رسائی کے لنکس

دهشت گرديءَ تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ دير، سياسي جماعتون گڏجي وهڻ لاءِ تيار ناهن


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جي خلاف جامع پاليسي ترتيب ڏيڻ لاءِ تجويز ڪيل آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ دير ٿيڻ جي معاملي تي سياسي حلقا ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ڪن حلقن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ادارن جو حوصلو بلند رکڻ جي لاءِ دهشت گرديءَ جي خلاف پختو موقف ضروري آهي، جڏهن ته ڪن مبصرن جو خيال آهي ته دهشت گردن کي ڍر ڏيڻ بجاءِ سخت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي.

خيال رهي ته جنوريءَ ۾ پشاور جي پوليس لائنز مسجد ۾ خودڪش حملي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي مري وڃڻ جي معاملي پاڪستان کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو هو. ان حملي کان پوءِ وزير اعظم شهباز شريف ستين فيبروريءَ تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪيو هو.

ليڪن ترڪيه ۾ ايندڙ دل ڏاريندڙ زلزلي جي ڪري ان کي ملتوي ڪيو ويو. هاڻي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي گزرڻ کان پوءِ اي پي سي هاڻي به التوا جو شڪار آهي.

ان دوران پارليمنٽ جو گڏيل اجلاس به ٻه ڀيرا سڏايو ويو، ليڪن دهشت گرديءَ جهڙي موضوع تي اتي به مباحثو نه ٿي سگهيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ کي دهشت گرديءَ جي نئين لهر آڏو آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي کان پوءِ دهشت گرديءَ جي خلاف متحد ٿيڻ وارو عمل ورجايو وڃي.

پوليس لائينز جي واقعي کان پوءِ وزير اعظم دهشت گرديءَ سان نبرڻ جي لاءِ حڪومتي اڳواڻن ۽ قانون کي نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي سربراهن تي مشتمل اپيڪس ڪاميٽيءَ جو پشاور ۾ اجلاس ڪيو. ليڪن، ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سڏايل ٻيو اجلاس به نه ٿي سگهيو آهي.

گزريل مهيني وزير اعظم شهباز شريف کان اهو پڇيو ويو ته دهشت گرديءَ تي توهان اي پي سي سڏائي هئي اها ڇو نه ٿي ٿئي، جواب ۾ شهباز شريف چيو هو ته اي پي سي به ٿي ويندي.

حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتن جي اڳواڻن به اي پي سيءَ ۾ دير تي تشويش ظاهر ڪئي آهي.

وزير اعظم جي خصوصي صلاح ڪار ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊيءَ چيو آهي ته هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي گزرڻ جي باوجود اي پي سي نه ٿيڻ ڳڻتيءَ جو باعث آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته سمورين سياسي جماعتن جي نمائندگيءَ سان جلد ئي اي پي سي سڏائي وڃي ته جيئن دهشت گرديءَ جي روڪ ٿام جي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.

پاڪستان جي فوج جي سربراه، جنرل سيد عاصم منير به چئي چڪو آهي ته دهشت گرديءَ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءَ سمورن ڌرين کي قومي اتفاق رائي جي ضرورت آهي.

ملڪ ۾ امن و امان جي صورت حال کي قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي پاليسين ۾ چٽائي ڪانهي. ان ڏس ۾ مبصرن جو چوڻ آهي ته سياسي جماعتون اهم قومي معاملن تي هڪ ٻئي سان وهڻ جي لاءِ تيار ناهن ۽ سياسي بي يقيني امن و امان ۽ معاشي حالتن کي ڏکيو ترين بڻائي ڇڏيو آهي.

سيڪيورٽي اهل ڪارن جو حوصلو بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي

فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي اڳوڻي ڪمانڊانٽ، لياقت عليءَ چيو آهي ته دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياسي اڳواڻن جي ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ حڪومت ۽ سياسي جماعتن کي پنهنجون ذمي داريون پوريون ڪرڻيون پونديون.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته دهشت گردن کي سوڙهو ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي اهل ڪارن جو حوصلو بلند ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ان معاملي تي سياسي اتفاق رائي هجي.

هن چيو ته دهشت گردن کي ڍر نه ڏيڻ کپي ڇو ته جڏهن حڪومت انهن ڏانهن نرميءَ جو انداز اپنائيندي ته انتها پسند ٻيهر متحرڪ ٿي ويندا آهن.

تجزيه ڪار ڊاڪٽر هما بقائيءَ چيو آهي ته اي پي سي ۾ دير پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت ان آزار کي منهن ڏيڻ ۾ سنجيده نظر نه ٿي اچي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هما بقائيءَ چيو ته اي پي سي ۾ دير پنهنجي جاءِ تي، پر دهشت گرديءَ جي خلاف قومي اتفاق رائي جي ڪا صورت نظر نه ٿي اچي.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG