رسائی کے لنکس

بائيڊن ۽ ٽروڊو جو گڏجي آپيشاهيءَ وارين حڪومتن جو مقابلو ڪرڻ جو عزم


اوٽاوا جي دوري ۾ ’هائوس آف ڪامنز’ کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ صدر بائيڊن ۽ وزير اعظم جسٽن ٽروڊو گڏ بيٺا آهن. 24 مارچ 2023.
اوٽاوا جي دوري ۾ ’هائوس آف ڪامنز’ کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ صدر بائيڊن ۽ وزير اعظم جسٽن ٽروڊو گڏ بيٺا آهن. 24 مارچ 2023.

آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ ڪيناڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو جمعي جي ڏينهن آپيشاهيءَ وارين حڪومتن جي خلاف گڏجي مقابلي جو عهد ڪيو، جنهن جن ڪري معدنيات ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز جي لاءِ ٻين ملڪن تي ڀاڙڻ ۽ هنن ڏانهن واجهائڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو.

ڪيناڊا وٽ بيٽريون ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون تيار ڪرڻ ۾ استعال ٿيندڙ اهم معدنيات تمام گهڻيون آهن، ليڪن چين هن وقت عالمي مارڪيٽ تي ڇانيل آهي.

جمعي جي ڏينهن بائيڊن اوٽاوا ۾ ڪيناڊا جي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان وٽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تمام وڏو موقعو ميسرآهي، ته جيئن ڪيناڊا ۽ آمريڪا اتر آمريڪا ۾ ڀروسي جي قابل ۽ لچڪدار سپلائي چينز جي لاءِ گهربل اهي شيون حاصل ۽ فراهم ڪري سگهون، جن جي اسان کي گهرج آهي.

بائيڊن وڌيڪ چيو ته اسان جي گڏيل خوش حاليءَ جو اسان جي سلامتيءَ سان گهاٽو تعلق آهي. هن چيو ته نيٽو جي رڪن ملڪ جي طور تي ٻئي ملڪ نيٽو جي علائقي جي هڪ هڪ انچ جو بچاءُ ڪندا.

هوڏانهن اهم معدنيات ۽ صاف ٽيڪنالاجيءَ جي پراڊڪشن وڌائڻ جي مقصد سان، وزير اعظم ٽروڊو هڪ منصوبو تيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ يوڪرين سان گڏ بيٺا آهن.

ڪيناڊا جي وزير اعظم چيو ته اسان جي طرز زندگيءَ کي هڪ ئي وقت ڪيترا ئي خطرا آڏو آهن، جن ۾ سيڪيورٽي، موسمياتي تبديلي ۽ اقتصادي معاملا شامل آهن.

صدر بائيڊن اوٽاوا جو دورو چيني صدر شي جن پنگ جي ماسڪو جي دوري جي هڪ هفتي جي اندر ڪيو.

ٽروڊو چيو آهي ته هاڻي جڏهن ته چٽاڀيٽيءَ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن ۾ چين تيزيءَ سان وڌندڙ جارحانه اوسر ۾ شامل آهي، اها ڳالهه ضروري ٿي چڪي آهي ته اسان هڪ ٻئي ڏانهن توجه ڏيئون ۽ اتر آمريڪه جي کنڊ ۾ سيمي ڪنڊڪٽرز کان وٺي سولر پينل بيٽرين سميت هر شئي جي مارڪيٽ کي واڌ ڏياريئون.

(هن خبر جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG