آمريڪا جي صدر جو بائيڊن جو ڪرونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي ۽ وائيٽ هائوس مطابق، صدر کي معمولي علامتون ظاهر ٿيون آهن.
وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري، ڪيرن زون پيئا ٻڌايو آهي ته صدر بائيڊن پيڪسلووڊ ۽ ٻيون اينٽي وائرل دوائون استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، جيڪي ڪووڊ 19 جي شدت کي گهٽائينديون آهن.
هن ٻڌايو ته تمام معمولي علامات آهن ۽ صدر وائيٽ هائوس ۾ قرنطينه ۾ رهندو، ليڪن پنهنجي سمورين ذميدارين جي مڪمل ادائگي جاري رکندو.
پريس سيڪريٽريءَ وڌيڪ چيو ته بائيڊن وائيٽ هائوس جي عملي سان فون جي ذريعي رابطو جاري رکندو جڏهن ته هو ٽيلي فون ۽ زوم ذريعي پنهنجي طي شده ملاقاتن ۾ به وائيٽ هائوس کان شرڪت ڪندو.
وائيٽ هائوس صدر بائيڊن جي معالج ڊاڪٽر ڪيون او ڪونز طرفان هڪ خط جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر کي زڪام، ٿڪاوٽ ۽ خشڪ کنگهه آهي، جيڪا ڪيفيت گزريل شام شروع ٿي.
اڻاسي ورهن جي ڄمار واري صدر بائيڊن ڪرونا جي خلاف مدافعت جي لاءِ ويڪسين جو ڪورس مڪمل ڪيو آهي. هن صدارتي ذميداريون سنڀالڻ کان اڳ فائزر جون ٻه خوراڪون ورتيون هيون ۽ بعد ۾ سيپٽمبر ۽ مارچ ۾ بوسٽر شاٽس به لڳرايا هئا.
پنهنجي خط ۾ ڊاڪٽر او ڪونر صدر جي لاءِ تجويز ڪيل دوا جو تفصيل ٻڌائيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پيڪسلووڊ چڱو اثر ڏيکاريندي.
پريس سيڪريٽريءَ ٻڌايو آهي ته خميص ڏينهن شام ڪووڊ 19 جي تشخيص ٿي هئي ۽ صدر ان وقت تائين اڪيلائيءَ ۾ رهندو جيسيتائين سندس ٽيسٽ نيگيٽو نه ٿو اچي.
صدر کي خميص ڏنيهن پنسلوانيا وڃڻو هو جتي کين جرائم جي خاتمي جي پنهنجي منصوبن ۽ هڪ ڊيموڪريٽ جي لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي ۽ پوءِ ڊگهو ويڪ اينڊ اباڻي رياست، ڊلاويئر ۾ گزارڻو هو. سفر جا هي سمورا پروگرام منسوخ ڪيا ويا آهن.
خاتون اول جل بائيڊن خميص ڏينهن شام جو ڊيٽرائٽ ۾ هڪ اسڪول جي دوري جي موقعي دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صدر بائيڊن سان ٽيلي فون تي گفتگو ٿي آهي، ۽ سندن بقول، هو ٺيڪ آهي ۽ بهتر محسوس ڪري رهيو آهي. جل بائيڊن کي ان موقعي تي ماسڪ پاتل هو. خميص ڏينهن سندس ٽيسٽ نگيٽو آيو هو.