رسائی کے لنکس

ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت کي پنجن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو


محمد رضوان (فائيل فوٽو)
محمد رضوان (فائيل فوٽو)

آچر ڏينهن دبئيءَ ۾ دلچسپ اننگز کيڏندي، ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان ڀارت کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ان کان اڳ ڀارت شاندار اننگز ۾ 181 رنز ٺاهيون، ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 182 جو اسڪور ڏنو.

پنهنجي اننگز ۾ پاڪستان جي طرفان محمد نواز ۽ رضوان جي عمده ساٿ ۽ خوشدل ۽ آصف جي جارحانه بيٽنگ پنهنجو رنگ ڏيکاريو. دراصل پاڪستان جي پاور هٽرز جي لاءِ، محمد رضوان ۽ محمد نواز سٺو بنياد فراهم ڪيو.

ڪيترا ڀيرا ميچ هٿان ويندي نظر آئي، ليڪن پاڪستاني بيٽس مين آّخر تائين دٻاءَ ۾ نه آيا ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي 182 رنز جو هدف حاصل ڪري هي اهم ميچ کٽي ورتو.

پاڪستاني بيٽنگ جي دوران ميچ ڪيترن ئي سنسني خيزمرحلن مان گزريو.

راند جي پڄاڻيءَ وقت ٻه بال ۽ ٻه رنسون باقي هيون جڏهن آخري اوور جي پنجين بال تي افتخار ٻه رنسون ٺاهي پاڪستان کي فتح ڏياري.

محمد نواز کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جنهن پاڪستان جي ٽيم کي گهربل سهارو ڏنو.

ان کان اڳ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن جو ڀارتي اوپنرز ڀرپور فائدو ورتو. ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ ايل راهول شروعاتي اوورن ۾ تمام گهڻيون رنسون اسڪور ڪيون. ٻنهين اوپنرز وڪيٽ جي ٻنهين پاسي اسٽروڪس کيڏي پهرين پنجن اوورز ۾ 50 رنز اسڪور ڪيون.

ليڪن پهرين روهت شرما ۽ پوءِ راهول 28، 28رنز اسڪور ڪري سگهيا، جنهن کان پوءِ صرف ويراٽ ڪوهليءَ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ چئن چئونڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 60 رنسون ٺاهيون. ڀارت پاران ڪوهليءَ کان سواءِ ڪنهن به بيٽسمين ٽيهن کا وڌيڪ رنسون نه ٺاهي سگهيون.

جيڪڏهن پوانٽس جي ٽيبل تي نظر وڌي وڃي ته سڀني ٽيمن هڪ هڪ ميچ کيڏي آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سري لنڪا کي ڪاميابي ۽ ڀارت ۽ افغانستان کي ناڪامي ڏسڻي پئي.

سپر فور جي پهرئين ميچ ۾ ڇنڇر ڏينهن سري لنڪا افغانستان کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته آچر ڏينهن پاڪستان ٻئي سپر فور چٽاڀيٽيءَ ۾ ڀارت کي پنجن وڪيٽن تان هارايو.

اهڙيءَ ريت سري لنڪا ۽ پاڪستان جي پوائنٽن جو تعداد ٻه ٻه آهي.بهترراند جي ريٽ جي بنياد تي سري لنڪا جي ٽيم پهرئين جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم ٻئي نمبر تي آهي.

ايشيا سپر فور جو اڳيون ميچ هاڻي ڇهين سيپٽمبر تي سري لنڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيمون ستين سيپٽمبر تي شارجا جي ميدان تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هونديون.

اٺين سيپٽمبر تي دبئيءَ ۾ ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون پنهنجو آخري سپر فور ميچ کيڏنديون، جڏهن ته پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ اهم ميچ نائين سيپٽمبر تي دبئيءَ ۾ ٿيندو.

سپر فور مرحلي جي پڄاڻيءَ تي پوائنٽس ٽيبل تي جيڪي ٽيمون پهرين ٻن پوزيشنن تي هونديون اهي ئي فائنل کيڏنديون.

XS
SM
MD
LG