رسائی کے لنکس

ڪراچيءَ ۾ چيني باشندن تي حملو، هڪ ڄڻو هلاڪ، زال مڙس زخمي


ڪراچي صدر (فائيل فوٽو)
ڪراچي صدر (فائيل فوٽو)

ڪراچي صدر جي علائقي ۾ پريڊي اسٽريٽ تي فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ هڪ چيني باشندو هلاڪ، جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا آهن. زخمي ٿيڻ وارا ٻئي زال مڙس آهن.

پوليس مطابق فائرنگ جو هيءُ واقعو ’هو ڊينٽل ڪلينڪ’ جي اندر شام پنجين بجي ڌاران پيش آيو جنهن ۾ هڪ مريض ڏندن جي علاج جي لاءِ آيو، ڪجهه دير تائين ڪلينڪ تي رهڻ ۽ صورت حال ڏسڻ کان پوءِ هن ڪلينڪ جي اندر فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اڪائونٽٽنٽ، رونالڊ ريمنڊ شا موقعي تي مري ويو، جڏهن ته 74 ورهن جو ڊاڪٽر رچرڊ هو ۽ سندس زال مارگريٽ هو کي زخم رسيا.

محمد ثاقب پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهتي ۽ ايمبولينس جي ذريعي زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن مطابق زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ سندن علاج ٿي رهيو آهي.

ايس ايس پر ڊاڪٽر اسد رضا مطابق، هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ واران وٽ چيني شهريت کان سواءِ پاڪستاني شهريت به هئي ۽ ٻئي زال مڙس تقريبا چاليهن سالن کان پاڪستان ۾ رهندا ۽ ڪلينڪ هلائيندا رهيا آهن. صدر جي ان پر رونق علائقي ۾ ڏينهن جو قتل جي واردات ٿي ۽ ملزم آسانيءَ سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان علائقي ۾ ڏندن جو علاج ڪندڙ ٻيا به ڪيترا ئي چيني موجود آهن جيڪي گهڻن ئي سالن کان وٺي هتي رهندا ۽ ڪاروبار ڪندا رهيا آهن.

هوڏانهن پوليس واردات تان نون ايم ايم پستول جا ڪجهه خول لڌا آهن ۽ تفتيش جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي. پوليس علائقي ۾ موجود سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فٽيج به حاصل ڪئي آهي، ته جيئن سڃاڻپ ۾ آساني ٿي سگهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم جي سڃاڻپ جي لاءِ نيشنل ڊيٽا بيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي عمل دارن کان به مدد ورتي ويندي.

ابتدائي تحقيقات منجهان معلوم ٿيو آهي ته ملزم کي ڪيپ ۽ ماسڪ پاتل هو. هو شاهراه لياقت کان ڪلينڪ ۾ داخل ٿيو ۽ واردات کان پوءِ هن فرار ٿيڻ لاءِ جهانگير پارڪ واري سڙڪ اختيار ڪئي. پوليس ذرائع جو چوڻ آهي ته ملزم جو ٻيو ساٿي ڪجهه فاصلي تي هن جو موٽر سائيڪل تي انتظار ڪري رهيو هو جيڪو هن کي کڻي ايم اي جناح روڊ جي طرف هليو ويو.

عيني شاهدن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته واردات ۾ گولين لڳڻ جي آواز کان پوءِ ماڻهن ملزم جو پيڇو به ڪيو ليڪن هو رش جي ڪري آسانيءَ سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انهن ٻڌايو ته هو ڪلينڪ جا ڊينٽسٽ روانيءَ سان اردو ڳالهائيندا آهن ۽ سالن کان هتي ڪم ڪندا آيا آهن.

هوڏانهن وزير داخله، رانا ثنا الله واقعي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽريءَ کان رپورٽ گهري آهي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي ترجمان به واقعي جي مذمت ڪندي ايڊيشنل آئي جي ڪراچيءَ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هلندڙ سال 26 اپريل تي جامع ڪراچيءَ ۾ ٽن چيني استادن ۽ انهن جي پاڪستاني ڊرائيور کي ڌماڪي جو نشانو بنايو ويو هو، جنهن کان پوءِ هي ٻيو واقعو آهي جنهن ۾ چيني شهرين کي نشانو بنايو ويو آهي.

XS
SM
MD
LG