ويب ڊيسڪ —
افغانستان ۾ بارودي سرنگن جي ڳولها ڪري ناڪاره بنائڻ جو ڪم فنڊز جي ڪميءَ جي ڪري متاثي ٿي رهيو آهي.
بارودي سرنگن کي ناڪاره بنائڻ واري هڪ ’اين جي او’ جي هڪ اهل ڪار ٻڌايو آهي ته گزريل ٻن سالن ۾سرنگون صاف ڪرڻ واري 15،000 افغان اٽالي منجهان اڌ پيسن جي گهٽتائيءَ جي ڪري ملازمتن مان نڪري ويا.
اداري جي سربراه، شهاب حڪيميءَ وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته هن وقت رڳو آمريڪي حڪومت افغانستان جي مائيننگ پروگرام کي فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.
سال 2021 ۾ آگسٽ کان اڳ هلاڪتن جو انگ هر مهيني لڳ ڀڳ 160 هيو.
ان کان پوءِ، اڻ ڄاتل بارودي سرنگن جي ڪري جاني نقصان وڌي ويو آهي ۽ رپورٽ ڪرڻ وارا گهڻا ڪارڪن ڪم تان لهي ويا آهن، ۽ 2022 جي دوران هلاڪتن جون رپورٽون ٻيهر شروع ٿيون آهن. پوئين سال اهو تعداد وڌي 1144 ٿي ويو.