رسائی کے لنکس

مهانگائيءَ خلاف احتجاج، راهل ۽ پرينڪا سميت ڪيترا ڪانگريسي رهمنا گرفتار۽ رها


احتجاجي مظاهرو (فائيل فوٽو)
احتجاجي مظاهرو (فائيل فوٽو)

ڀارت جي حزب اختلاف جي سڀ کان وڏي جماعت، ڪانگريس جي سينئر رهنما راهل گانڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مهانگائي، بي روزگاري ۽ ضروري شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي خلاف جمعي ڏينهن ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي پوليس راهل گانڌي، پرينڪا گانڌي، ششي ٿرور ۽ ڪانگريس جي گهٽ ۾ گهٽ 64 رڪن پارليامنٽ سميت 200 کان وڌيڪ رهنمائن کي حراست ۾ ورتو، جن کي ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ رها ڪيو ويو. راهل گانڌيءَ الزام مڙهيو آهي ته پوليس ڪانگريس جي ڪيترن ئي رهنمائن کي تشدد جو نشانو بنايو.

راهل گانڌي ۽ ڪيترا ئي سينئر ڪانگريسي رهنما پارليمنٽ هائوس کان راشتريه ڀون تائين مارچ ڪرڻ گهرن پيا. ليڪن پوليس پارليمنٽ جي آس پاس دفعه 144 نافذ ڪري، ڪنهن به قسم جي احتجاج تي پابندي وجهي ڇڏي. جڏهن پوليس راهل ۽ ٻين رهنمائن کي پارليمنٽ هائوس کان هٽائڻ ۾ ناڪام رهي ته انهن کي زبردستي بس ۾ وهاري ڪنگز وي ڪيمپ پوليس اسٽيشن وٺي وئي.

ڪانگريس جي صدر سونيا گانڌيءَ به ڪجهه دير تائين احتجاج ۾ حصو ورتو. تقريبا سمورا ڪانگريسي ڪاري لباس ۾ هوا. سونيا گانڌيءَ کي به ڪاري رنگ جو لباس پاتل هو.

هوڏانهن پوليس ڪانگريس جي دفتر جي ٻاهران خميص جي شام کان ئي رڪاوٽون کڙيون ڪيون هيون. پرينڪا گانڌي صبح جو دفتر پهتي ليڪن جڏهن احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اتان کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس هنن کي نڪرڻ نه ڏنو.

احتجاج تي وهڻ ڪان اڳ، راهل گانڌي ڪانگريس دفتر ۾ اخباري ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هاڻي جمهوريت صرف نالي ماتر رهجي وئي آهي.

هن الزام لڳايو ته اڄ ملڪ جي سڀني ادارن تي راشٽريه سيوم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جو قبضو ٿي چڪو آهي.

جڏهن کيس چيو ويو ته بي جي پي اليڪشن کٽي آئي آهي، ته سندس بقول، هٽلر به ته اليڪشن کٽي هئي. هن چيو ته سمورا ادارا منهنجي اختيار ۾ ڏيو ته ٻڌايان ته اليڪشن ڪيئن کٽبا آهن.

XS
SM
MD
LG