ڪرسمس جي موقعي تي صدر جو بائيڊن آمريڪي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، ۽ مبارڪون ڏيندي اتحاد، غور، فڪر ۽ همدرديءَ جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
ان ڏڻ تي صدر جو وائيٽ هائوس جو خطاب هميشه تمام گهڻو اهم هوندو آهي.
هن چيو ته جيئن اسان پوئين ڪجهه سالن دوران اهڙيءَ صورت حال مان گزريا آهيون. وبا اسان سڀني کان گهڻو ڪجهه کسيو آهي. اسان جا ڪيترا ئي پيارا گزاري ويا آهن. اهي جن سان اسان پيار ڪندا هياسين. صرف آمريڪا ۾ ڏهن لکن کان وڌيڪ جانن جو نقصان ٿيو. سڄي ملڪ ۾ دليون ۽ گهر ٽٽي ۽ اجڙي رهيا هيا.
ڪرسمس جي پيغام ۾ صدر بائيڊن قوم کي اميد ۽ اتحاد جو پيغام ڏنو.
صدر چيو ته کيس اميد آهي ته عام موڪل جي هن موسم ۾ ان زهر کي ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو جنهن اسان جي سياست کي گرو ۽ گندو ڪيو آهي ۽ اسان ۾ هڪ ٻئي جي خلاف ويڇا وڌا آهن. اميد آهي ته هي ڪرسمس اسان جي قوم جي لاءِ هڪ نئين شروعات ثابت ٿيندو ڇو ته بطور آمريڪي اسان ۾ ويجهي ٿيڻ جي چڻنگ تمام گهڻي آهي، گهڻو ڪجهه آهي جيڪو اسان کي ورهائڻ کان وڌيڪ متحد ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته اسان جي سياست ويڙهاند واري ۽ ڪريل ٿي چڪي آهي ۽ اسان گهڻو ڪري هڪ ٻئي کي دشمن طور ڏسڻ لڳا آهيون. ڊيموڪريٽڪ يا ري پبلڪن جي طور تي اسان سڀئي تمام گهڻو ورهائجي چڪا آهيون.
پنهنجي پيغام ۾ صدر وڌيڪ چيو ته حالانڪه اسان تمام گهڻو مشڪل وقت گزاري چڪا آهيون، ليڪن اسان حالتن تي ٿوري نگاهه وجهئون ته اسان کي ملڪ ۾ ڪيترا ئي روشن پهلو نظر ايندا ۽ اهي طاقت، عزم ۽ لچڪ جو مظاهرو آهي جيڪو هڪ عرصي کان وٺي آمريڪا جي سڃاڻپ رهي آهي. اسان يقيني طور تي پيش رفت ڏانهن وڌي رهيا آهيون.
صدر چيو ته حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. ڪووڊ هاڻي اسان جي زندگين کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري. اسان جا ٻار اسڪول وڃڻ شروع ٿي ويا آهن. ماڻهو واپس ڪم تي لڳي ويا آهن. ان ڪري، ڪرسمس سيزن ۾ مون کي اميد آهي ته اسان ڪجهه لمحا پرسڪون ٿي غور ڪنداسين ۽ ڪرسمس جي روح کي سمجهندي هڪ ٻئي کي ڊيموڪريٽ يا ريپبلڪن يا ڳاڙهي يا نيلي ٽيم جي طور تي نه بلڪه حقيقت ۾ هڪ ٻئي کي اهڙيءَ ريت ڏسئون جيڪي اسان اصل ۾ آهيون.
پنهنجي ذاتي صدمن جو حوالو ڏيندي، بائيڊن اها ڳالهه مڃي ته موڪلن جي مند آمريڪين جي لاءِ گهڻي ڏک ۽ ڊيڄاريندڙ اڪيلائپ جو وقت به ثابت ٿيندو آهي.
هن چيو ته پنجاه سال اڳ هن ئي هفتي هن پنهنجي پهرين گهر واري، نيليا ۽ نئين ڄاول نياڻيءَ، نومي کي ان وقت ڪار حادثي ۾ وڃايو هو جڏهن سندس خاندان ’ڪرسمس ٽري’ جي خريداري ڪري رهيو هو.
صدر بائيڊن چيو ته مان گهڻو عرصو اڳ جيڪو سکيو آهي اهو هيءُ آهي ته ڪڏهن به ڪو نه ٿو ڄاڻي سگهي ته ڪنهن ٻئي تي ڇا گزري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن ڪڏهن هڪ ننڍڙي نيڪي به تمام گهڻي معني رکندي آهي، هڪ سادي کل، ڪنهن کي ڳلي لڳائڻ، هڪ غير متوقع فون ڪال، ڪافيءَ جو هڪ پرخلوص پيالو، همدرديءَ جا ٻه ٻول اهڙا سادا طريقا آهن جيڪي ڪنهن جي چهري تي مرڪ آڻي سگهن ٿا، سڪون فراهم ڪري سگهن ٿا ۽ شايد ڪنهن جي زندگي بچائي سگهن ٿا.
صدر چيو ته اسان واقعي خوش نصيب آهيون جو اسان هن ملڪ جا رهواسي آهيون ۽ مون کي واقعي اها اميد آهي ته اسان هڪ ٻئي کي ڏسڻ جي لاءِ نه بلڪه هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ جي لاءِ ڪجهه وقت ڪڍنداسين.
هن چيو ته اچو ته ڪرسمس جي موقعي تي ٿوري ئي سهي، مهربانيءَ جو هڪ مجموعي احساس ۽ سلوڪ عام ڪريون.
(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)