رسائی کے لنکس

ٽرمپ خلاف عدالت ۾ ڪهڙا الزام هنيان ويا؟


نيو يارڪ ۾ مين هٽن جي عدالت ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام مڙهڻ جي پيشيءَ جي موقعي تي تصوير. 4 اپريل 2023. (فائيل فوٽو)
نيو يارڪ ۾ مين هٽن جي عدالت ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام مڙهڻ جي پيشيءَ جي موقعي تي تصوير. 4 اپريل 2023. (فائيل فوٽو)

نيويارڪ جي هڪ عدالت ۾ اڱاري تي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪاروباري رڪارڊ ۾ غلط بياني جي ڪيس ۾ 34 وڏن ڏوھن جا الزام لڳايا ويا. ڊونلڊ ٽرمپ تي گذريل هفتي لاڳو ٿيندڙ مُھر بند فردِ جرم (الزامن جي فھرست) کي اڱاري جي ڏينھن پڌرو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ٽرمپ انھن ڏوهن کي قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي.

آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اڳوڻي يا موجوده آمريڪي صدر تي ڪنھن ڪيس ۾ فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.

فردِ جرم ۾ ڪهڙا الزام آهن؟

وائس آف آمريڪا لاءِ مسعود فريور جي هڪ رپورٽ موجب ٽرمپ تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن 2016 جي صدارتي چونڊن کان اڳ متوقع اسڪينڊل کان بچڻ لاءِ پورن اسٽار اسٽارمي ڊينيلز کي پنهنجي وڪيل مائيڪل ڪوهن ذريعي ھڪ لک 30 ھزار ڊالر خفيه طور ڏنا هئا.

حڪومتي وڪيلن جو چوڻ آهي ته رقم هڪ ’غيرقانوني’ منصوبي تحت ڏني وئي هئي جنهن جو مقصد صدارتي چونڊن کان اڳ پاڻ تي لڳندڙ الزامن کي دٻائڻ ۽ مخالفن کي خاموش ڪرڻ هو.


مائيڪل ڪوهن ان ڳجهي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ بابت وفاقي الزامن کي 2018 ۾ قبول ڪيو ھو.

نيو يارڪ جي مين هٽن جي ضلعي اٽارني ايلون بريگ مطابق ڪوهن کي اھا رقم 2017 ۾ ’قانوني مدد’ جي فيس طور ادا ڪئي وئي ھئي.

پراسيڪيوٽر جي دعويٰ آهي ته ٽرمپ ۽ سندس ڪمپني وڪيل سان هڪ معاهدي تحت، جنھن جو اصل ۾ ڪو وجود نه هو، ڪوهن کي ماهوار 35 ھزار ڊالر ادا ڪيا. اها ادائيگي ٽرمپ جي صدارت جي پهرين سال يعني 2017 دوران ڪئي وئي.

فردِ جرم ۾ ٽرمپ خلاف لڳايل الزام ان رقم جي ادائگي لاءِ ٺاھيل "غلط رڪارڊ" بابت آهن. جيئن ته پهريون الزام ڪوھن پاران 14 فيبروري 2017 تي ٽرمپ آرگنائيزيشن کي جمع ڪرايل پهرئين انوائس (رسيد) بابت آھي.

ٻيو ۽ ٽيون الزام ٽرمپ آرگنائيزيشن پاران واؤچر ٺاهڻ جو آهي، جڏهن ته چوٿون الزام ڊونلڊ جي ٽرمپ ريووڪيبل ٽرسٽ پاران ڪوهن کي جاري ڪيل چيڪ سان لاڳاپيل آهي.

ان رقم جي ادائگي دوران ڪوهن کي 11 چيڪ ڏنا ويا، جن مان ٻه ٽرمپ جي ٽرسٽ طرفان جڏهن ته 9 چيڪ ٽرمپ جي ذاتي اڪائونٽ مان جاري ڪيا ويا ھئا.

پراسيڪيوٽرز موجب هر چيڪ ٽرمپ آرگنائيزيشن پاران ٺاھيو ويو ۽ انھن کي قانوني امداد ڄاڻائي ڪوهن کي ڏنو ويو. سندن چوڻ آهي ته ادائگي جو جيڪو رڪارڊ ٽرمپ آرگنائيزيشن رکيو اهو سمورو نيويارڪ جو غلط ڪاروباري رڪارڊ هو.


ياد رهي ته ڪاروباري رڪارڊ جي جعلسازي نيويارڪ ۾ هڪ ڏوھ آهي، جيتوڻيڪ اهو جرم قانون تحت ھڪ ’ننڍو ڏوهه’ سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جي سزا هڪ سال تائين آهي، پر جيڪڏهن ساڳيوئي ڏوھ ڪنهن ٻئي ڏوھ کي لڪائڻ لاءِ ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي ’فلوني’ يا وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو آهي جنهن جي سزا چار سال قيد آهي.

فردِ جرم ۾ ’ٻئي ڏوهه‘ جا تفصيل نه ڏنا ويا آهن، پر آمريڪا جي ’پيري گوها’ لا فرم ۾ ڪم ڪندڙ هڪ وڪيل جوشوا اسٽيٽن مطابق ان فردِ جرم سان جڙيل دستاويز ۾ شامل حقيقتن سان ٽي اھڙا ڏوهه سامھون اچن ٿا جن ۾ رياستي مهم ۾ مالياتي جرم، وفاقي مهمن ۾ مالياتي جرم ۽ ٽيڪس بابت جرم شامل آهن.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي اسٽيٽن چيو ته پراسيڪيوٽر انھن الزامن بابت اهو چئي سگهن ٿا ته ٽرمپ ٻين ڏوهن تي عمل ڪرڻ جو ارادو رکندو ھو.

هن چيو ته جيڪڏهن ٽرمپ الزامن کي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو ته پوءِ مين هٽن جي ضلعي اٽارني وٽ ھڪ مضبوط ڪيس هوندو.

ٽرمپ جي وڪيلن چيو آهي ته ھو اھي الزام ختم ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيندا.

هڪ نئون انڪشاف

بنياد پرست سمجھي ويندڙ آمريڪا جي هيريٽيج فائونڊيشن جي نائب صدر جان ميلڪم وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ سندس نظر ۾ اهو ڪيس ڪمزور آھي پر هو سمجهي ٿو ته ان کي آسانيءَ سان ختم ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو.

هن چيو ته اهي الزام غير معمولي ۽ سنگين ڏوهن جا آهن ۽ انهن کي سنجيدگي سان وٺڻ ضروري آھي.

هن چيو ته وفاقي صدارتي مهم جي مالياتي قانونن جي جاچ ڪندڙ ٻن وفاقي ادارن محڪمه انصاف ۽ وفاقي اليڪشن ڪميشن ٽرمپ جي فردِ جرم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ادائيگين جي جاچ ڪئي هئي، ۽ ھنن ٽرمپ تي ڪي به الزام نه لڳايا هئا، پر انھن الزامن ۾ فقط اسٽارمي ڊينيلز واري ادائگي ئي شامل ناھي.

پراسيڪيوٽر الزام لڳايو ته 2015 ۾ سپر مارڪيٽ ٽيبلوئيڊ نيشنل انڪوائرر جي پبلشر ٽرمپ ٽاور جي ڊور مين کي 30 ڊالر ڏنا ھئا ته جيئن هن کي ٽرمپ جي بنا شادي جي مبينه ٻار بابت عوامي سطح تي انڪشاف کان روڪيو وڃي.

جيتوڻيڪ اها دعويٰ غلط ثابت ٿي پر ڪوهن مبينه طور تي ان پبلشر کي ڊورمين جي معاملي کي ڳجھو رکڻ جي معاهدي کان آجو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ھو.

XS
SM
MD
LG