رسائی کے لنکس

پنجاب ۾ چونڊن جي لاءِ 90 ڏينهن پورا ٿيڻ تي نگران حڪومت جو ڇا ٿيندو؟


پاڪستان جي سڀني کان وڏي صوبي پنجاب ۾ جنوري 2023 ۾ اسيمبليءَ کي ٽوڙن جي باوجود چونڊون ڪرائڻ غير يقيني لڳي رهيو آهي. سياسي ۽ قانوني حلقا 90 ڏينهن جي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ نگران حڪومت جي مستقبل تي به سوال اٿاري رهيا آهن.

اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته 90 ڏينهن جي اندر چونڊون نه ٿيڻ جي صورت ۾ نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ جي ڪا گنجائش موجود آهي يا نه؟

خيال رهي ته هلندڙ سال 14 جنوريءَ تي پنجاب اسيمبلي ٽوڙي وئي هئي جڏهن ته 22 جنوريءَ تي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقويءَ پنهنجي عهدي جو قسم کنيون هو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جو موقف هو ته 22 اپريل تائين پنجاب ۾ چونڊون ٿي وڃڻ گهرجن.

پي ٽي آءِ جي دعويٰ آهي ته 22 اپريل کان پوءِ پنجاب جي نگران آئيني حڪومت جي ڪا آئيني حيثيت نه هوندي. ان ڪري آئين جي ڀڃ ڪڙيءَ تي عدالت سان رجوع ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي، حڪمران اتحاد جو موقف آهي ته سموري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرايون وڃن. ان ڪري 14 مئي تي صرف پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ ٺيڪ نه ٿيندو.

وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته ملڪ ۾ آدم شماري ۽ نين حلقه بندين جو معاملو به التوا هيٺ آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ امن و امان جي صورت حال به خراب آهي. ان ڪري، 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ممڪن نه ٿينديون.

خيال رهي ته سپريم ڪورٽ هلندڙ مهيني جي چوٿين تاريخ تي 14 مئي تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ان حوالي سان 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب روپيا فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ليڪن، وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ جي حڪم کي مسترد ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب روپيا به جاري نه ڪيا هيا.

ماهرن چيو آهي ته ان معاملي تي پاڪستان ۾ آئيني بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ بظاهر سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڏسڻ ۾ اچن پيون.

حالانڪه پنجاب جي نگران حڪومت اهو اشارو ڏئي چڪي آهي ته سندن ڪم صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي ۽ اها اقتدار جي پر امن منتقليءَ جي لاءِ تيار آهي. ليڪن پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن جي لاءِ سياسي ماحول نظر نه ٿو اچي.

جيسيتائين نئين حڪومت نه ٿي ٺهي تيسيتائين نگران حڪومت رهندي

اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 اي هيٺ جيسيتائين نئين چونڊيل حڪومت ٺهي نه ٿي وڃي نگران سيٽ اپ ان وقت تائين برقرار رهندو آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته چونڊن کان پوءِ جيئن ئي وڏو وزير ۽ اسپيڪر عهدي جو قسم کڻندا، ان کان ستت ئي پوءِ نگران حڪومت پاڻ ئي ٽٽي پوندي آهي.

ڪنور دلشان چيو ته حالانڪه آئين 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي لاءِ چوي ٿو پر پاڪستان ۾ ماضيءَ ۾ به ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا جڏهن 90 ڏينهن کان پوءِ به چونڊون ٿيون آهن.

قانون جي ماهر ميان دائود چيو آهي ته نگران حڪومت جي مدت جي حوالي سان پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۽ هائي ڪورٽن جا فيصلا موجود آهن جن ۾ اها گنجائش موجود آهي ته نگران سيٽ اپ نئين حڪومت ٺهڻ تائين ڪم ڪري سگهي ٿو.

بينظير ڀٽو جي قتل کان پوءِ نگران حڪومت جو مدو وڌي ويو هو

پاڪستان ۾ جمهوري اقدار ۽ پارلياماني معاملن تي نظر رکڻ واري اداري، ’پلڊاٽ’ جي جوائنٽ ڊائريڪٽر آسيه رياض چيو ته ان کان اڳ اهي روايتون موجود آهن ته جڏهن پاڪستان ۾ چونڊون 90 ڏينهن کان اڳتي وڌي ويون آهن ۽ نگران حڪومتن جو مدو وڌيو آهي.

هن چيو ته ان وقت 2008 ۾ اٺين جنوريءَ تي عام چونڊون شڊول هيون، ليڪن ڊسمبر 2007 ۾ انتخابي مهم دوران بينظير ڀٽو جي مارجي وڃڻ کان پوءِ چونڊون 18 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪيون ويون هيون. ان دوران نگران حڪومتون قائم رهيون هيون.

ميان دائود چيو ته نگران حڪومتن جي مدت طئي ڪرڻ جي باري ۾ صرف پاڪستان ۾ئي نه بلڪه دنيا جي ٻين ملڪن جا مثال به موجود آهن جن ۾ نگران حڪومت کي نئين حڪومت ٺهڻ تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.

XS
SM
MD
LG