رسائی کے لنکس

آمريڪا جو دنيا ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ڪارڪنن سان يڪجهتيءَ جو اظهار


آمريڪي پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن
آمريڪي پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن

آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن افغانستان ۽ ايران جي انهن عورتن کي ساراهيو آهي جيڪي پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيون آهن.

هن اها ڳالهه تازو هڪ تقريب ۾ ڪئي جنهن ۾ جمهوريت ۾ عورتن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو.

بلنڪن انهن عورتن کي ساراهيو جن ايران ۾ مهسا امينيءَ جي پوليس حراست دوران موت جي ردعمل ۾ احتجاج ڪيو.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هنن پاڻ کي خطري ۾ وجهي جراتمنديءَ سان عورتن جي زندگيءَ، ڀلائيءَ ۽ سندن آزاديءَ جي لاءِ مظاهرا ڪيا.

اينٽني بلنڪن چيو ته افغانستان جون عورتون پنهنجي ملڪ ۾ بهتر مستقبل جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته طالبان زندگيءَ جي هر شعبي ۾ انهن جي موجودگي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته آمريڪا سموري دنيا جي عورتن جي مڪمل، آزاد ۽ برابريءَ جي بنياد تي معاشري ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ سڀني ڪارڪنن سان يڪ جهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. سندس بقول، پنهنجي جمهوريت جي ذريعي اسان دنيا ۾ انهن جي حمايت ڪرڻ ۽ هڪ جهڙائيءَ جي سوچ کي اڳتي وڌائڻ جي باري ۾ پرعزم آهيون.

بلنڪن چيو ته عورتن کي خاص طور تي آپيشاهيءَ وارين حڪومتن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا چيلينج درپيش آهن جتي کين تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا مواقعا نه ٿا ملن.

پرڏيهي وزير چيو ته خواتين صحافين، وڪيلن، سياست دانن ۽ ڪيترن ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي آن لائين ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ٿو وڃي ۽ کين بدسلوڪيءَ جو رويو ڏسڻو ٿو پوي. عورتن تي تشدد جا معاملا عام آهن جڏهن ته اڪثر انصاف تائين سندن رسائي ممڪن ناهي.

هن چيو ته عورتن کي امتيازي سلوڪ ڏسڻو ٿو پوي، جنهن جي ڪري هنن کي نقصان رسي ٿو، چاهي معاملو ملازمت جو هجي يا ٻٽي معيار جو.

ان جي ئي ڪري عورتون کي تعليم، حفظان صحت، پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي لاءِ جائيداد ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ تائين رسائيءَ ۾ رڪاوٽون ڏسڻيون پون ٿيون.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG