رسائی کے لنکس

وڻج واپار کي هٿي ڏيڻ سان آمريڪا پاڪستان ناتا وڌيڪ ’’سگهارا ۽ ديرپا’’ ثابت ٿيندا، مسعود خان


آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير، مسعود خان (فائيل فوٽو)
آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير، مسعود خان (فائيل فوٽو)

آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته هن وقت پاڪستان ۽ آمريڪا جا ناتا مضبوط، وسع مدتي ۽ ٻه طرفي فائدي جي نوعيت وارا آهن، جڏهن ته آمريڪا ’پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال’ پاڪستان جو حامي آهي.

هن اها ڳالهه خميص ڏينهن واشنگٽن ڊي سيءَ جي ’اسٽمسن سينٽر’ جي پاران منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪئي، جنهن ۾ هن اداري جي شريڪ ميمبرن جي سوالن جا جواب به ڏنا. مباحثي جو عنوان ’آمريڪا پاڪستان تعلقات ۽ سال 2023 ۾ علائقائي صورتحال’ هو.

سفير چيو ته اسان هن وقت تعلقات جي ان مرحلي ۾ آهيون جڏهن مستقل رابطا جاري آهن، ۽ آگسٽ 2021 ۾ افغانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو جي فوج جي نڪري وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان جي ’اهميت’ برقرار آهي. هينئر آمريڪا پاڪستان کي صرف افغانستان، چين يا ڀارت جي آئيني ۾ نه ٿو ڏسي بلڪه ٻه طرفي مفاد وارا تعلقات وڌي ويجهي رهيا آهن.

افغانستان جي حوالي سان سفير چيو ته هاڻي اتي لڙائي جو دورنه رهيو آهي، ليڪن ان جي باوجود پاڪستان اڄ به اهم آهي، جيڪو سلامتي ۽ دهشت گردي جي خلاف لڙائيءَ جي معاملن کان اڳتي وڌي، پائيدار رشتن ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار۾ واڌ اچي رهي آهي، ليڪن اهي ناتا هاڻي صرف ملٽري ۽ معيشت جي شعبن تائين محدود ناهن بلڪ، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي تعليم ۽ سهڪار تائين وسيع ٿي ويا آهن.

سندس بقول پاڪستان پنهنجي برآمدات کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گزريل سال آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي برآمد 7 ارب ڊالرن مان وڌي 9 ارب ڊالر تي پهتي. هن چيو ته 2022 دوران ڪوشش اها رهي هئي ته واپار کي هٿي ڏيڻ کان سواءِ سيڙپ ۽ سرمايه ڪاريءَ کي وڌايو وڃي.

ماهرن جي چوڻ مطابق ٻه طرفي تعلقات ۾ ويجهڙائي تڏهن اڃان وڌيندي جڏهن ٻه طرفا ناتا عوامي سطح تائين گهرا ٿيندا. ان ڏس ۾ هن چيو ته ڏهه لک پاڪستاني نزاد آمريڪي هتي رهن ٿا، جيڪي نه صرف آمريڪي نظام ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن، بلڪه اهي ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ تعلقات وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن ۽ خصوصي دلچسپي وٺي رهيا آهن. ان کان علاوه خانگي سطح تي هتان جا سرمايه ڪار پاڪستان جي صنعتن ۾ سيڙپ ڪري چڪا آهن، جتان کين ڪافي اوپراسو ٿي رهيو آهي.

سفير چيو ته ايندڙ سال اعلي تعليم پرائڻ لاءِ 8000 شاگرد آمريڪا ايندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ مسعود خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهين جي لاءِ ضروري آهي ته ڪشمير سميت ٻين مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ ’’مڪالمي ۽ مفاهمت’’ کي اڳتي وڌايو وڃي. هن چيو ته اعتماد سازي تڏهن ڪامياب ٿيندي آهي جڏهن خلوص ۽ سچائي ڏيکاري وڃي. هن چيو ته 2003 کان وٺي 2008 تائين پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ حالتن ۾ بهتري آئي، جنهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهين جوهري طاقت وارن پاڙيسري ملڪن کي وڌيڪ ذمي دار رويا اپنائڻ گهرجن. ان ڏس ۾ هن چيو ته پاڪستان پختي ذهن واري سوچ جو مالڪ ملڪ آهي.

موسمياتي تبديليءَ متعلق، سفير چيو ته پاڪستان ڪاربن جي عالمي اخراج ۾ صرف پوائنٽ 4 في صد جي سطح جو حصو وٺي ٿو، جڏهن ته هن سال جولاءَ آگسٽ ۾ مون سون دوران غير معمولي طور تي شديد ۽ لڳاتار برساتن جي ڪري ملڪ جي سرزمين جو ٽيون حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، جنهن جي ڪري بيٺل فصلن کي سخت نقصان پهتو، ٻوڏ جي شڪار ماڻهن جو مال متاع لڙهي ويو، گهر ڊهي پيا ۽ 300 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا جن ۾ ٻار به شامل هيا. هن چيو ته اندازو لڳايو ويو آهي ته انهن رڪارڊ سطح جي برساتين ۽ سيلاب جي ڪري 31 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو.

هن چيو ته مٿئين مهيني جينيوا ۾ پاڪستان جي سيلاب متاثرين جي امداد لاءِ ’ڊونرز ڪانفرنس’ منعقد ٿيندي.

سفير چيو ته ٻوڏ جي ستايلن جي مدد جي لاءِ آمريڪا نون ڪروڙ 70 لک ڊالر جي امداد ڏئي چڪو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مسعود خان چيو ته عالمي بينڪ ۽ گولڊمين اينڊ ساڪس جي رپورٽن ۾ اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي ته 2047 تائين پاڪستان جي معيشت ۾ انقلابي ترقي ٿيندي ۽ 2075 ۾ پاڪستان دنيا جي ڏهن وڏين معيشتن منجهان هڪ هوندو.

سفير چيو تي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن وقت پاڪستان جي معيشت مشڪل ترين دور مان گزري رهي آهي، ليڪن منصوبه بندي، اصلاحات ۽ گورنينس ۾ بهتري آڻي ٻن کان ٽن سالن اندر ملڪي معيشت ٻيهر اڀرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿي.

تازو ڪابل ۾ پاڪستاني سفارت خاني ۾ ناظم الامور تي ٿيل قاتلانه حملي جو ذڪر ڪندي، سفير واقعي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ عبيدالرحمان نظاماڻي معجزاتي طور تي بچي ويو.

تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي باري ۾ سفير چيو ته افغان طالبان جي مصالحت ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو ڪو خاطرخواه نتيجو نه نڪري سگهيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ اهو سيڪيورٽي جي نوعيت جو معاملو حل طلب آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ داعش، دهشت گردي ۽ ٽي ٽي پي جا عناصر سرگرم عمل آهن، جن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ طالبان کي گهربل ڌيان ڏيڻ کپي.

XS
SM
MD
LG