رسائی کے لنکس

آمريڪي مڊ ٽرم چونڊن ۾ هڪ ٻن هنڌن تي اليڪشن فراڊ جا افواه


آمريڪا جي مڊٽرم انتخابات ۾ اڱاري جي ڏينهن ووٽنگ جي دوران انتخابي عهديدارن کي ڪن هنڌن تي اهڙي صورت حال سان واسطو پيو جنهن ۾ ووٽنگ جي نظام ۾ ڪنهن به خلل کي مقامي سطح تي يا سياسي پارٽين پاران اليڪشن ۾ دانڌلي جي ڪنهن مبينه وڏي سازش جي ثبوت جي طور تي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

چونڊن ۾ دانڌلي جي امڪان جي باري ۾ چتاءُ ڪيترا هفتا اڳ ڪيترن ئي ويب سائٽس ۽ سوشل ميڊيا جي ان پليٽ فارمز تي گردش ڪري رهيا هيا جن کي قدامت پسند آمريڪي يا اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي پسند ڪندا آهن. سال 2020 ۾ ڪافي اهڙا ماڻهو هيا جيڪي ان ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته سندن صدارتي انتخابات چوري ڪيا ويا هيا، يعني انهن ۾ دانڌلي ڪئي وئي هئي جنهن جي ڪا شهادت موجود ڪونهي

اڱاري ڏينهن ووٽنگ دوران انهن دعون کي ان وقت نئين زندگي ملي جڏهن آمريڪي رياستن نيو جرسي ۽ ايريزونا ۾ بيلٽ پيپر سڪين ڪرڻ جي مشينن ۾ ڪنهن خرابيءَ جا اطلاع مليا.

ايريزونا ۾ ميراڪوپا ڪائونٽي بورڊ آف سپروائسزرز جي چيئرمين بل گيٽس سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ۾ چيو ته ’’اسان ان خرابيءَ کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اهو به ته ان مسئلي تي ڪائونٽي ۾ پولنگ جا صرف 20 في صد هنڌ متاثر ٿيا آهن ۽ متبادل انتظامات سان اهو به يقيني بنايو ويندو ته سمورن ووٽن کي شمار ڪيو وڃي.

گيٽس ۽ ميرا ڪوپا ڪائونٽي جي ٻين عهديدارن جي ووٽرن سان رابطي ۽ صورت حال متعلق آگاه ڪرڻ جي ڪوششن جي باوجود داڌليءَ جا الزام تيزيءَ سان ڦهلجي ويا.

چارلي ڪرڪ جيڪو قدامت پسند نوجوانن جي هڪ سرگرم تنظيم، ’ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي’ جو باني آهي، ٽوئيٽ ڪيو ته ميرا ڪوپا ڪائونٽي ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان جي ذمي دارن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي.

’اليڪشن انٽيگرٽي پارٽنرشپ’ اهڙن محققن جو اتحاد آهي جن جو توجه اليڪشن جي سيڪيورٽيءَ تي آهي. ان جو چوڻ آهي ته ايريزونا جي ان ڪائونٽيءَ ۾ پيدا ٿيڻ واري هن مسئلي جو اطلاع اچڻ کان پوءِ ٻن ڪلاڪن اندر 40000کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا هيا ۽ ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ اڳوڻي صدر ٽرمپ اهو چوندي ان ۾ شامل ٿيو ته گهڻو ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي. سابق صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ٽرٿ سوشل’ تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ چيو ته ’’هو دير ڪري توهان کي ووٽنگ کان ٻاهر ڪرڻ گهرن ٿا. جيڪو ٿي رهيو آهي اهو تمام غير منصفانه آهي’’.

هڪ ٻيءَ پوسٽ ۾ ان دعوا کان پوءِ ڊيٽرائٽ، مشي گن ۾ ڪيترا مسئلا ٿيا، ٽرمپ پنهنجي حامين تي زور ڏنو ته ’احتجاج، احتجاج، احتجاج’.

ميراڪوپا ڪائونٽي ۽ ٻين هنڌن تي اليڪشن جي عهديدارن فوري جواب ڏنو.

مشي گن جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ، جيڪو پاڻ ڊيموڪريٽ آهي، پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي چيو ته ’’اهو درست ناهي. مهرباني ڪري اسان جي رياست ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ، سياسي تشدد ڀڙڪائڻ جي حوصله افزائيءَ جي لاءِ ڪوڙ نه ڦهلايو’’.

آمريڪا ۾ سائبر سيڪيورٽي ۽ انفرا اسٽرڪچر سيڪيورٽي جي اداري (سي آئي ايس اي) جنهن کي چونڊن دوران سيڪيورٽيءَ جي انتظامات ۾ مدد جي ذمي داري به ڏني وئي هئي، انهن الزامن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي ۽ انهن کي ’بالڪل’ غلط قرار ڏنو آهي.

’سي آئي ايس اي’ اڱاري ڏينهن رات جو دير سان اهو به چيو ته اهڙا ڪي به نمايان يا مصدقه اهڃاڻ ڪونهن ته غير ملڪي مخالفن ووٽن جي ڳڻپ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ووٽنگ جي نظام تي ڪو سائبر حملو ڪيو آهي.

عهديدارن ۽ مبصرن چيو آهي ته اڱاري جي ڏينهن تشدد جا ڪي هڪ ٻه اطلاع سامهون آيا آهن.

ڪن نگران گروپن چيو ته کين هڪ ٻن واقعن جو اطلاع مليو جتي پارٽيءَ جي حامين يا ووٽنگ جو مشاهدو ڪرڻ وارن ٽيڪساس ۽ پينسلوانيا ۾ ووٽرن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. آمرڪي رياست لوزيانه ۾ بم جي اطلاع جي باري ۾ عهديدارن چيو ته ان جي ڪري پولنگ جي هڪ مرڪز تي ووٽنگ روڪي وئي. ليڪن، ان طلاع جو اليڪشن سان ڪو تعلق نه هيو.

ليڪن آمريڪا ۾ هوم لينڊ سيڪيورٽي جي عهديدارن اڱاري جي ووٽنگ کان هفتا، مهينا پهريان ئي خبردار ڪيو هو ته ملڪ اندر ڇڪتاڻ ۽ سياسي رنجشون اليڪشن جي انتظامن ۽ اليڪشن جي عهديدارن کي نشانو بنائڻ جي ڪري ٿي سگهن ٿيون.

آمريڪا جي ڪيترن ئي سيڪيورٽي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي عمل دارن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن غلط اطلاعات ڦهلائڻ جي مهمن اليڪشن جي نتيجن کي نشانو بڻايو ۽ سياسي رنجشون وڌنديون رهيون ته اليڪشن کان پوءِ تشدد جي خطرن ۾ واڌ اچي سگهي ٿي.

(جيف سيلڊن، وائس آف آمريڪا)

XS
SM
MD
LG