رسائی کے لنکس

عمران خان جي گرفتاريءَ جا وارنٽ معطل


عمران خان (فائيل فوٽو)
عمران خان (فائيل فوٽو)

بلوچستان هائي ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ جا وارنٽ منسوخ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪوئٽا پوليس اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاريءَ جي لاءِ لاهور ۾ موجود آهي.

ڪوئٽا مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي مرتضيٰ زهريءَ مطابق بلوچستان هائي ڪورٽ جمعي ڏينهن جڊيشل ماجسٽريٽ جي پاران عمران خان جي خلاف جاري ڪيل گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ ٻن هفتن تائين معطل ڪري ڇڏيا آهن.

ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي، جسٽس ظهيرالدين ڪاڪڙ ’پي ٽي آءِ’ جي درخواست تي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪئي آهي.

ڪوئٽا جي جڊيشل ماجسٽريٽ خميص ڏينهن ادارن جي خلاف مبينه غلط الزام لڳائڻ جي مقدمي ۾، عمران خان جي خلاف گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا هيا.

گرفتاريءَ جي وارنٽ تي عمل درآمد جي سلسلي ۾ ڪوئٽا پوليس لاهور ۾ موجود آهي.

لاهور مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي ضيا الرحمان مطابق، ايس پي سٽي ڪوئٽا محمد نديم جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي هڪ ٽيم عمران خان جي گرفتاريءَ جي وارنٽ سميت لاهور ۾ موجود آهي. ان پوليس ٽيم ۾ هڪ ڊي ايس پي، هڪ سب انسپيڪٽر، ٻه گارڊ ۽ هڪ ڊرائيور شامل آهن.

تازو ’پي ٽي آءِ’ جي چيئرمين انهن خدشن جو اظهار ڪيو هو ته کيس گرفتار ڪري بلوچستان نيون ويندو ته جيئن سندس جماعت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي چونڊن کان پاسي ٿي وڃي.

عمران خان خميص تي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته حڪومت جو خيال آهي ته کيس گرفتار ڪرڻ سان هو انتخابي مهم نه هلائي سگهندو ۽ آهستي آهستي تحريڪ انصاف به ختم ٿي ويندي. ليڪن، سندس بقول، حقيقي آزاديءَ جي جنگ ۾ به عوام جو مستقبل آهي.

واضح رهي ته عمران خان جي خلاف ملڪ جي مختلف حصن ۾ دهشت گرديءَ سميت ڪيترا ئي مقدما درج آهن جڏهن ته ٻيا عدالتن ۾ زير التوا آهن جن ۾ هو ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي.

XS
SM
MD
LG