چين اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ بندش پيل جيش محمد جي نائب سربراه، مفتي عبدالرئوف کي عالمي دهشت گرد قرار ڏيڻ جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيوآهي.
اربع ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي چين ڀارت ۽ آمريڪا جي هن مشترڪه قرارداد تي رائي شماريءَ بجائي ان کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
ڀارت سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چين جي هن اقدام تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهادتن جي باوجود ڪنهن شخص يا تنظيم کي دهشت گرد قرار ڏيڻ جي تجويز کي سلامتي ڪائونسل ۾ روڪڻ هن عالمي اداري جي ساک تي سوال اٿاري ٿو.
مفتي عبدالرئوف جيش محمد جي نائب اڳواڻ ۽ تنظيم جي باني، مسعود اظهر جو ڀاءُ آهي. ڀارتي حڪومت الزام لڳائيندي رهي آهي ته جيش محمد ڀارتي ڪشمير ۾ پرتشدد جي ڪاروائين ۾ ملوث آهي.
سلامتي ڪائونسل۾ پيش ڪيل قرارداد جي ذريعي ڀارت ۽ آمريڪا ان کي عالمي دهشت گرد قرار ڏياري هن جي پرڏيهه جي سفر تي پابندي لڳرائڻ ۽ سندس ملڪيت منجمد ڪرائڻ گهرن پيا.
هيءَ قرارداد اهڙي وقت پيش ڪئي وئي آهي جڏهن تازو آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پلوسي جي تائيوان جي دوري کان پوءِ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ تعلقات ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي. ان معاملي تي پاڪستان چين جي ون چائنا پاليسيءَ جي مڪمل حمايت جڏهن ته ڀارت ان تي خاموشي اختيار ڪئي آهي.
هي پهريون موقعو ناهي جڏهن چين ڀارت پاران پاڪستان ۾ مقيم شدت پسند جماعتين جي رهنمائن کي عالمي دهشت گرد قرار ڏيڻ جي ڪوششن کي التوا ۾ وڌو آهي. ماضيءَ ۾ حافظ سعيد ۽ مسعود اظهر جي معاملي تي به چين انهيءَ ئي قسم جي پاليسي اپنائي هئي.
ان کان اڳ هلندڙ سال جون ۾ چين عبدالرحمان مڪي، جيڪو لشڪر طيبه جي سربراه ۽ ڀارت جي مطابق ممبئيءَ بم ڌماڪن جي مبينه ماسٽر مائينڊ، حافظ سعيد جو سالو آهي، کي عالمي دهشت گرد قرار ڏيڻ جي قرارداد کي به التوا ۾ وجهي ڇڏيو هو.
پاڪستان جو ردعمل
اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي، منير اڪرم جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين چاهن ٿا ته سلامتي ڪائونسل ۾ دهشت گرد تنظيمن ۽ رهنمائن تي پابنديءَ جي حوالي سان منصفانه ۽ بلاامتياز حڪمت عملي اپنائي وڃي ۽ هڪ طرفه اقدامات نه ڪيا وڃن.
سلامتي ڪائونسل ۾ مفتي عبدالرئوف تي پابندي جي قرارداد کي التوا ۾ وجهڻ جي چين جي اقدام تي وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته دهشت گرديءَ جي سوال تي اسان جو نقطه نظر تمام سنجيده نوعيت جو آهي ۽ اهو هي ته موجوده دور جي اصلي مسئلن ۽ خطرن کي منهن ڏنو وڃي.
منير اڪرم چيو ته پاڪستان ۽ چين چاهن ٿا ته سمورن دهشت گرد تنظيمن جي خلاف بلاامتياز ڪاروائي ڪئي وڃي، جن ۾تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، داعش خراسان، ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومنٽ جهڙيون تنظيمون به شامل آهن.
هن چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته ڀارت جو صرف هڪ ئي مقصد آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڪستان کي بدنام ڪرايو وڃي، جنهن ۾ هو هاڻي تائين ناڪام رهيو آهي.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا سفارتي سطح تي اتفاق رائي جو اظهار ڪيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ٻه طرفن مفادن جو خيال رکندي اقوام متحده ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪندا.
ڀارت جو موقف
اقوام متحده ۾ ڀارت جي مستقل نمائندي، روچيرا ڪمبوج چيو ته هيءَ تمام افسوس جي ڳالهه آهي ته دنيا جي بدنام ترين دهشت گردن جي خلاف حقيقي ۽ ناقابل ترديد شاهدين جي باوجود انهن کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي تجويز کي التوا ۾ رکيو ويو.
هن چيو ته شهادتن جي باوجود ڪنهن کي دهشت گرد قرار ڏيڻ جي تجويز کي ڪنهن مناسب دليل پيش ڪرڻ کان سواءِ ئي التوا ۾ رکڻ ۽ ان ۾ رنڊڪ وجهڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.
ڪيس جي جائزي لاءِ وقت درڪار آهي
خبررسان اداري، رائٽرز چين جي مشن جي ترجمان جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان قرارداد کي التوا ۾ ان ڪري وڌو ويو جو چين کي ان ڪيس جو جائزو وٺڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهرجي.
ترجمان چيو ته اها ڳالهه التوا جي ڪاميٽيءَ پاران ٺاهيل اصولن جي مطابق آهي ۽ ان قسم جي ڪيترين ئي درخواستن تي ڪاميٽيءَ جا ميمبر ڪافي تعداد ۾ معاملا التوا ۾ رکندا آهن.
ياد رهي ته چين سلامتي ڪائونسل جو مستقل رڪن آهي ان لاءِ ان وٽ ويٽو جو اختيار آهي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ ڪنهن قرارداد جي منظوريءَ لاءِ مستقل ۽ غير مستقل سمورن 15 ميمبرن جو متفق هئڻ ضروري هوندو آهي.