پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ توانائيءَ جي بچت جي لاءِ منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت مارڪيٽن کي رات جو ساڍي اٺين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ٻين وزيرن سان گڏجي پريس بريفنگ ڪندي، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته شادي هال رات ڏهين بجي بند ڪيا ويندا.
خواجه آصف چيو ته مارڪيٽ ۽ شادي هال جلد بند ڪرڻ سان ساليانو 62 ارب روپين جي بچت ٿيندي.
هن چيو ته توانائيءَ جي بحران تي قابو پائڻ جي لاءِ توانائيءَ جي ٻين ذريعن جو استعمال ڪيو وڃي. سمورن سرڪاري ادارن ۾ بجليءَ جو استعمال 30 في صد گهٽايو وڃي.
وفاقي وزير چيو ته وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ وارن غير موثر پکن ٺاهڻ تي پابندي عائد ٿيندي. سندس بقول، اهي پکا 12 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪن ٿا.
نئين سال جي پهرين فيبروري کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ وارا بلب استعمال نه ٿي سگهندا. ان قدم جي ڪري 22 ارب روپين جي بچت ٿيندي. سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ غير موثر يا وڌيڪ بجلي خرچ ڪرڻ وارا بجليءَ تي هلندڙ آلات استعمال نه ٿيندا.
سندس بقول، سڄي ملڪ ۾ 50 في صد اسٽريٽ لائيٽون ٻاريون وينديون جنهن جي ڪري چئن ارب روپين جي بچت ٿيندي. ملڪ ۾ ’اي بائيڪس’ متعارف ڪرايون وينديون. موٽر سائيڪلين ۾ ٽي ارب ڊالرن جو ساليانو تيل استعمال ٿيندو آهي. ان جر ڪري ’اي بائيڪس’ هلايون وينديون. اهي مهانگيون ضرور هونديون، پر عوام کي ان ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
خواجه آصف چيو ته ’ورڪ فراهم هوم’ جي سلسلي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر فيصلو ڪيو ويندو.
واپارين جي انجمن پاران سرڪاري فيصلو مڃڻ کان انڪار
وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا مطابق، انجمن تاجران سرڪاري فيصلي کي مسترد ڪري ڇڏيو آهي.
انجمن جي پاران جاري ڪيل هڪ اعلان ۾ چيو ويو آهي ته معاشي ڦيٿو روڪي توانائي بچائڻ عقل مندي ناهي. ان جي صدر، اجمل بلوچ چيو آهي ته حڪمران ۽ بيوروڪريٽ مفت بجلي، گيس ۽ پيٽرول وٺڻ بند ڪن.
هن چيو ته دڪان رات ڏهين بجي ۽ ريستوران 11 بجي کان اڳ بند نه ڪنداسين.