پنجاب پوليس ٻن ڏينهن کان جاري ڪوششن کان پوءِ به پوليس کي توشا خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گرفتاريءَ جي ناقابل ضمانت وارنٽ جي عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
لاهور ۾ عمران خان جي رهائش گاه زمان پارڪ جي ٻاهران ٻن ڏينهن تائين پوليس ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن جي وچ ۾ شديد جهڙپون جاري رهيون آهن، جنهن دوران ڪيترا ئي اهل ڪار ۽ ڪارڪن زخمي ٿيا آهن. ليڪن هيءُ معاملو اڃان سوڌو موجود آهي. ڇا پوليس عمران خان کي گرفتار ڪندي يا رڳو عدالتي حڪم ان جي حوالي ڪيو ويندو؟
واضح رهي ته اسلام آباد جي مڪاني عدالت توشا خانه ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جي گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا هيا ۽ عدالت عمران خان کي 18 مارچ تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
پوليس جو موقف آهي ته اهي گرفتاريءَ جي وارنٽ متعلق عدالتي حڪم تي عمل ڪري رهي آهي. ليڪن پوليس جي هن ڪاروائيءَ کان پوءِ عوامي حلقن ۾ اها ڳالهه بحث جو موضوع آهي ته گرفتاريءَ جا وارنٽ ٿيندا ڇا آهن؟ ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته عمران خان جو مقدر هاڻي جيل جون سيخون آهن؟ ڇا گرفتاريءَ کان پوءِ عدالت ۾ حاضريءَ کان پوءِ عمران خان کي ضمانت ملي سگهي ٿي؟
قانوني ماهر ٻڌائن ٿا ته گرفتاريءَ جي وارنٽ جو مقصد عمران خان جي عدالت ۾ حاضري يقيني بنائڻ آهي.
وڪيلن چيو آهي ته عمران خان جا هڪ اهڙي ڪيس ۾ ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن جن ۾ عام طور تي صرف سمن جاري ڪرڻ کان پوءِ ڪيس هلايو ويندو آهي. ليڪن عمران خان جي ’ڪنڊڪٽ’ ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان ڪيٻائڻ جي ڪري سندس وارنٽ جاري ٿيا آهن.
قانوني ماهرن مطابق عدالت پوليس کي اها ذمي داري سونپي آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
وڪيلن جو چوڻ آهي ته عمران خان جو رويو جيڪڏهن اهو ئي رهيو ۽ هو عدالتن ۾ باقاعدگيءَ سان پيش نه ٿيو ته هن کي اشتهاري قرار ڏئي سگهجي ٿو جنهن کان پوءِ سندس گرفتاريءَ تي پوليس کيس حراست ۾ رکي سگهندي.
قومي احتساب بيورو (نيب) جي اڳوڻي پرازيڪيوٽر عمران شفيق چيو آهي ته توشا خانه ۾ مدعي اليڪشن ڪميشن آهي جنهن ۾ پهرئين مرحلي ۾ سمن جاري ڪري ملزم کي سڏايو ويندو آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ملزم عدالت ۾ پيش نه ٿئي ته پوءِ ضمانت جي قابل وارنٽ جاري ڪيا ويندا آهن، وري پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ناقابل ضمانت وارنٽ ٿيندا آهن.
عمران شفيق جي مطابق ناقابل ضمانت وارنٽ عدالت جي پاران انتهائي قدم هوندو آهي. عمران خان جي ڪيس ۾ به عدالت ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري پوليس کي پابند ڪيو آهي ته اها مخصوص تاريخ تي عمران خان کي عدالت جي آڏو پيش ڪري.
هن چيو ته عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ عدالت کيس چئي سگهي ٿي ته هو ضمانت جا ڪاغذ جمع ڪرائي ۽ ٻيءَ صورت ۾ ٻن ٽن ڏينهن تائين حراست ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي ۽ ايندڙ تاريخ تي ان کان تازي ضمانت وٺي سگهجي ٿي ته هو ايندڙ تاريخ تي لازمي پيش ٿئي.
عمران شفيق مطابق توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ناقابل ضمانت وارنٽ ڪنهن تفتيش جي لاءِ ناهن بلڪه صرف ۽ صرف عدالت ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي لاءِ آهي.
هن چيو ته عدالت جي پاران عمران خان کي ڏنل سموري استثنيٰ ختم ٿي چڪي آهي، اسلام آباد هائي ڪورٽ به کيس 13 مارچ تي پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو هو، ليڪن عمران خان اهو موقعو به وڃائي ڇڏيو.
رانا ثنا الله جي گرفتاريءَ جا وارنٽ به آهن، ان کي ته گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي؟
عمران خان جي خلاف مختلف مقدمن ۾ پيروي ڪرڻ واري وڪيل اظهر صديق چيو آهي ته توشا خانه ڪيس ۾ پوليس جي بدنيتي ثابت ٿئي ٿي ته هڪ شخص عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، ليڪن ان کي زبردستي حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته عمران خان جي خلاف عدالتي وارنٽ جاري ٿيڻ تي کيس حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ليڪن گهرو معاملن واري وزير رانا ثنا الله جي خلاف به گوجرانواله جي عدالت کان وارنٽ جاري ٿيا آهن ۽ پي ٽي آءِ به سندس گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
هن چيو ته عمران خان جي خلاف ڪو سنگين غداريءَ يا بغاوت جو مقدمو نه هيو. توشا خانه جهڙن مقدمن ۾ عام طور تي گريڊ فور جو ڪو اهل ڪار وارنٽ پهچائيندو آهي، ليڪن عمران خان جي معاملي ۾ ائين نه ڪيو ويو. سندس بقول، ڊي آءِ جي رينڪ جو آفيسر وارنٽ تي عمل درآمد جي لاءِ عمران خان وٽ پهتو، جنهن ڳالهه امن و امان جو مسئلو کڙو ڪيو.
’عمران خان کي اشتهاري به قرار ڏئي سگهجي ٿو’
عمران شفيق چيو ته قانون جي مطابق، هاڻي عمران خان وٽ ڪو آپشن ڪونهي ۽ کيس هر صورت ۾ گرفتار ڪري عدالت جي سامهون پيش ڪرڻ ضروري آهي.
سندس بقول، جيڪڏهن عمران خان گرفتار نه ٿو ٿئي ۽ وقت ملڻ جي باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي ته کيس اشتهاري قرار ڏئي سگهجي ٿو جنهن کان پوءِ ان جي جائدادن کي ضبط ڪرڻ جو مرحلو به شروع ٿي سگهي ٿو.
اڳوڻي پرازيڪيوٽر چيو ته اشتهاري قرار ڏيڻ جي صورت ۾ عمران خان جي لاءِ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڇو ته پوليس وٽ اشتهاريءَ کي گرفتار ڪري حراست ۾ رکڻ جو جواز پيدا ٿي پوندو.
’وارنٽ جو مقصد صرف عدالت ۾ حاضري يقيني بنائڻ آهي’
اسلام آباد جي اڳوڻي اسسٽينٽ ايڊوڪيٽ جنرل، عثمان وڙائچ چيو آهي ته انهن وارنٽس جو مقصد رڳو عمران خان جي عدالت ۾ حاضري يقيني بنائڻ آهي.
هن چيو ته عدالت چاهي ٿي ته ملزم لازمي طور عدالت ۾ پيش ٿئي. انهن وارنٽس جو قطعي طور تي اهو مقصد ناهي ته ڪنهن ملزم کي جيل جي سيخن جي پويان موڪليو وڃي. اهو صرف عدالت ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي لاءِ آهي.
عمران خان جو موقف آهي ته هن جي خلاف مختلف عدالتن ۾ 82 مقدما هلي رهيا آهن جن ۾ سندس وڪيل عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سندس ليگل ٽيم چيو آهي ته عمران خان جي خلاف درج سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)