. اڃان ان باري ۾ معلومات گهٽ ئي دستياب آهي ته ڊوسٽراليماب دوا ڪيتري عرصي تائين واپرائڻ سان ڪو مريض صحت مند ٿي سگهي ٿو.

XS
SM
MD
LG