رسائی کے لنکس

چمن: سرحد تي پاڪستاني فوج ۽ طالبان ۾ جهڙپ کان پوءِ ٻه طرفي اچ وڃ بحال


چمن بارڊر (فائيل فوٽو)
چمن بارڊر (فائيل فوٽو)

افغانستان ۾ برسر اقتدار طالبان فورسز جي بلوچستان جي سرحدي علائقي، چمن ۾ گولي باريءَ جي ڪري پاڪستاني شهرين جي مارجي وڃڻ کان پوءِ صورت حال هيليتائين ڪشيده آهي، البته سرحد ٻنهين پاسن کان ماڻهن جي اچ وڃ جي لاءِ کولهي وئي آهي.

سرحد تي ’باب دوستي’ءَ سميت چمن شهر ۽ سرحدي علائقن ۾ پاڪستان جي فوج ۽ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.

چمن ۾ پوئين ڏينهن مارجي ويل مڪاني ماڻهن جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ انهن کي دفن ڪيو ويو آهي.

چمن جي ڀرپاسي واري علائقي، نيٽو مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪرڻ واري واپارايءَ عصمت الله وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته آچر ڏينهن هو ۽ سندس ٻه ڀائر پنهنجي دڪان تي موجود هيا جڏهن اتي هڪ گولو ڪريو جنهن جي ڪري ٻه ڀائر شديد زخمي ٿيا.

هن ٻڌايو ته واقعي کان پوءِ ايمبولينس جي ذريعي سندس ڀائرن نعمت الله ۽ عبدالله کي طبي امداد جي لاءِ چمن سول اسپتال آندو ويو، ليڪن ٻئي زخمي رستي ۾ فوت ٿي ويا.

عصمت الله چيو آهي ته سندس ڀائر بي گناه ماريا ويا.

چمن جي هڪ سيڪيورٽي اهل ڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته افغان طالبان گزريل ڏينهن چمن ۾ شهر جي سرحدي علائقن سان گڏ ڪلي شيخ لعل محمد ۾ چيڪ پوسٽ تي ڪم ڪري رهيا هيا.

عمل دار چيو ته ان سان مليل علائقي سوئي ڪاريز ۾ به افغان طالبان سرحد تان لوهي تارن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا جنهن کان پوءِ جهڙپون شروع ٿي ويون ۽ ٻنهين پاسن کان فائرنگ ڪئي وئي.

هوڏانهن پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف چمن ۾ افغان بارڊر فورسز جي بنان اشتعال جي گولي باري ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.

وزير اعظم سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ افغانستان ۾ برسراقتدار طالبان جي حڪومت کان ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته ٻيهر اهڙو واقعو نه ٿيڻ گهرجي.

ان کان اڳ پاڪستان جي پرڏيهي دفتر چمن ۾ افغان فورسز جي بنان اشتعال جي گولي باريءَ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان قسم جا افسوس ناڪ واقعا ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ برادرانه ناتن سان مطابقت نه ٿا رکن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته واقعي جي حوالي سان افغان عمل دارن کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا رونما ٿيڻ کان روڪيا وڃن ۽ ذمي دارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سرحد تي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ٻنهين طرفن جي ذمي داري آهي. ٻنهين ملڪن سان تعلق رکندڙ عمل دار ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ رابطا ڪيا آهن ته جيئن صورت حال وڌيڪ خراب نه ٿئي.

(غلام مرتضي زهريءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG