رسائی کے لنکس

شهزادو محمد بن سلمان سعودي عرب جو وزير اعظم مقرر، سندس فرض ۽ ذمه داريون ڇا هونديون؟


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

سعودي عرب جي بادشاه، سلمان بن عبدالعزيز ڪابينا ۾ رد و بدل ڪندي، ولي عهد محمد بن سلمان کي دفاع جي وزير کان ترقي ڏئي کيس وزير اعظم مقرر ڪيو آهي.

فرمان روا سلمان بن عبدالعزيز اڱاري ڏينهن ڪابينا جي اجلاس جي صدارت کان پوءِ ان ۾ تبديليءَ جو شاهي فرمان جاري ڪيو. سعودي عرب جي خبرن جي سرڪاري اداري، سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) مطابق، شاهي فرمان ۾ چيو ويو آهي ته محمد بن سلمان سعودي عرب جو وزير اعظم هوندو ، جڏهن ته دفاع جي وزير جي ذمه داري شاه جي ٻئي پٽ شهزادي خالد بن سلمان کي ڏني وئي آهي، جڏهن ته شهزادو عبدالعزيز بن سلمان توانائيءَ جو وزير هوندو.

شهزادو خالد ۽ شهزادو عبدالعزيز ملڪ جي وزير اعظم محمد بن سلمان جا ننڍا ڀائر آهن. شهزادو خالد ان کان اڳ وزير دفاع جا فرائض انجام ڏئي رهيو هو.

سعودي شاهي فرمان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شاه سلمان بن عبدالعزيز هاڻي ڪابينا جي اجلاسن جي صدارت ڪندو.

شاهي فرمان مطابق، شهزادو فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزير، محمد بن عبدالله بن عبدلعزيز الجادان خزاني جو وزير، انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفاتح سيڙپ جي وزير طور ڪم ڪندا رهندا.

خبرن ڏيڻ جي اداري، رائيٽرز مطابق، هڪ سعودي عمل دار ٻڌايو آهي ته محمد بن سلمان جو بطور وزير اعظم نئون ڪردار شاه سلمان جي فرائض ۾ هٿ ونڊائڻ جي لاءِ آهي جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن جي دورن ۾ سعودي عرب جي نمائندگي ڪرڻ ۽ سعودي عرب جي پاران منعقده اجلاسن جي صدارت ڪرڻ شامل آهي.

هڪ سعودي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته ولي عهد شاه سلمان جي حڪم تي پهريان ئي ولي عهد روزانه جي بنياد تي رياست جي اهم انتظامي ادارن جي نگراني ڪندو آهي ۽ بطور وزير اعظم سندس نئون ڪردار انهيءَ ضرورت آهر آهي.

ايس پي اي مطابق، محمد بن سلمان چيو آهي ته رياست فوجي صنعت ۾ خودڪفالت کي ٻه في صد مان وڌائي 15 في صد تائين ڪري ڇڏيو آهي ۽ نئين وزير دفاع جي دور ۾ 50 في صد تائين پهچڻ جو منصوبو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

خيال رهي ته 86 ورهن جي سعودي فرمان روا، شاه سلمان بن عبدالعزيز 2015 ۾ ملڪ جو حڪمران بڻيو هو، مگر گزريل ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي دوران هو ڪيترين ئي بيمارين جي ڪري گهڻا ڀيرا اسپتال ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

سال 2017 ۾ اقتدار سنڀالڻ واري ولي عهد محمد بن سلمان ڪيتريون ئي اصلاحات متعارف ڪرايون آهن جن ۾ عورتن کي گاڏي هلائڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ عالمن جي اختيارات کي گهٽائڻ شامل آهي.

محمد بن سلمان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته معيشت جو انحصار تيل جي بجاءِ ٻين ذريعن تي ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پر سندس اصلاحات سان اختلاف ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وئي ۽ ڪيترن ئي سرگرم ڪارڪنن، شاهي خاندان جي ڀاتين، عورتن جي حقن جي ڪارڪنن ۽ واپارين کي جيل موڪليو ويو.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG