صدر بائيڊن خميص ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ منتعقد ٿيل سربراهي اجلاس ۾ سفيد فام بالادستيءَ جي حامين جي خلاف آواز اٿاريندي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ’’زهريلي سياسي تقسيم’’ کي روڪن. اجلاس جو مقصد آمريڪا ۾ تقسيم ۽ نفرت تي مبني تشدد جو مقابلو ڪرڻ آهي، جنهن جو عنوان ’يونائٽڊ وي اسٽينڊ’ هو. اجلاس ۾ مقامي رهنما، شهري حقن جو ن تنظيمون، ماهر ۽ ڪميونٽي گروپ ڪٺا ٿيا.
وائيٽ هائوس چيو آهي ته هيءَ تقريب انهن ڪميونٽيز جي اعزاز ۾ منعقد ڪئي وئي جيڪي نفرت تي مبني تشدد مان گزريا آهن.
هن قسم جي تشدد ۾ مخصوص گروپن سان واسطو رکندڙ هنڌن کي نشانو بنايو ۽ ان ۾ وڏي پيماني تي فائرنگ جو سلسلو شامل هو. سال 2012 ۾ وسڪونسن ۾ سکن جو گردوارو، 2016 ۾ فلوريڊا ۾ هم جنس پرستن جي هڪ نائيٽ ڪلب تي حملو ۽ 2021 ۾ جارجيا ۾ ايشين اسپاز، 2019 ۾ ٽيڪساس جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ ميڪسيڪو جي ماڻهن کي نشانو بنائڻ واري فائرنگ ۽ مئي ۾ نيو ياڪ جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ سياه فام ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ.
هن سربراه اجلاس ۾ ڳالهائيندي نائب صدر ڪاملا هيرس چيو ته ملڪ کي نفرت تي مبني تشدد جي هڪ وبا سامهون آهي. اسان پنهنجي پاڙيسرين ۽ پنهنجي عزيزن تي حملا ٿيندي ڏٺا آهن، صرف ان جي ڪري ته هو ڪير آهن يا هو ڪنهن هنڌ تي عبادت ڪندا آهن.
پنهنجي ڪلمات ۾ بائيڊن شارلي ول، ورجينيا ۾ 2017 ۾ سفيد فام برتريءَ جي حامي گروپ پاران حملن جي هڪ ريليءَ جو ذڪر ڪيو جنهن جي باري ۾ هن چيو ته اها ئي ريلي هئي جنهن جي ڪري هن چونڊن ۾ حصو ورتو.
صدر چيو ته سفيد فامن جي بالادستي جا حامي آخري فيصلو نه ڪندا ۽ هي زهر ۽ تشدد اسان جي وقت جي ڪهاڻي نه ٿي تي سگهي. صدر قوم تي زور ڏنو ته اها خوف، تقسيم ۽ نفرت جي مقابلي ۾ اميد، اتحاد ۽ سٺي گمان رکڻ جو انتخاب ڪري.
بائيڊن جا نقاد الزام مڙهيندا آهن ته بائيڊن پاڻ تقسيم کي هوا ڏيندو آهي.
انتظاميه نفرت تي ٻڌل تشدد کي روڪڻ ۽ ڪميونٽيز جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسڪولن، قانون نافذ ڪرڻ وارين ايجنسين ۽ ثقافتي ادارن جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جا پروگرام شروع ڪندي. اهي ڪميونٽيز ڀلائيءَ ۽ ڪميونٽي تنظيمن سان گڏ و گڏ ٽيڪنالاجي جي ڪمپنين سان شراڪت داري ڪري رهيون آهن جن ۾ يوٽيوب، ٽوئٽر، مائڪروسافٽ ۽ ميٽا شامل آهن جيڪي نفرت تي منبي تشدد کي روڪڻ جي لاءِ اقدامات جو اعلان ڪري رهيون آهن.
ڪيلي فورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي، سان برنارڊينو ۾ نفرت ۽ انتها پسنديءَ جي مطالعي جي سينٽر جي سربراه، برائين ليون، جنهن هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته اجلاس مقامي ڪميونٽي جي رهنمائن کان وٺي اعلي سرڪاري عمل دارن تائين مهارت وڌائڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي.
واحد حل اهو آهي ته انهن ڪوششن کي مقامي سطح تي جاري رکيو وڃي ۽ جڏهن ضروري هجي ته رياستي ۽ وفاقي رهنمائيءَ ذريعي ڪميونٽيز جي مدد ڪئي وڃي.