طالبان عمل دارن ۽ طب جي شعبي سان واسطو رکندڙ مقامي ماڻهن ٻڌايو آهي ته افغانستان جي اولهندي علائقي هرات ۾ واقع نمازين سان ڀريل مسجد ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن واقعي ۾ حڪمران طالبان سان ويجهڙائي رکندڙ مذهبي اڳواڻ سميت 18 ڄڻا هلاڪ ٿي ويا آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 23 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
هرات شهرجي مسجد ۾ هي ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن جمعي نماز جاري هئي، جنهن ۾ هر هفتي نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع ٿيندو آهي.
فوري طور تي ڪنهن به ڌماڪي جي ذمه داري قبول نه ڪئي آهي.
ان کان اڳ مسجدن ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي ذمه داري داعش جو شدت پسند گروپ قبول ڪندو رهيو آهي، جنهن خاص طور تي افغانستان جي مذهبي ۽ نسلي اقليت سان گڏ و گڏ طالبان جي خلاف حملن جو هڪ سلسلو جاري رکيو آهي.
سامهون ايندڙ هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هرات شهر جي مسجد،‘گزرگاه‘ ۾ ڌماڪي کان پوءِ لاش وکريل پيا آهن جڏهن ته نماز جون صفون رت سان ڀريل آهن.اتي موجود نمازين ڏک ۽ صدمي جي ڪيفيت ۾ ‘الله اڪبر‘ جا نعرا لڳايا.
فوت ٿيڻ وارن ۾ مجيب الرحمان انصاري به شامل آهي، جيڪو معروف عالم دين ٻڌايو ٿو وڃي، جيڪو ملڪ ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو ۽ پوين ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي مغرب جي حمايت سان هلندڙ حڪومتن تي تنقيد ڪندو رهندو هو. انصاريءَ جي لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته هو طالبان کي ڪافي ويجهو هو، جن هڪ سال اڳ غير ملڪي فوجن جي واپس ٿيڻ وقت افغانستان جو ڪنٽرول سنڀاليو.
طالبان جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد سندس انتقال جي تصديق ڪئي آهي.
هلاڪ ٿيڻ کان اڳ انصاريءَ هڪ ٻئي شهر ۾ طالبان حڪومت جي معاون وزير اعظم، ملا عبدالغني برادر سان ملاقات ڪئي هئي، جيڪو هرات جي دوري تي آيل هو.
ايسو سي ايٽڊ پريس جي رپورٽ ۾وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملا برادر جي هڪ ساٿيءَ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ملاقات کان فورا پوءِ، انصاري جمعي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هرات روانو ٿيو هو.
انصاريءَ جو ڀاءُ، حبيب الرحمان به هلاڪ ٿيڻ وارن ۾ شامل هو. اها ڳالهه هرات صوبي جي گورنر، اسلام يار ٻڌائي آهي. اسلام يار چيو ته حملي ۾ 23 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
ستونجاه ملڪن تي مشتمل اسلامي تعاون تنظيم (او آئي سي) جمعي ڏينهن ٿيندڙ هن حملي جي مذمت ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ سعودي عرب ۾ قائم هن تنظيم چيو آهي ته ان ڳالهه تي سخت تشويش آهي ته افغانستان جي مختلف صوبن ۾ حملن ۽ ڌماڪن جو هڪ سلسلو جاري آهي، جنهن جي ڪري افغان عوام جي سلامتي ۽ سماجي امن متاثر ٿيل آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آو آئي سي افغانستان ۽ ان جي ڊگهي عرصي کان پريشان حال عوام سان پنهنجي قريبي يڪجهتيءَ جو ٻيهر اظهار ڪري ٿي.