آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن جمعي جي ڏينهن چين رواني ٿيڻ کان ڪجهه ئي ڪلاڪ اڳ ان وقت پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن آمريڪي فضائي حدن ۾ گهڻي اوچائيءَ تي هڪ چيني جاسوس ڦوڪڻي کي اڏام ڪندي ڏٺو ويو.
دورو ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي آمريڪي عهديدارن صحافين کي آگاه ڪيو ته بلنڪن نه ٿو چاهي ته اهو واقعو ڳالهه ٻولهه تي حاوي ٿئي. آمريڪي پرڏيهي وزير جو هيءُ دورو پهريان ئي طئي ٿيل هو.
اها خبر ان کان فوري پوءِ سامهون آئي جڏهن چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي ته اهو چين جو ڦوڪڻو آهي.
چيي ترجمان چيو ته اهو ڦوڪڻو پنهنجي طئي ٿيل رستي تان ڀٽڪي ويو هو، جنهن کي بنيادي طور تي موسم متعلق تحقيق جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ترجمان چيو ته چين کي آمريڪي فضائي حدن ۾ ڦوڪڻي جي غير ارادي طور تي داخل ٿيڻ تي افسوس آهي ۽ ان معاملي تي آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.
بچاءِ وارن آمريڪي عهديدارن اربع ڏينهن ملڪ جي اتر اولهه واري رياست، مونٽانا جي مٿان ڦوڪڻو ڏسڻ ۾ آيو جتي بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائيلن جي لانچنگ ۽ سار سنڀال ڪرڻ واري ايئر فورس جي ٽن مرڪزن منجهان هڪ واقع آهي.
ڦوڪڻو ڏسجڻ کان پوءِ مونٽانا جي بيلنگز هوائي اڏي تي فضائي ٽريفڪ کي ٿوري وقت تائين روڪيو ويو ۽ ڦوڪڻي جي چر پر تي نگاه رکڻ لاءِ آمريڪي جيٽ جهازن فضا ۾ اڏام ڀري.
پينٽاگان جي پريس سيڪريٽري برگيڊيئر جنرل پيٽرڪ رائيڊر ان معاملي تي هڪ مختصر بيان ۾ چيو آهي ته اهو ڦوڪڻو في الحال تجارتي هوائي ٽريفڪ کان ڪافي اوچائيءَ تي وڃي رهيو آهي ۽ ان سان زمين تي موجود ماڻهن کي ڪو خطرو ڪونهي.
هڪ سينئر آمريڪي اهل ڪار صحافين کي ٻڌايو ته سندس خيال آهي ته ڦوڪڻي کي جاسوسي جي لاءِ ڊيزائين ڪيو ويو هو ۽ اهو معلومات ڪٺي ڪرڻ جي لاءِ ڦوڪڻي کي واضح طور تي حساس هنڌن مٿان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
رينڊ ڪارپوريشن جي هڪ ماهر ٽموٿي هيٿ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خفيه معلومات ڪٺي ڪرڻ جي لاءِ اهڙن ڦوڪڻن جو استعمال پراڻو طريقو سمجهو ويندو آهي ڇو ته گهڻا ملڪ ڊيٽا ڪٺي ڪرڻ کاءِ سيٽلائيٽ جو استعمال ڪندا آهن.
هيٿ وڌيڪ چيو ته نئين ٽيڪنالاجيز جي مدد سان اهو ڪم وڌيڪ بهتر نموني ڪري سگهجي ٿو ۽ اڪثر ريڊار جي ذريعي انهن جو پتو لڳائڻ به مشڪل هوندو آهي.
هڪ ٻئي انٽرويو ۾ هڊسن انسٽيٽيوٽ جي پيٽرڪ ڪرونن وائس آف آمريڪا جي چيني برانچ کي ٻڌايو ته اهو ڦوڪڻو چينين جي پاران خفيه معلومات ڪٺي ڪرڻ جو اڍنگو طريقو آهي.
ماهرن چيو آهي ته آمريڪا ۽ سوويت يونين ٻنهين سرد جنگ دوران انهيءَ طرح جا جاسوس ڦوڪڻا استعمال ڪيا هيا.
جاسوس ڦوڪڻا عام طور تي 80000 کان هڪ لک 20 هزار فٽ جي بلنديءَ تي پرواز ڪندا آهي، جيڪا ڪمرشل ۽ فوجي جهازن جي اڏام کان تمام گهڻي بلندي آهي.
(هن رپورٽ ۾ شامل ڪجهه معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)