اڄ جي تيز رفتار دنيا ۾ گهٽ کان گهٽ وقت اندر وڌ کان وڌ فاصلو طئي ڪري منزل تي پهچڻ مسافرن ۽ فضائي ڪمپنين جي ترجيح ۽ ضرورت بڻبو پيو وڃي. هوائي جهازن ۾سفر ڪرڻ وارا مسافر گهڻو ڪري انهن ايئرلائنز جون ٽڪيٽون وٺندا آهن جيڪي کين ٿوري وقت اندر پنهنجيءَ منزل تي پهچائي سگهن.
ايندڙ وقت جي ضرورتن کي سامهون رکندي امريڪن ايئرلائنز 20 سپرسانڪ جهاز خريد ڪرڻ جي سودو ڪيو آهي ۽ ان جي رقم جمع ڪرائي ڇڏي آهي جيڪي سودي جي شرطن مطابق ناقابل واپسي آهن.
سپر سانڪ هوائي جهازن جي ڪمپني، بوم سپر سانڪ جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته امريڪن ايئرلائنز وڌيڪ 40 سپر سانڪ جهاز خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
جهاز ملڻ کان پوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي فضائي ڪمپني، يونائيٽڊ ايئرلائنز وٽ سڄي دينا ۾ تيز رفتار جهازن جو سڀ کان وڏو ٻيڙو هوندو.
ان کان اڳ گزريل سال هڪ ٻي آمريڪي فضائي ڪمپني، يونائيٽڊ ايئرلائنز به بوم سپر سانڪ کي 15 جهازن جو آرڊر ڏنو هو.
بوم جو چوڻ آهي ته ان جا جديد جهاز تقريبا 1300 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان پرواز ڪري سگهندا جيڪا هن وقت استعمال هيٺ جيٽ جهازن جي مقابلي ۾ ٻيڻين رفتار آهي.
امريڪن ايئرلائنز ۽ بوم سپرسانڪ قيمت متعلق تفصيل ظاهر نه ڪيا آهن، ليڪن ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هوائي جهاز جي قيمت تقريبا 20 ڪروڙ ڊالر آهي.
دلچپ ڳالهه اها آهي ته امريڪن ايئرلائنز جن ويهن سپر سانڪ جهازن جي ناقابل واپسي قيمت طئي ڪئي آهي تن جو في الحال ڪو حقيقي وجود ڪونهي. هن وقت انهن جي ڊيزائين ۽ ڊرائينگ تي ڪم ٿي رهيو آهي.
جهاز ٺاهڻ جي صنعت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊيزائين ۽ ڊرائينگ کان پهرين اهو طئي ڪيو ويندو آهي ته هن ۾ ڪهڙو انجن لڳايو ويندو. انجن جو تعين ٿيڻ کان پوءِ ئي جهاز جي ڊيزائين ۽ ڊرائينگ تي ڪم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته سپر سانڪ جي عمل دارن اڃان تائين اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته سندن اورچر جهازن ۾ ڪهڙو انجن استعمال ٿيندو.
ميڊيا رپورٽس ۾ٻڌايو ويو آهي ته بوم جا عمل دار پنهنجو انجن ٺاهڻ بجاءِ رولس رائس ۽ ٻين آٽو ڪمپنين سان ڳالهائي رهيا آهن.
بظاهر اهو ڏسڻ ۾ پيو اچي ته بوم سپر سانڪ کي ڪا جلدي ناهي، ڇوته سندس ادارو 2029 ۾ جهاز لانچ ڪرڻ وارو آهي.
بوم جي منتظم اعلي، بليڪ اسڪول جو چوڻ آهي ته ڪمپنيءَ جو هوائي جهاز 2029 ۾ جڏهن پرواز ڀريندو ته اهو اڄ جي نسبت مختلف منظر هوندو۽ سپر سانڪ جهاز نيويارڪ کان لندن تائين جو فاصلو صرف ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾طئي ڪندو، جنهن تي اڄ ڪلهه ستن کان اٺ ڪلاڪ لڳندا آهن. يعني سفر ٻيڻين رفتار سان ٿيندو۽ دنيا وڌيڪ ننڍي ٿي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته سپر سانڪ جهاز فضائي ڪمپنين لاءِ منافع بخش ثابت ٿيندا. هن وقت سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهون بزنيس ڪلاس ۾ سفر ڪندا آهن، ۽ هو انهيءَ ئي رقم ۾ ٻيڻي رفتار سان سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا.
بوم سپر سانڪ مطابق، نيو يارڪ کان لنڊن تائين جي ٽڪيٽ چئن کان پنج هزار ڊالر جي هوندي، جڏهن ته جهاز ۾ 65 کان 80 مسافرن جي گنجائش هوندي، جنهن سان فضائي ڪمپنيون منافعو ڪمائي سگهنديون.
امريڪن ايئرلائنز جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته ڊگهن بين الاقوامي روٽس تي آواز کان تقريبا ٻيڻي رفتار سان اڏڻ واري سپرسانڪ جهازن جو استعمال مفيد رهندو ۽ هو مسافرن جي لاءِ پرڪشش بنجي ويندا.
ناقدين جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪنڪارڊ سپرسانڪ جهازن جو انجام پنهنجي سامهون رکڻ گهرجي. برطانيه ۽ فرانس جا تيار ڪيل اهي جهاز پنهنجي قيمت ۽ سفر تي خرچ جي لحاظ کان فضائي ڪمپنين جي لاءِ سفيد هاٿي ثابت ٿيا هوا ۽ 20سال اڳ فضائي ڪمپنين ڪنڪارڊ طيارن کي پنهنجي ٻيڙي مان ڪڍي ڇڏيو هو.
بوم سپر سانڪ چيو آهي ته سندس جهازن تي اچڻ وارو خرچ گهٽ ٿيندو. هو پنهنجي جهازن ۾ متبادل توانائيءَ تي هلڻ وارا ٽي يا هڪ ئي جهڙا چار انجن استعمال ڪندا جيڪي ماحول دوست هوندا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي رياست ڊينور ۾ قائم بوم سپر سانڪ ڪمپنيءَ جي جهازن جي فائدن ۽ نقصان جو صحيح اندازو ان وقت ٿيندو جڏهن 2029 ۾ هو پنهنجون پروازون شروع ڪندا.
(هن رپورٽ لاءِ ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)