رسائی کے لنکس

پاور بريڪ ڊائون، سڄو ڏينهن گزرڻ کان پوءِ به بجلي بحال نه ٿي سگهي


بجليءَ جو نيشنل گرڊ (فائيل فوٽو)
بجليءَ جو نيشنل گرڊ (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي حڪومت سومر ڏينهن صبح جو ٿيڻ واري بريڪ ڊائون کان پوءِ رات ڏهين وڳي تائين بجليءَ جي مڪمل بحاليءَ جو اشارو ڏنو هو، البته ملڪ جا ڪيترا ئي علائقا ڪيترا ڪلاڪ گزرڻ کان پوءِ به بجليءَ کان محروم آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته بجليءَ جي رسائيءَ جو نظام محفوظ آهي، جڏهن ته پاور ڊسٽريبيوشن سسٽم ۾ ڪا خرابي ڪانهي.

ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر جي حوالي سان هن چيو ته ’ٿر ڪول’ کان ڪراچيءَ کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.

سندس مطابق ڪن علائقن ۾ بجليءَ جي بحاليءَ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.

بجليءَ جي بحاليءَ جو عمل شروع

ٻئي پاسي، پاڪستان ۾ سومر ڏينهن صبح جو بجليءَ جي بريڪ ڊائون جي ڪري متاثر علائقن ۾ ٻه پهريءَ کان پوءِ ڪن علائقن ۾ بحاليءَ جو عمل شروع ٿيو آهي.

اطلاعن جي مطابق وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد سميت پشاور ۽ ڪن ٻين شهرن ۾ بجلي جزوي طور تي بحال ٿي وئي آهي.

ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ بجلي 50 هرٽز جي فرڪوينسيءَ تي ڪم ڪندي آهي، جنهن ۾ ’فلڪچوئيشن’ جي ڪري ڪنهن پاور هائوس ۾ مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ڪري سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت بجلي بند ٿي وئي آهي.

خرم دستگير جي مطابق سردين جي موسم ۾ ڇو ته بجليءَ جي گهرج گهٽ هوندي آهي ان ڪري رات جي وقت زياده تر سسٽم بند ڪيا ويندا آهن ۽ صبح جو سسٽم کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو آهي.

سندس بقول سومر ڏينهن صبح جو ستن وڳي جڏهن لڳ ڀڳ سسٽم کي آن لائين ڪيو پئي ويو ته ان دوران ڄامشوري ۽ دادوءَ جي وچ ۾ فريڪوينسي ءَ جي ڪميءَ جي ڪري بجليءَ جو بريڪ ڊائون ٿيو.

بجليءَ جي نه هئڻ ڪري ملڪ ۾ زندگيءَ جو ونهوار متاثر ٿيو آهي.

سڄي ملڪ ۾ هن وقت سڙڪن تي ٽريفڪ سگنلن جو نظام عملي طور تي غير موثر آهي ۽ وڏين سڙڪن تي ٽريفڪ پوليس جا اهل ڪار ڪنٽرول ڪري رهيا آهن، ليڪن جن هنڌن تي ٽريفڪ پوليس عمل دار موجود ناهن اتان کان ٽريفڪ بلاڪ ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.

بجليءَ جي بريڪ ڊائون جي ڪري لاهور جي اورينج لائين سروس به بند آهي.

XS
SM
MD
LG