پنهنجي اختلافي بيان تي تنقيد کان پوءِ، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سيليڪٽر چيتن شرما جمعي ڏينهن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
چيتن شرما ڀارتي ٽي وي ’زي نيوز‘ جي اسٽنگ آپريشن ۾ رانديگرن بابت ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون هيون، جنهن کان پوءِ اهو انديشو ظاھر ڪيو پئي ويو ته هن جو سيليڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻ طور عھدي تي جاري رھڻ ممڪن ڪونهي.
شرما جي اها ڳجهي رڪارڊ ڪيل وڊيو اڱاري تي سامھون آئي جنھن تي اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ھو. وڊيو ۾ شرما دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ڀارتي ڪرڪيٽر سئو سيڪڙو فٽ رهڻ لاءِ پابندي مڙهيل انجيڪشن لڳائن ٿا.
وڊيو ۾ چيتن شرما اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي صدر سارو گنگولي جي وچ ۾ تڪرار، روهت شرما جي ڪپتاني ۽ هاردڪ پانڊيا جي فٽنيس تي پڻ ڳالھايو ھو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب چيتن شرما جي استعفيٰ کانپوءِ ھاڻ سيليڪشن پينل ۾ چار ڄڻا رهجي ويا آهن، جڏهن ته ڪرڪيٽ بورڊ جلد ئي نئين چيئرمين جي نالي جو اعلان ڪندو.
ڪرڪيٽ بورڊ گزريل سال ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي بيڪار ڪارڪردگيءَ تي چيتن شرما سميت پوري سيليڪشن ڪميٽيءَ کي ھٽائي ڇڏيو هو. جڏھن ته کيس هن سال جنوري ۾ ٻيهر چيف سيليڪٽر جي عهدي تي بحال ڪيو ويو هو.
شرما هڪ پروفيشنل ڪرڪيٽر رهيو آهي. ڪيريئر دوران هن ڀارت لاءِ 23 ٽيسٽ ۽ 65 ون ڊي ميچ کيڏيا آھن.