آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن چيو آهي ته بائيڊن انتظاميا ترڪيه کي ايف 16 جنگي جهاز وڪرو ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سويڊن ۽ فن لينڊ جلد ئي نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿي ويندا.
آمريڪي پرڏيهي وزير سومر ڏينهن انقره جو دورو ڪيو ۽ ترڪ اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آمريڪي ڪانگريس کان 20 ارب ڊالر ماليت جي ايف 16 جهازن جي وڪري جي منظوري ضروري آهي جنهن ۾ 40 جيٽ جهازن ۽ 80 ’ماڊرنائيزيشن ڪٽس’ جي لاءِ ترڪ درخواست شامل آهي.
بلنڪن ترڪيه جي پرڏيهي وزير مولود چاوش اولو سان گڏيل اخباري ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪانگريس کي مجوزه وڪري جي باري ۾ هينئر ڪنهن باضابطه طور تي اطلاع ڏيڻ جي ٽائيم لائين نه ٿي ڏئي سگهجي. ليڪن، هو ان معاهدي جي لاءِ بائيڊن انتظاميا جي حمايت جي باري ۾ مطلع ڪندو رهيو آهي.
اينٽني بلنڪن چيو ته ’’اهو نيٽو جي ٻه طرفي سهڪار ۽ آمريڪا جي متحده رياست جي قومي سلامتيءَ جي لاءِ بيحد اهم آهي’’.
ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته ايف 16 جي معاملي کي سويڊن ۽ فن لينڊ جي نيٽو ۾ رڪنيت کي ترڪيه جي تصديق سان نه گڏيو وڃي. ترڪيه ۽ هنگري ئي نيٽو جا اهي ميمبر آهن جن سويڊن ۽ فن لينڊ جي لاءِ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي منظوري نه ڏني آهي. ان منظوريءَ کي متفقه هئڻ گهرجي.
بلنڪن چيو ته آمريڪا سويڊن ۽ فن لينڊ جي تڪڙي شموليت جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته کيس پڪ آهي ته نيٽو جلد ئي انهن ٻن ملڪن جو باضابطه آڌرڀاءُ ڪندو ۽ جڏهن اهو ٿيو ته ان سان ترڪيه ۽ آمريڪا سميت نيٽو جي هر ميمبر جي سلامتيءِ ۾ واڌارو ايندو.
ترڪيه سويڊن جي باري ۾ سيڪيورٽيءَ جا خدشا ظاهر ڪندي، چاوش اولو چيو ته هن انهن گروهن جي لاءِ نرم رويو اپنائي رکيو آهي جن کي ترڪيه دهشت گرديءَ جون تنظيمون سمجهندو آهي. چاوش اولو چيو ته سمورين ڌرين جي لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن خدشن کي دور ڪرڻ جي لاءِ سويڊن کي قائل ڪن نه ته ترڪيه جي خيال ۾ سويڊن ۾ دهشت گرديءَ جي مالي مدد، ڀرتي ۽ پروپيگنڊا جاري رهندي.
نيٽو جي سيڪريٽري جنرل، زان اسٽولٽن برگ گزريل هفتي ترڪيه جي پنهنجي دوري دوران چيو هو ته ترڪيه جي لاءِ ’’هاڻي وقت اچي ويو آهي’’ ته اها ٻنهين ملڪن جي نيٽو جي نون ميمبرن جي حيثيت جي منظوري ڏئي.
بلنڪن سومر جي ڏينهن ترڪيه جي صدر رجب طيب ايردوان سان به هڪ اجلاس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پريس کي شرڪت جي اجازت نه هئي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان، نيڊ پرائس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بلنڪن ۽ ايردوان يوڪرين جي حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بلنڪن ترڪيه کي زلزلي کان پوءِ بحاليءَ جي ڪوششن ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ آمريڪي عزم کان آگاه ڪيو.
بلنڪن ڇهين فيبروريءَ تي زلزلي کان پوءِ ترڪي ۽ شام جي لاءِ آچر ڏينهن آمريڪي امداد کان سواءِ 10 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جي وعدي جو اعلان به ڪيو. ان زلزلي ۾ 44،000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
بلنڪن ترڪيه کان پوءِ يونان جو دورو ڪري رهيو آهي.
ان دوري جي باري ۾ آمريڪي محڪمه خارجه چيو آهي ته بلنڪن يوناني اڳواڻن سان ’’دفاعي سهڪار، توانائيءَ جي تحفظ ۽ جمهوريت جي بچاءَ جي لاءِ گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو’’.
(هن خبر جي لاءِ مواد اي ايف پي ۽ اي پيءَ تان ورتو ويو آهي)