رسائی کے لنکس

برطانيه کي پوئتي ڇڏي ڀارت دنيا جي پنجين وڏي معيشت بڻجي ويو، رپورٽ


ڀارتي معيشت، ڀارتي روپئي ۽ ڊالر جو اگهه
ڀارتي معيشت، ڀارتي روپئي ۽ ڊالر جو اگهه

ائين ٿو لڳي ته ڀارت ڪرونا جي عالمي وبا جي پڪڙ کان آجو ٿي ويو آهي. ان برطانيه کي پوئتي ڇڏيندي دنيا جي پنجين وڏي معيشت جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي.

هيءُ نتيجو دنيا جي معيشتن تي نظر رکڻ واري عالمي اداري، بلومبرگ عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايف ايف) جي انگن اکرن جي تجزئي جي بنياد تي ٻڌايو آهي، حالانڪه ڪجهه ڏينهن کان انهيءَ جي قياس آرائي ڪئي پئي وئي. هڪ ڏهاڪو سال اڳ ڀارت يارهين نمبر تي هو جڏهن ته برطانيه پنجين نمبر تي هو.

اها ڳالهه نئين دهليءَ مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي، سهيل انجم پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌائي آهي.

هن چيو ته بلومبرگ پنهنجي تجزئي ۾ چيو آهي ته هلندڙ ٽه ماهيءَ جي آخري ڏينهن ايڊجسٽ منٽ جي بنياد تي ۽ ڊالر جي ڏي وٺ جي شرح جو استعمال ڪندي اهو ڏٺو آهي ته مارچ جي ٽه ماهيءَ ۾ ڀارتي معيشت جو مقدار 854.7 ارب ڊالر جڏهن ته برطانيه جو 816 ارب ڊالر هيو.

بلومبرگ وڌيڪ چيو ته ڀارتي معيشت جي تيزيءَ سان واڌ کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ ڪجهه سالن دوران ڀارتي ۽ برطانوي معيشت جي وچ ۾ فرق ڪافي گهڻو ٿي ويندو.

معيشت جي ماهرن جي چوڻ مطابق ڀارتي معيشت جي واڌ هلندڙ سال دوران ست في صد ٿي ويندي. مارڪيٽ جا اندازا ظاهر ڪن ٿا ته مورگن اسٽينلي ڪيپيٽل انٽرنيشنل (اي اس سي آئي) جي اڀرندڙ مارڪيٽن جي انڊيڪس ۾ ڀارتي معيشت چين کان پوءِ ٻئي نمبرتي اچي وئي آهي.

آئي ايم ايف جون پيشن گوئيون ثابت ڪن ٿيون ته ڀارت 2022 ۾ سالانه بنيادن تي ڊالر جي لحاظ کان برطانيه کي پوئتي ڇڏي ويندو. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ڀارت صرف آمريڪا، چين، جاپان ۽ جرمنيءَ کان پوئتي رهجي ويندو.

رينڪنگ ۾ اها تبديلي اهڙي وقت آئي آهي جڏهن برطانيه ۾نئين وزير اعظم جي چونڊ ٿيڻ واري آهي. رپورٽن جي مطابق، پرڏيهي معاملن جي وزير، لز ٽرس ڀارتي نسل جي اميدوار رشي سنڪ کي وزير اعظم جي عهدي جي ڊوڙ ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. نئين وزير اعظم جي لاءِ سست معيشت جو معاملو هڪ وڏو چيلينج هوندو.

خيال ڪيو ٿو وڃي ته رينڪنگ ۾ برطانيه جي پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب مهانگائي ۽ زندگي بسر ڪرڻ جي سلسلي ۾ اچڻ واري خرچ ۾ واڌ آهي.

رپورٽ جي مطابق، سال 1982 کان پوءِ، برطانيه گزريل مهيني پهريون ڀيرو عام استعمال جي شين ۾ ٻيڻي انگ تي پهتل مهانگائي يعني 10.1 في صد جي انتهائي مهانگائي جي درجي تي پهتل آهي.

ڀارتي معيشت جي اوسر جي هن خبر مارڪيٽ ۾ اڌمي وانگر سامهون آئي آهي. مهندرا گروپ جي چيئرمين، آنند مهندرا هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جن ماڻهن جو خيال هيو ته ڀارتي معيشت افتراتفري جي شڪار ٿي ويندي، انهن لاءِ هيءَ رپورٽ هڪ جواب جي حيثيت رکي ٿي.

هوڏانهن اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا هڪ تحقيقي پيپر ۾ دعوا ڪئي آهي ته ڀارت ايندڙ سال دنيا جي ٽين وڏي معيشت بڻجي سگهي ٿو.

هن مطالعي مطابق، دنيا جي سطح تي ڀارت مجموعي گهريلو پيداوار يعني جي ڊي پي جو حصو ساڍا ٽي في صد آهي. سال 2014 ۾ اهو 2.6 في صد هيو. 2027 ۾ اهو حصو چار في صد ٿي سگهي ٿو. دنيا جي جي ڊي پيءَ ۾ جرمنيءَ جو حصو چار في صد آهي.

ان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سال 2027 ۾ ڀارت جرمنيءَ کان ۽ 2029 ۾ جاپان کان اڳتي نڪري ويندو. ياد رهي ته هلندڙ سال جاري جي ڊي پيءَ جي انگن اکرن مطابق، جون 2022 جي ٽه ماهيءَ دوران ڀارتي معيشت 13.5 في صد جي شرح جي اوسر ڏيکاري.

XS
SM
MD
LG