صدر جو بائيڊن اربع ڏينهن آمريڪا ۾ شاگردن جي قرضن جي معافيءَ جي منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن کان سواءِ ان اعلان ۾ قرضن جي ادائگيءَ ۾ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِگهربل قدم کنيان ويا آهن.
خبرون جاري ڪرڻ واري اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، اهي مقروض ماڻهو جن جي انفرادي آمدني هڪ لک 25 هزار ڊالر سالانه کان گهٽ آهي، يا اهڙا خاندان جن جي مجموعي آمدني سالانه اڍائي لک ڊالر کان گهٽ آهي انهن جي خاندان ۾ تعليم جي لاءِ قرض منجهان 10 هزار ڊالر معاف ڪيا ويندا، جڏهن ته اهڙا ضرورتمند شاگرد جن کي پيل گرانٽس جي اسڪالرشپ ملي هئي، انهن کي فيڊرل لون منجهان حڪومت وڌيڪ 10 هزار ڊالر معاف ڪندي.
واضح رهي ته صدر بائيڊن پنهنجي انتخابي مهم دوران شاگردن جي قرضن منجهان 10 هزار ڊالر تائين معاف ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو. پر ان سلسلي ۾ اعلان ۾ دير انهن چيلنجن جي نشاندهي ڪري ٿي جيڪي کيس پنهنجي وعدي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ سامهون هيا.
وائيٽ هائوس ۾ اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي، صدر چيو ته هي ٻئي قدم انهن خاندانن جي لاءِ آهن جيڪي ضرورتمند آهن. هن چيو ته مزدور طبقو ۽ وچولي درجي وارا وبا جي دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا.
بائيڊن 2022 جي پوري ٿيڻ تائين شاگردن جي قرضن جي قسطن جي ادائگي به روڪي ڇڏي آهي.
جيڪڏهن هي منصوبو پيش ايندڙ سمورن قانوني چيلنجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته آمريڪا ۾ نومبر ۾ ٿيڻ وارين وسط مدتي چونڊن دوران اهو اعلان وڏي اهميت اختيار ڪري ويندو.
آمريڪا ۾ طالب علمن جو وفاقي قرض هينئر هڪ اعشاريه 6 ٽريلين (16 کرب) ڊالر تائين پهچي چڪو آهي.
تازن وفاقي انگن اکرن مطابق، چار ڪروڙ 30 لکن کان وڌيڪ آمريڪي اسٽوڊنٽ لون جي معاملي ۾ وفاق جا قرض دار آهن، جن منجهان تقريبا ٽئين حصي جو قرض 10،000 ڊالر کان گهٽ ۽ قرض وٺندڙن مان اڌ جي برابر اهڙا قرضدار آهن جن تي 20،000 ڊالر کان گهٽ قرض چڙهيل آهي.
وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته بائيڊن جي منصوبي جي تحت ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ شخصن تي شاگردن وارو قرض ختم ٿي ويندو.
ريپبلڪن نيشنل ڪاميٽيءَ اڱاري ڏينهن بائيڊن جي اعلان کي اميرن جي لاءِ هينڊآئوٽ قرار ڏيندي تنقيد ڪئي ۽ دعوي ڪئي ته ان سان گهٽ آمدنيءَ وارن ٽيڪس ڀريندڙن ۽ انهن ماڻهن تي غير منصفانه طور تي ٻوجهه پوندو جيڪي اڳ ۾ اهي قرض ادا ڪري چڪا آهن جيڪي انهن اعلي تعليم جي لاءِ حاصل ڪيا هيا.
سينيٽ ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي ليڊر، مچ ميڪ ڪونيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صدر بائيڊن جي پيدا ڪيل مهانگائي پهريان ئي مزدور خاندانن کي متاثر ڪري چڪي آهي ۽ ان جو حل اهو آهي ته وڌيڪ پگهار ملندڙ ماڻهن کي وڌيڪ حڪومتي رقمن سان نوازيو وڃي. هن الزام مڙهيو ته ڊيموڪريٽ پارٽي مزدور خاندانن جي پيسي کي استعمال ڪري پنهنجي سياسي حامين کي خوش ڪري رهي آهي.
ڪرونا وائرس جي عالمي وبا دوران آمريڪي انتظاميا قرض داران جي سهولت لاءِ قسطن جي ادائگيءَ کي 31 آگسٽ تائين منجمد ڪري ڇڏيو هو، جيڪا تاريخ هاڻي ويجهي اچي چڪي آهي جنهن کان پوءِ قرض جي قسطن جي ادائگي ٻيهر شروع ٿيندي.
(هن رپورٽ جي لاءِ مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)