رسائی کے لنکس

ڪيناڊا، چار لک 37 هزار تارڪين وطن کي مستقل رهائش ڏيڻ جو نئون رڪارڊ


ڪيناڊا جي ڪيوبڪ شهر جي چيلسيا ڳوٺ جي هڪ بيڪريءَ جو ٻاهريون ڏيک. 3 آڪٽوبر، 2022 (فائيل فوٽو)
ڪيناڊا جي ڪيوبڪ شهر جي چيلسيا ڳوٺ جي هڪ بيڪريءَ جو ٻاهريون ڏيک. 3 آڪٽوبر، 2022 (فائيل فوٽو)

پوئين سال ڪيناڊا چار لک 37 هزارن کان وڌيڪ غير ملڪين کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. اها ڳالهه خود ڪيناڊا جي حڪومت تازو ٻڌائي جڏهن ته ليبر مارڪيٽ بهتر بنائڻ لاءِ اميگريشن جو عمل تيز ڪيو پيو وڃي.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته هجرت هميشه انسان جي لاءِ زندگي بهتر ۽ محفوظ بنائڻ جي لاءِ هڪ متبادل راهه رهي آهي. ان عمل ۾ هو پنهنجي زندگيءَ کي درپيش خطرن جي مقابلي ۾ ايندڙ مشڪلن کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ به تيار ٿي ٿو وڃي. ضرورت صرف اهڙيءَ منزل جي هوندي آهي جتي ترسي سڪون جو ساهه کڻي سگهجي.

تازين خبرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪي حالتن، معاشرتي خطرن، سياسي جبر، معاشي بدحالي ۽ ڪڏهن جنگ اهي سڀئي اهڙا معاملا آهن جيڪي انسانن کي هڪ ملڪ کان ٻئي ڏانهن لڏ پلاڻ تي مجبور ڪرڻ جو باعث بڻجن ٿا ۽ پوءِ سمنڊ هجي يا صحرا، هو سفر جون سختيون برداشت ڪرڻ ۾ دير نه ٿا لڳائن.

بهتر مستقبل جي تلاش ڪرڻ وارن جي لاءِ ڪيناڊا ڏانهن وڃڻ جو امڪان تمام حوصله افزا ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ڪيناڊا جي حڪومت 2022 جي لاءِ چار لک 31 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي مستقل رهائش ڏيڻ جو انگ رکيو هو ۽ هاڻي ان جي وزارت ٻڌايو آهي ته ڪيناڊا جي تاريخ ۾ ٻاهرين جي سڀ کان وڏي تعداد کي ملڪ ۾ مستقل سڪونت ڏني وئي آهي، جيڪا 2021 جي مقابلي ۾ 9 في صد وڌيڪ آهي ۽ ان سان 2013 جو رڪارڊ ٽٽي پيو آهي. هاڻي ڪيناڊا جو هدف آهي ته 2025 تائين وڌيڪ ساڍن 14 لک تائين ماڻهن کي مستقل رهائش ڏني وڃي.

تارڪين وطن جي لاءِ سٺي خبر هيءَ آهي ته ڪيناڊا جي ليبر مارڪيٽ ۾ ڪارڪنن جي گهٽتائيءَ جي ڪري انهن لاءِ وڌيڪ موقعا ميسر آهن ڇو ته ڪيناڊا جي اميگريشن جي وزارت جو چوڻ آهي ته ليبر مارڪيٽ ۾ ڪارڪنن جي شديد ڪميءَ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اميگريشن ذريعي مدد ملي سگهي ٿي.

ڪيوبڪ شهر جي اوڀر ۾ واقع بولٽن جي علائقي ۾ ’بيڪر ڍنڍ’ جو دلچسپ فضائي ڏيک، 8 آڪٽوبر 2022 (فائيل فوٽو)
ڪيوبڪ شهر جي اوڀر ۾ واقع بولٽن جي علائقي ۾ ’بيڪر ڍنڍ’ جو دلچسپ فضائي ڏيک، 8 آڪٽوبر 2022 (فائيل فوٽو)

ڪيناڊا جي قانون مطابق، مستقل رهائش وارا ماڻهو پنجن سالن کان پوءِ ملڪ جي شهريت جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.

ڪيناڊا ۾ ليبر فورس جي لاءِ تارڪين وطن تي مڪمل انحصار ڪيو ويندو آهي ۽ 2036 تائين تارڪين وطن ڪيناڊا جي ڪل آباديءَ جو 30 في صد ٿي ويندا.

سال 2015 ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ وزير اعظم، جسٽن ٽروڊو جي حڪومت ڪيناڊا جي معيشت ۾ بهتريءَ جي لاءِ اميگريشن تي انحصار ڪندي رهي آهي.

ڪيناڊا جي صحت جي صنعت ۾ ماهرن جي ڪميءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گزريل سال آڪٽوبر ۾ سرڪاري انگن اکرن جي مطابق 8 لک 71 هزار کان وڌيڪ ملازمت جا موقعا موجود هيا ۽ اهو ئي سبب آهي جو 2023 جي لاءِ ڪيناڊا ترڪ وطن جي انهن درخواستن تي غور ڪري رهيو آهي جيڪي پيشه وارانه مهارت رکڻ وارن تارڪين وطن کي ملڪ ۾ آڻڻ جو سبب بنجڻ.

ليڪن، ڪيترا ئي تارڪين وطن هاڻي به پنهنجي شعبي ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اميگريشن جي معاملن جي ڪن سرگرم ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا ۾ مستقل سڪونت حاصل ڪرڻ وارن جو تعداد جنهن رفتار سان وڌي رهيو آهي، انهن کي سهارو ڏيڻ جي سهولتن ۾ ايتري تيزيءَ سان واڌ نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي.

(هن خبر جي معلومات رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG