رسائی کے لنکس

برازيل جو جڳ مشهور فٽ بال رانديگر پيلي گزاري ويو


پيلي (فائيل فوٽو)
پيلي (فائيل فوٽو)

برازيل کي ٽي ڀيرا فٽ بال جو عالمي ايوارڊ ڏيارڻ وارو قومي ٽيم جو مشهور رانديگر، پيلي، خميص ڏينهن 82 ورهن جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو.

نومبر ۾ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو هو ۽ ڊسمبر ۾ ڊاڪٽرن ٻڌايو هو ته هن کي ڪينسر جي وچڙيل بيماري آهي ۽ ساڳي وقت هن کي گڙدن ۽ دل جي بيماري آهي. سيپٽمبر، 2021 ۾ ڪينسر جي ٽيومر کي هٽائڻ لاءِ سندس جراحي ڪئي وئي هئي.

البرٽ آئنسٽانين اسپتال جتي پيلي جو علاج جاري هو هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڪيترين ئي بيمارين جي ڪري سندس موت واقع ٿيو.

آنجهانيءَ جي ڌيءُ، ڪيلي ناسيمنٽو انسٽاگرام تي لکيو آهي ته ’’اسان جيڪو ڪجهه آهيون توهان جي ڪري آهيون. توهان اسان جي دل ۾ وسندا آهيو. ابدي سڪون ۾ رهو’’.

پيلي کي فٽ بال جي دنيا جو سڀ کان وڏو رانديگر قرار ڏنو ويندو هو. هن برازيل کي فٽ بال جي دنيا جي نقشي تي آندو ۽ برقرار رکيو. ڪلب راند کا شروعات ڪرڻ کان پوءِ هن ’سانتوس’ نالي پنهنجي ٽيم کي بين الاقوامي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. بعد ۾ هن نيو يارڪ ’ڪوسموز’ جي لاءِ به کيڏيو ۽ آمريڪا ۾ فٽ بال جو نالو سربلند ڪيو.

هو 23 آڪٽوبر 1940 ۾ تريس ڪوراڪو ۾ پيدا ٿيو، جيڪا وسندي ريو ڊي جونيرو جي اتر اولهه ۾ لڳ ڀڳ 250 ڪلوميٽر پري واقع آهي.

سانتوس جي لاءِ پيلي 15 سالن جي عمر ۾ کيڏڻ شروع هيو هو.

پيلي جي مداح روئي رهي آهي
پيلي جي مداح روئي رهي آهي

سورهن سالن جي عمر ۾ پيلي برازيل جي قومي ٽيم ۾ شامل ٿي چڪو هيو، ۽ 17 سالن جو هو جڏهن 1958 ۾ هن برازيل کي عالمي ڪپ کٽرايو.

هن پهرئين جي عالمي ميچ ۾ گول ڪيو. ان جي خاص ڳالهه اها به هئي ته هو ننڊي عمر ۾ وڏو نالو ڪمائي چڪو هو، ٻيءَ ميچ ۾ هن ٽي گول ڪيا.

پيلي ميدان ۾ هوندو هيو ته سڀني جون اکيون کيس تي لڳل هونديون هيون. برازيل جي لاءِ هن 1962 ۽ 1970 ۾ عالمي ڪپ کٽيا.

هن 92 بين الاقوامي ميچن ۾ 77 گول ڪيا، ۽ ارجنٽينا جي رانديگر ڊائگو ميراڊونا سان گڏ ’فيفا’ جو ويهين صديءَ جو مايه ناز رانديگر قرار ڏنو ويو هو.

(هن رپورٽ ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس، رائيٽرز ۽ ايجنسي فرانس پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG