روس آمريڪي صحافي ايون گيرشڪووچ کي جاسوسيءَ جي الزام ۾ قيد ڪري رکيو آهي. صدر جو بائيڊن اڱاري ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي ان گرفتاريءَ کي ’’حدون اورانگهڻ جي برابر’’ قرار ڏنو آهي.
بائيڊن اهو تبصرو ناردرن آئرلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري جي لاءِ رواني ٿيڻ کان اڳ واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ’وال اسٽريٽ جرنل’ جي نمائندي کي قيد ڪرڻ مڪمل طور تي غير قانوني آهي.
آمريڪي صدر چيو ته هن سومر ڏينهن گيرشڪووچ جي ڪٽمب سان رابطي جي ڪوشش ڪئي هئي، ليڪن هو ناڪام رهيو ۽ هاڻي هو هوائي جهاز مان ڳالهائڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪندو.
سومر جي ڏينهن پرڏيهي محڪمي باضابطه طور تي ٻڌايو ته رپورٽر کي غلط طريقي سان حراست ۾ ورتو ويو آهي.
روس ۾ تعينات ’وال اسٽريٽ جرنل’ جي تجزيه ڪار رپورٽر گيرشڪووچ کي ماسڪو کان لڳ ڀڳ 1800 ڪلوميٽر (1100 ميل) اوڀر پاسي بڪاترنيرگ ۾ حراست ۾ رکيو ويو آهي.
روسي خبرن جي اداري جمعي ڏينهن چيو ته ان تي جاسوسيءَ جو الزام مڙهيو ويو آهي، جنهن الزام جي گيرشڪووچ ۽ سندس اخبار ترديد ڪئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي سومر تي باقاعده طور تي چيو ته ’وال اسٽريٽ جرنل’ جي رپورٽر ايون گيرشڪووچ کي روسي سيڪيورٽي سروسز گزريل مهيني غلط طريقي سان حراست ۾ ورتو ۽ سندس آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت روس تي دٻاءُ وجهڻ جي وڏي مهم جي شروعات ڪئي آهي.
هاڻي هيءُ معاملو پرڏيهي محڪمي جي ان شعبي سان لاڳاپيل آهي جنهن کي يرغمالي ناتن جي لاءِ خصوصي صدارتي ايلچيءَ جي دفتر جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي. هاڻي هيءُ ڪيس يرغمالين جي لاءِ خصوصي ايلچي، راجر ڪارسٽينس ڏانهن موڪليو ويو آهي.
ان شعبي جو ڌيان يرغمالين ۽ ٻين آمريڪين جي رهائيءِ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه تي ٽڪيل رهندو آهي جن کي غير ملڪن ۾ غلط طور تي حراست ۾ ورتو ويندو آهي.
(هن خبر جو مواد اي ايف پيءَ تان ورتو ويو آهي)