رسائی کے لنکس

ڪوئٽا قنڌاري بازار ۾ ڌماڪو، چار ڄڻا مري ويا، 15 زخمي


ڪوئٽا جي قنڌاري بازار ۾ ٿيڻ وارو بم ڌماڪو.
ڪوئٽا جي قنڌاري بازار ۾ ٿيڻ وارو بم ڌماڪو.

بلوچستان جي اختياريءَ وارن سومر ڏينهن ٻڌايو ته ڪوئٽا ۾ پوليس جي هڪ گاڏيءَ تي ٿيڻ واري بم حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ڄڻا مري ويا آهن جڏهن ته 15 زخمي ٿيا آهن.

هيءُ بم ڌماڪو ڪوئٽا جي هڪ مصروف سڻڪ تي ٿيو. مري ويلن ۾ ٻه پوليس جا اهل ڪار ۽ ٻه شهري شامل آهن. اسپتال وارن فوت ٿيڻ وارن جي انگ ۾ واڌ جو انديشو ظاهر ڪيو آهي.

شهر جي مرڪزي اسپتال جي ترجمان وسيم بيگ وائس آف آمريڪا کي ٽيلي فون تي فوتگين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته زخمين منجهان ڪيترن جي حالت تشويش ناڪ آهي.

هڪ سينئر پوليس آفيسر مڪاني ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ڌماڪي وارو مواد هڪ موٽر سائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو.

وزير اعظم شهباز شريف بم ڌماڪي کي دهشت گردانه حملو قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي.

بندش پيل بلوچ لابريشن آرمي (بي ايل اي) بم ڌماڪي جي ذمي داري قبول ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. پاڪستان، آمريڪا ۽ برطانيه اڳ ۾ ئي ’بي ايل اي’ کي عالمي دهشت گرد تنظيم قرار ڏئي چڪا آهن.

قنڌاري بازار، ڪوئٽا
قنڌاري بازار، ڪوئٽا

بلوچ مزاحمت ڪندڙ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي خلاف حملا ڪندا رهندا آهن، جڏهن ته بندش پيل پاڪستاني طالبان ۽ داعش سان لاڳاپيل هٿياربند به بلوچستان جي انهن علائقن ۾ سرگرم آهن.

سومر جي ڏينهن ٿيندڙ هيءُ حملو اهڙي وقت ٿيو جڏهن اختياريءَ وارن اعلان ڪيو هو ته هنن چوٽيءَ جي هڪ بلوچ عليحدگي پسند اڳواڻ کي حراست ۾ ورتو آهي.

جمعي جي ڏينهن جاري ٿيڻ واري هڪ فوجي بيان ۾ سندس سڃاڻپ گلزار امام جي نالي سان ڪئي وئي، جنهن کي ’شمبي’ جي بالي سان به پڪاريو ويندو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته شمبيءَ جي گرفتاري بلوچ لڙاڪن جي لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي.

گلزار امام 2022 جي شروع ۾ قائم ٿيڻ واري بندش پيل ’بلوچ نيشنلسٽ آرمي’ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ۽ ان جا بلوچستان ۾ سرگرم ٻيا شورش پسندن سان به رابطا هيا.

ٻين بلوچ باغي تنظيمن وانگر، هن گروپ جا هٿياربند صوبي جي بنيادي ڍانچي جي اڏاوتي رٿائن ۾ چين جي سيڙپ ڪاريءَ جا سخت مخالف رهيا آهن ۽ ان گروپ پاران انفرا اسٽرڪچر تي ڪم ڪرڻ وارن چيني ڪارڪنن تي حملي جي ڌمڪي ڏنل آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG