آمريڪي صدر جو بائيڊن گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسمبليءَ جي ستهتروين سالانه اجلاس کي خطاب ڪندي يوڪرين تي روس جي حملي کي ’’شرمناڪ’’ قرار ڏيندي، ان کي اقوام متحده جي چارٽر جي خلاف ورزي قرار ڏنو.
بائيڊن پنهنجي خطاب ۾ ٻوڏ جو حوالو ڏيندي ماحولياتي تغير ۽ ان جي انساني قيمت کي به اجاگر ڪيو ۽ جاري تنازعن جي سفارتڪاريءَ جي ذريعي حل ۽ انساني حقن جي پاسداريءَ جي عهد کي ورجايو.
اربع ڏينهن اقوام متحده جي جنرل اسمبليءَ کي خطاب ۾ صدر بائيڊن ماحولياتي چيلنجن سان نبرڻ جي آمريڪي عزم کي ورجائيندي پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي اچڻ واري سيلاب جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته ملڪ جو ڪافي حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي. صدر بائيڊن چيو ته ماحوليات جي تبديلين جي ڪري ئي آفريڪا جي ڪن ملڪن ۾خشڪ سالي ۽ ڏڪار منهن ڪڍيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي.
صدر پنهنجي ٽيهن منٽن جي خطاب ۾ يوڪرين تي روسي جارحيت ۽ يوڪريني عوام جي هلاڪتن، سندن اذيت ۽ مشڪلات کان علاوه، عالمي سطح تي خوراڪ جي ڪمي، توانائيءِ ۽ ڪيميائي ڀاڻ جي کوٽ، مهانگائي، صحت عامه جي مسئلن، ڪووڊ 19 جي صورت حال، سيڙپ، ٽيڪنالاجيءَ جو اوسر ۽ بين الاقوامي اعتماد سازي ۽ تعاون کان سواءِ گڏيل قومن جي اداري جي اصولن ۽ مشن کي سر بلند رکڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت جي اهميت اجاگر ڪئي.
يوڪرين جي باري ۾ بائيڊن چيو ته روس ’’کلي جارحيت ’’جو مظاهرو ڪندي يوڪرين تي نه صرف حملو ڪيو ۽ ملڪ جي تباهيءَ جو ذمه دار بڻيو بلڪه تازو هن ان شرمناڪ ڪوشش جو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته ٻين ملڪن جي سرزمين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ريفرينڊم ڪيو ويندو. ان ڪم جي لاءِ هو وڌيدڪ فوج ڀرتي ڪري رهيو آهي ته جيئن ان تنازعي کي اڃان وڌايو وڃي، جڏهن ته اها سندس ذمه داري آهي ته يوڪرين جي تنازعي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
هن چيو ته عالمي اداري جي 141 ملڪن اڳ ۾ ئي قرارداد منظور ڪندي، روسي جارحيت جي مذمت ڪئي، ۽ ان يوڪرين تي حملي کي گڏيل قومن جي اداري جي چارٽر جي ڀڃ ڪڙي قرار ڏنو آهي.
بائيڊن بين الاقوامي برادريءَ کي ياد ڏياريو ته 24 فيبروريءَ کان گهڻو اڳ، آمريڪا آواز بلند ڪندو رهيو ته روس جا عزائم درست ڪونهن.هن چيو ته روس نه صرف يوڪرين جي خلاج جنگ جوٽي بلڪه ان کي نيست و نابود ڪرڻ جي عزائم جو کليل نموني اظهار به ڪيو. ان حوالي سان، بائيڊن روسي صدر پوٽن جي ان بيان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ پوٽن چيو هو ته يوڪرين روس جي ئي رياست رهيو آهي ۽ ڪڏهن به آزاد ملڪ نه هيو.
صدر بائيڊن ياد ڏياريو ته اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ آمريڪا نه صرف ’پيرس معاهدي’ ۾ واپسيءَ جو اعلان ڪيو بلڪه ڪيل سمورن وعدن جي آبياريءَ لاءِ ۽ ان انسان ذات جي ڪم جي پوئواريءَ ۾ حصيدار ٿيڻ جي عهد کي ورجايو.
هن چيو ته آمريڪا موسمياتي تبديليءَ جي معاهدي تي عمل درآمد يقيني بنائڻ لاءِهڪ طويل مدتي منصوبي جو اعلان ڪيو جنهن جو مقصد گرين هائوس گيس جي اخراج ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ عملي اقدامات کڻڻ آهي. ان ۾ صاف توانائي ۽ ڪلين ٽيڪنالاجيءَ کي فروغ ڏيڻ شامل آهي.
پنهنجي خطاب ۾ بائيڊن يوڪرين، خوراڪ جي تحفظ ۽ عالمي صحت جو خصوصي طور تي تفصيلي ذڪر ڪيو. بائيڊن چيو ته آمريڪا يوڪرين جي وڏي پيماني تي سيڪيورٽي، انساني همدرديءَ جي بنياد تي ۽ براه راست اقتصادي امداد فراهم ڪئي آهي. اڄ تائين آمريڪا 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد ڏئي چڪو آهي. اسان جي اتحادين ۽ سموري دنيا جي ساٿين يوڪرين جي مدد جي لاءِڪم ۾ اڳتي وڌي حصو ورتو آهي.
صدر بائيڊن چيو ته دنيا جي 11 ڪروڙ 90 لک ماڻهن کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ يونيسيف جي مدد سان ٻارن جي امداد جو ڪم جاري آهي، جنهن ڪم ۾ 100 ملڪ حصو وٺي رهيا آهن.
صدر واضح ڪيو ته يوڪرين جي خلاف جارحيت جي جواب ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين روس خلاف تعزيرات عائد ڪيون آهن، ليڪن روسي خوراڪ يا ڪيميائي ڀاڻ تي ڪا بندش لاڳو نه ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته اهو روس ئي آهي جنهن هڪ تنازعو کڙو ڪيو، بحر اسود ۾ آمد و رفت کي بند ڪرڻ جو سبب بڻيو۽ سپلائي لائين ۾ رنڊڪ وڌي، ۽ هاڻي اها سندس ذمه داري آهي تو روس ان تنازعي کي ختم ڪري.
بائيڊن چيو ته اربع جي ڏينهن ئي ايڊز، ٽي بي ۽ مليريا متعلق هڪ اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي جنهن تي ڪنٽرول جي فنڊ ۾ آمريڪا 6 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، جنهن منجهان اڳ ۾ ئي ٻه ارب ڊالرڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ان ڪم جي لاءِ عالمي سطح تي 18 ارب ڊالر گهربل آهن.
بائيڊن روس تي جوهري هٿيارن جي ’’غير محتاط’’ ۽ ’’غير ذمه دارانه ڌمڪيون’’ ڏيڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته روس يوڪرين تي حملو ڪري اقوام متحده جي رڪنيت جي بنيادي اصولن جي خلاف ورزي ڪئي آهي.
صدر بائيڊن برما، چين، ايران ۽ افغانستان سميت دنيا جي انساني حقن ۽ جمهورت جي صورت حال جو به تذڪرو ڪيو. هن چيو ته آمريڪا ملڪ ۽ دنيا ۾ جمهوريت جي دفاع جي معاملي تي پرعزم آهي.
ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، بائيڊن چيو ته دنيا جي هر حصي ۾ بنيادي آزادين کي خطرو درپيش آهي. انسانيت جي خلاف ڏوهن جي باري ۾، بائيڊن گڏيل قومن جي اداري جي انساني حقن جي دفتر جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي مغربي علائقي ۾ ايغورن ۽ ٻي وڏي تعداد ۾ مسلمان نسلي گروهن جي خلاف ممڪنه خدشن جو اظهار ڪيو.
بائيڊن ميانمار ۾ فوجي جنتا، افغانستان ڪنٽرول ڪرڻ وارن طالبان ۽ ايران تي به تنقيد ڪئي. ايران جي حوالي سان هن چيو ته آمريڪا ملڪ ۾هلندڙ مظاهرن جي حمايت ڪري ٿو جيڪي تازن ڏينهن دوران 22 ورهن جي هڪ عورت کي خود ساخته اخلاقيات جي پوليس جي هٿان حراست ۾ فوت ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيا آهن.
ايران جي خود ساخته ’گشت ارشاد’ پوليس مطابق، اها خاتون اسلامي لباس جي ضابطي جي خلاف ورزي ڪري رهي هئي. بائيڊن چيو ته اڄ اسان ايران جي بهادر شهرين ۽ بهادر عورتن سان گڏ بيٺا آهيون، جيڪي هن وقت انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ مظاهرا ڪري رهيا آهن.
ان ڏس ۾، هن چيو ته آمريڪا هميشه پنهنجي ملڪ ۽ سڄيءَ دنيا ۾ انساني حقن ۽ گڏيل قومن جي اداري جي آئين مطابق، درج قدرن کي اڳتي وڌائيندو.
صدر بائيڊن دنيا ۾ جوهري هٿيارن جي عدم ڦهلاءَ جي ضرورت تي به زور ڏنو۽ چيو ته جوهري جنگ ڪڏهن ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي. ان ڪري، ان کي وڙهڻ لاءِ استعمال به نه ڪرڻ گهرجي. هن ايران جو حوالو ڏيندي چيو ته ان باري ۾ آمريڪا بالڪل واضح آهي ته ڪڏهن به ايران کي جوهري هٿيار ٺاهڻ نه ڏنو ويندو.
پرڏيهي معاملن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن اڱاري جي ڏينهن جنرل اسمبليءَ جي عمارت کان ٻاهر خوراڪ جي تحفظ جي سربراه اجلاس جي ميزبانيءَ ۾ حصو ورتو.
جمعي ڏينهن اقوام متحده ۾ آمريڪي سفير، لنڊا ٽومس گرين فيلڊ چيو هو ته عالمي سربراه يوڪرين کي نظرانداز نه ڪندا جڏهن ته عام مباحثي دوران ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.