رسائی کے لنکس

سيلاب متاثرين جي لاءِ آمريڪا پاران هڪ ڪروڙ ڊالر اضافي امداد جو اعلان


اينٿني بلنڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداري (فائيل فوٽو)
اينٿني بلنڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداري (فائيل فوٽو)

پرڏيهي تعلقات جي آمريڪي وزير، اينٿني بلنڪن سومر ڏينهن پاڪستان جي سيلاب متاثرين جي لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو.

ارم عباسيءَ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اينٿني بلنڪن اهو اعلان پرڏيهي معاملن جي پاڪستاني وزير، بلاول ڀٽي زرداريءَ سان واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي پرڏيهي وزارت ۾ منعقد هڪ اعلي سطحي اجلاس کان پوءِ ڪيو.

سومر ڏينهن ٿيندڙ ان اجلاس کان پوءِ بلنڪن چيو ته اها اضافي امداد فوڊ سيڪيورٽي جي مد ۾ ڏني پئي وڃي. هن پاڪستان ۾ تيز ۽ لڳاتار بارشن جي ڪري اچڻ واريءَٻوڏ جي تباه ڪاري ته به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اينٿني بلنڪن چيو ته پاڪستان جي سيلاب کا متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ آمريڪا تقريبا پنج ڪروڙ 60 لک ڊالرن جي امداد ڏئي چڪو آهي. آمريڪا خوراڪ ۽ شيلٽر کان سواءِ ٻئي امدادي ساز و سامان سان ڀريل 17 جهاز پاڪستان موڪلي چڪو آهي ۽ اڄ خوراڪ جي اڻاٺ جي پورائي لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ ڊالر جو اعلان ڪري رهيو آهي.

آمريڪا جي پرڏيهي وزير چيو ته ’’اڄ مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان خوراڪ جي تحفظ جي لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالر جي امداد ڏئي رهيا آهيون جنهن جي ڪري هارين کي فوري مدد ملندي جنهن سان هو ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. آبپاشيءَ جي نظام جي مرمت ٿيندي جيڪو سيلاب جي ڪري تباه ٿيو آهي’’.

هن چيو ته انهن ڪوششن ۾ پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي ۽ آمريڪي پرائيويٽ سيڪٽر جي فراخ دلي سان تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جن ڪلهه 27 لک ڊالر جي مدد فراهم ڪئي آهي، جنهن سان خوراڪ، پاڻي، دوائون ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون.

ان موقعي تي آمريڪا ۽ پاڪستان جي ٻه طرفي تعلقات تي گفتگو ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته ’’اهي ماڻهو جيڪي پاڪستان ۾ ڏسي رهيا آهن ۽ هر ڪو جيڪو هتي ڏسي رهيو آهين مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اها حقيقت آهي ته سفارت ڪاري واپس اچي چڪي آهي، هتي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ ۾ ۽ پاڪستاني وزارت خارجه ۾ به’’.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 600،000کان وڌيڪ حامله عورتن وٽ صحت جون سهولتون ڪونهن. سيلاب جي ڪري ٽي ڪروڙ ۽ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک ٻار شامل آهن. 1600 هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن ۾ به وڌيڪ تعداد ننڍن ٻارن جو آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزير چيو ته هن موقعي تي ضروري آهي ته قدرتي آفتن سان نمٽڻ لاءِ عالمي برادري ملي ڪم ڪري.

گزريل هفتي نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسمبليءَ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ پاڪستاني پرڏيهي معاملن جي وزير، بلاول ڀٽي زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ دفتر خارجه جو هڪ وفد آچر ڏينهن واشنگٽن ڊي سي پهتو، جنهن ۾ پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر به شامل آهي.

هن اجلاس کان اڳ پاڪستاني وفد آمريڪي محڪمه خارجه ۾ واپار ۽ ڪاروبار لاءِ خصوصي نمائندي، دلاور سعيد سان به ملاقات ڪئي، جڏهن ته هو ٻنهين ملڪن جي وزارتي سطح جي ملاقاتن ۾ به شامل رهيو.

اجلاس کان پوءِ پاڪستاني آمريڪين ۽ ميڊيا سان گفتگو ڪندي دلاور سعيد چيو ته ٻه طرفي ملاقاتن جو مقصد ٻنهين پراڻن اتحادين جي وچ ۾ واپار جي نوعيت جي تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جو وزير پنهنجي واشنگٽن ڊي سي جي دوري دوران ڪانگريس جي اهم ليڊرن سان به ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

پاڪستاني وفد خميص ڏينهن پاڪستان واپس روانو ٿيندو.

XS
SM
MD
LG