روس جي شھر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ آچر جي ڏينھن هڪ ڪيفي اندر ٿيندڙ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ مشھور روسي ملٽري بلاگر ولادلن تاتارسڪي مارجي ويو.
اھو روس جي سر زمين تي يوڪرين جي جنگ سان لاڳاپيل ٻِي اھم شخصيت جو موت آهي. بلاگر تاتارسڪي جو اصل نالو ميڪزم فومن هو ۽ کيس روسي فوج جي ويجهو سمجهيو ويندو هو.
روس جي تحقيقاتي ڪاميٽي بلاگر جي موت جي جانچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
تاتارسڪي پنھنجي وڊيوز ۾ يوڪرين تي روسي حملي جي حق ۾ ڳالھائيندو ھو، ڪجهه موقعن تي ھن روس جي فوجي قيادت تي تنقيد پڻ ڪئي ھئي.
ٽيلي گرام تي سندس فالوورز پنج لک 60 هزار کان مٿي آهن.
خبرن جي اداري رائيٽرز موجب فوري طور تي اھو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته بلاگر کي مارڻ ۾ ڪير ملوث آھي، پر ڪيترن ئي اهم روسي اختيارين بنا ڪنهن ثبوت ڏيڻ جي يوڪرين ڏانهن آڱر کنئي آھي.
جڏھن ته روس جي خانگي مليشيا جي سربراه چيو آهي ته "اسان هن واقعي جو الزام يوڪرين جي حڪومت تي نه ھڻنداسين."
روسي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته صحافيءَ جي موت تي مغربي ملڪن جي خاموشي منافقت کي ظاهر ڪري ٿي.
ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي ترجمان سينٽ پيٽرز برگ جي ڌماڪي کي روس جي "گهرو دهشتگردي" قرار ڏنو آهي.
رائٽرز موجب ’تاس’ نيوز ايجنسيءَ ھڪ ذريعي کان دعويٰ ڪئي آهي ته بلاگر تاتارسڪي ڪيفي ۾ موجود ڪجهه ماڻهن کي خطاب ڪري رهيو هو ته ان دوران کيس هڪ مجسمو ڏنو ويو، جنهن ۾ ڌماڪيدار مادو رکيل ھو، ان جي ڦاٽڻ سان تاتارسڪي مارجي ويو.
روس جي قانون لاڳو ڪندڙ اداري سان لاڳاپيل ’ميش’ نالي ٽيلي گرام چينل هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آھي جنهن ۾ تاتارسڪي جي ھٿ ۾ مائيڪ ڏسي سگهجي ٿو. ان موقعي تي کيس هڪ آفيسر پاران هڪ مجسمو به ڏنو ويو.
(هن خبر ۾ شامل معلومات رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)