رسائی کے لنکس

پاڻ تي حملي جي تحقيقات جي لاءِ عمران خان جي ٻيهر چيف جسٽس کي التجا


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر چيف جسٽس آف پاڪستان کي التجا ڪئي آهي ته کيس تي ٿيندڙ قاتلانه حملي جي شفاف ۽ منصفانه تحقيقات ڪرائي وڃي.

لاهور ۾ پنهنجي رهائش گاه تان وڊيو لنڪ جي ذريعي اخباري ڪانفرنس ڪندي، هن چيو ته کيس معلوم آهي ته ڪيئن هڪ شخص سندس حڪومت ڪيرائي.

عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون رهيو ته ملڪ جو ڪو مستقبل ڪونهي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ’رجيم چينج’ ڪرڻ وارا سمجهن ٿا ته ’ٿوريءَ ئي دير ۾ پي ٽي آئي جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي’، ليڪن عوام اسان سان گڏ آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ پنهنجي غلطي مڃي اليڪشن ڪرائي ها ته اڄ ملڪ جي اها صورت حال نه هجي ها.

عمران خان وڌيڪ چيو ته هي سوال سموري ملڪ جي لاءِ آهي ته ڇا جي ڪري هڪ اڳوڻو وزير اعظم اڃان تائين پاڻ تي حملي جي ايف آئي آر درج نه ڪرائي سگهيو آهي؟

هن چيو ته هن سوال جو جواب به اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي ته مشتبه حملي آور جو وڊيو بيان ڪنهن جي چوڻ تي من پسند صحافين کي ڏئي ۽ ٽيليويزن چينلز تي هلرايو ويو.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ليڪن گجرات جي پوليس چيف کي هدايتون ڪو ٻيو ڏئي رهيو هو.

خيال رهي ته عمران خان وزير اعظم شهباز شريف ۽ داخله جي وفاقي وزير رانا ثنا الله کان علاوه انٽيلي جينس ايجنسي (آئي ايس آئي) جي آفيسر ميجر جنرل فيصل نصير کي به حملي جو ذمي دار قرار ڏنو هو.

البته حڪومت ۽ پاڪستان جي فوج عمران خان جي انهن الزامن جي ترديد ڪن ٿا. پاڪستان جي فوج جي ترجمان ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪو آهي ته وزير آباد جي سانحي ۾ ڪنهن فوجي آفيسر کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ادارو خاموش نه رهندو.

عمران خان کي ڪاگولي نه لڳي هئي، رانا ثنا الله جي دعوا

ٻئي پاسي، وفاقي وزير داخله رانا ثنا الله چيو آهي ته عمران خان کي ڪا گولي نه لڳي هئي.

خميص ڏينهن اسلام آباد ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي رانا ثنا الله چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي ٽنگ تي زخم لڳو به هو ته زخم مڙڻ ۾ ٻن يا ٽن هفتن کان وڌيڪ وقت لڳڻ کپي ها.

رانا ثنا الله دعوا ڪئي ته ملزم نويد ئي عمران خان تي حملي جو ملزم آهي.

XS
SM
MD
LG