رسائی کے لنکس

ڇا پاڪستان آڪٽوبر ۾ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري سگهندو؟


دهشت گردن جي مالي مدد کي روڪڻ جي اداري، فائننشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جو وفد پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري تازو واپس روانو ٿي ويو آهي. دوري جو مقصد مني لانڊرنگ ۽ ٽرر فائنانسنگ روڪڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان پاران کنئيل اقدامات جو جائزو وٺڻ هو.

ايف اي ٽي ايف جون ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان جي طرفان مني لانڊرنگ ۽ دهشت گردن جي مالي معاونت جي تدارڪ جي لاءِ ايڪشن پلان کي مڪمل قرار ڏيندي پنهنجي جائزه مشن کي اسلام آباد موڪلڻ جي اعلان ڪيو هو.

عالمي اداري جي هن اعلان مطابق، جائزه مشن هلندڙ مهيني ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ کنئيل اقدامات ۽ مستقبل ۾ ان جي عمل درآمد ۾ سندس صلاحيت جو جائزو ورتو.

جائزه مشن نوٽ ڪيو ته مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشت گرديءَ جي اهداف جي ماليت جي باري ۾ اگرچه هن دوري ۾ باقاعده طور تي ڪو بيان سامهون نه آيو آهي، ليڪن انگريزي روزمانه ’ڊان’ ۾ ڇپيل خبر مطابق معاونت سان نبرڻ جي 11 منجهان 10 هدفن تي پاڪستان جي عمل درآمد جي سطح گهٽ رهي آهي، جڏهن ته ملڪ 40 منجهان 38 ٽيڪنيڪي سفارشن جي تعميل ڪري چڪو آهي.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي علي فرقان ان حوالي سان تازو ايف اي ٽي ايف جي ايشيا پيسيفڪ گروپ سان رابطو ڪيو، ليڪن سندس طرفان ڪا معلومات دستياب نه ٿي سگهي.

مڪاني ميڊيا ۾ شائع ٿيڻ وارين خبرن جي باري ۾ پاڪستاني عمل دارن جو موقف آهي ته ايف اي ٽي ايف پنهنجن مقرر ڪيل اهداف تي عمل درآمد کي تسلي بخش قرارڏنو آهي۽ اسلام آباد اچڻ واري وفد جي طرفان اهڙو ڪو اعتراض سامهون ناهي آيو.

ايف اي ٽي ايف اهداف تي عمل درمد جي لاءِ قائم فيڊرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊاڪٽر ليني فاروق جو چوڻ آهي ته اسلام آباد اچڻ واري وفد پيرس ۾ پنهنجي هيڊ ڪوارٽرز ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آهي. ان ڪري، ان کان اڳ جنهن رپورٽ جو حوالو ڏنو پيو وڃي ٿي سگهي ٿو ته اها پراڻي رپورٽ هجي.

ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪي ۽ سفارت ڪاري جي سطح تي ايف اي ٽي ايف اهداف تي عمل درآمد جي حوالي سان پاڪستان دنيا کي قائل ڪيو آهي ان ڪري پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ بظاهر ڪا رڪاوٽ ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي.

انسٽي ٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز سان منسلڪ دفاعي تجزيه ڪار برگيڊيئر (ر) سعد نذير چيو آهي ته پاڪستان جي اهداف ۽ عمل درآمد جي حوالي سان سڀئي انگ اکر مثبت آهن. پرڏيهي معاملن جي آفيس کان وٺي اسٽيٽ بينڪ تائين سمورا ادارا پراميد آهن ته پاڪستان کي گري لسٽ منجهان ٻاهر ڪڍيو ويندو. افغان طالبان جي دعون کان برعڪس افعان سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جون ڪاروايون وڌي رهيون آهن. ان جو سبب اهو آهي ته افغان طالبان جي سڄي افغانستان تي عمل داري ڪانهي.

هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ داعش افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندي پاڪستان تي حملا ڪري رهيا آهن. ان ڪري دهشت گرديءَ کان متاثر ملڪ سان همدردي هئڻ کپي نه ڪي ان تي پابنديون لڳايون وڃن.

سعد نذير چيو ته هن وقت پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات ۾ به بهتري آئي آهي ۽ ايف اي ٽي ايف پاڻ چئي چڪو آهي ته هاڻي راه هموار ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان نه صرف تڪنيڪي بلڪه سفارتي حمايت به حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ايف اي ٽي ايف پاڻ چئي چڪو آهي ته اسلام آباد سمورا اهداف مڪمل ڪري ڇڏيا آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي آڪٽوبر ۾ گري لسٽ مان نه ٿو ٻاهر ڪڍيو وڃي ته اها ڳالهه ان کي ڀت سان لڳائڻ برابر ٿيندي ۽ وڌيڪ اقدمات کڻڻ پاڪستان جي وس جي ڳالهه نه رهندي.

معاشي معاملن جي تجزيه نگار، فرخ سليم چيو آهي ته دهشت گردي جا وڌندڙ واقعات جو اثر ايف اي ٽي ايف تي نه ٿو پوي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف 2018 ۽ 2021 جي دوران پاڪستان کي 34 نڪات تي مشمل ’پلان آف ايڪشن’ ڏنو هو، جنهن تي پوريءَ ريت عمل ڪيو ويو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف دهشت گردن جي مدد روڪڻ جي لاءِ چئن قسمن جا قدم کڻڻ چاهي ٿو قانون سازي، ان تي عمل درآمد جي لاءِ ادارا، مقدمات ۽ سزائون. هن چيو ته پاڪستان پهرين ٽن معاملن تي ته گهڻو اڳ عمل درآمد ڪيو آهي، ۽ چوٿين نڪتي تي يعني سزائون ٻڌائڻ جي سلسلي ۾ به ڪافي پيش رفت ڏيکاري آهي.

خيال رهي ته پاڪستان 2018 کان وٺي ايف اي ٽي ايف جي نگرانيءَ جي فهرست ۾ آهي ۽ پاڪستان جي سياسي قيادت اهو چوندي رهي آهي ته عالمي تنّظيم جي ايڪشن پلان تي عمل ڪيو ويو آهي.

XS
SM
MD
LG