پاڪستان جي داخله جي وزارت پاران سينئر صحافي ۽ اينڪرپرسن ارشد شريف قتل ڪيس جي سلسلي ۾ قائم ڪيل فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم پنهنجيءَ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ارشد شريف کي ’’باقاعده منصوبه بنديءَ’’ هيٺ قتل ڪيو ويو.
فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم چيو آهي ته ڪينيا ۾ ارشد شريف جي ميزبانن خرم ۽ وقار جو ڪردار ’’اهم ۽ وڌيڪ تحقيق گهري ٿو’’.
فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم 23 آڪٽوبر تي ارشد شريف جي قتل کان اڳ ۽ ان کان پوءِ ڪينيا ۾ ٿيڻ وارن سمورن واقعن، انهن جو سفري رڪارڊ، موبائيل فون ڊيٽا، ڊوائسز، واٽس ايپ ۽ اي ميل جي باري ۾ به سموري معلومات رپورٽ ۾ شامل ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل 592 صفحن تي مشتمل فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ارشد شريف کي منصوبه بنديءَ تحت قتل ڪيو ويو هو. مقدمن جي ڪري صحافيءَ کي پاڪستان ڇڏڻ ۽ وري بعد ۾ دبئيءَ کان نڪرڻ تي به مجبور ڪيو ويو.
حڪومت جي پاران ڪينيا موڪليل فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم ۾ وفاقي تفتيشي اداري (ايف آئي اي) جو ڊائريڪٽر اطهر وحيد ۽ انٽيلي جينس بيورو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل عمر شاهد حامد شامل هيا. ٻنهين عمل دارن ڪينيا ۾ ارشد شريف جي قتل جي محرڪات ۽ ان جي ميزبانن کان سوال پڇڻ کان سواءِ ڪينيا جي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪيون.
رپورٽ جي مطابق ڪينيا جي جنرل سروس يونٽ (جي ايس يو) جي چئن پوليس آفيسرن ۽ جي ايس يو ٽريننگ ڪيمپ کي ڪنهن دٻاءَ يا وري مالي ڏيوٺ هيٺ استعمال ڪيو ويو.
ان ۾ چيو ويو آهي ته ڪينيا جي پوليس تحقيقات ۾ ڪا مدد نه ڪئي، ليڪن ڪيس ۾ ڪيترن ئي غير ملڪين جي ڪردار کي ’’اهميت جو حامل’’ قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف کي ويزا ليٽر موڪلڻ وارو وقار احمد ڪاميٽيءَ جي سوالن جو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو، جڏهن ته گاڏي هلائڻ واري وقار جي ڀاءُ خرم ۽ ڪينيا جي پوليس آفيسرن جا بيان ڀرپور نموني هڪ ٻئي سان ٽڪرائن ٿا.
ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ارشد شريف کي چيلهه تي گولي هنئين وئي پر سيٽ تي گوليءَ جو ڪو نشان ڪونهي. اها ڳالهه هن واقعي کي شڪ ۾ وجهي ٿي. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ مان هن تاثر کي هٿي ملي ٿي ته قتل کان اڳ ارشد شريف کي تشدد جو نشانو بنايو ويو.
ارشد شريف کي ڌمڪيون
فيڪٽ فائنڊنگ ۾ٻڌايو ويو آهي ته ارشد شريف کي ڪنهن ڌمڪيون ڏنيون ان باري ۾ ثبوت نه ملي سگهيو آهي. ان جي خلاف پاڪستان ۾ 16 مقدمه درج ڪيا ويا ۽ صرف ٽي مدعي سامهون آيا.
هڪ ڏينهن ۾ ٽي ٽي ايف آئي آر درج ڪيا ويا، ڊپ ان ڳالهه جو آهي ته مقدمي جي داخل ڪرڻ ۾ قانوني طريقن کي پورو نه ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڪراچيءَ جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ايس ايڇ او ’ايس ايس پي’ ملير جي چوڻ تي پاڪستان جي خفيه ايجنسي، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي ايس آئي) جي دفتر ۾ وڃي ٽن آفيسرن سان ملاقات ڪئي جن جي چوڻ تي ارشد شريف، عماد يوسف ۽ سلمان اقبال جي خلاف مقدمو درج ڪيو ويو.
فيڪٽ فائنڊنگ جو گهڻو حصو ماڻهن سان ڪيل انٽرويوز تي مشتمل آهي، جڏهن ته هن ڪيس ۾ استعمال ۾ آيل گاڏي، نقشا، ڪرائيم سين، قتل ڪيس ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار، بيلسٽڪ رپورٽ، ارشد شريف جي موبائيل فون، ڊوائسز، واٽس ايپ ۽ اي ميل جو جائزو به رپورٽ جو حصو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ارشد شريف کي 20 جون 2022 تي متحده عرب امارات جو ويزو مليو.
اهو ويزو 18 آگسٽ 2022 تائين ڪارگر هيو. دبئي مان ارشد شريف ڪينيا ويو ته سندس ويزا ۾ 20 ڏينهن باقي هيا.
ارشد شريف نئين ويزا جي لاءِ 12 آڪٽوبر 2022 تي ٻيهر رابطو ڪيو ليڪن سندس ان درخواست کي رد ڪيو ويو هو.
چيلهه تي گولي لڳي، سيٽ تي ڪو نشان ڪونهي
رپورٽ ۾ فائر ڪيل گولين جي ٽريجيڪٽري (يعني گولي ڪيڏانهن کان آئي) کي به بيان ڪيو ويو آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف جي سيني ۾ لڳڻ واري گوليءَ جي ٽريجيڪٽري ’فائرنگ پيٽرن’ سان نٿي ملي.
ارشد شريف کي هڪ گولي چيلهه جي مٿئين حصي ۾ لڳي. گولي ڪلهن کان تقريبا 6 کان 8 انچ هيٺ لڳي جيڪا سيني جي پاسي کان ٻاهر نڪتي. ان زخم منجهان هي اخذ ڪرڻ مشڪل ڪونهي ته گولي ويجهي کان هنئين وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنهن طرف کان گولي هلي ان جي نتيجي ۾ گاڏيءَ جي سيٽ ۾ به سوراخ هجي ها.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)