رسائی کے لنکس

ارجنٽينا فٽ بال عالمي ڪپ کٽي ورتو، فرانس جي هار


قطر جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ ارجنٽينا جو جڳ مشهور راندرگر ليونل ميسي عالمي ڪپ ڏيکاري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ٻهڪندڙ رانديگر خوشيءَ جو اظهار ڪندي. 18 ڊسمبر 2022.
قطر جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ ارجنٽينا جو جڳ مشهور راندرگر ليونل ميسي عالمي ڪپ ڏيکاري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ٻهڪندڙ رانديگر خوشيءَ جو اظهار ڪندي. 18 ڊسمبر 2022.

ارجنٽينا جو 36 ورهن جو انتظار آخر ڪار ختم ٿيو ۽ ليونل ميسيءَ پنهنجي ٽيم جي لاءِ سڀ کان وڏو ٽورنامنٽ کٽي ارجنٽينا کي ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ جو مک بڻائي ڇڏيو. فائينل ۾ فرانس کي ’پينلٽي شوٽ آئوٽ’ تي مات ملي.

آچر ڏينهن قطر جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ ڪيلين ايمپابي جي هيٽرڪ به فرانس کي مسلسل ٻئو دفعو فتح نه ڏئي سگهي، جڏهن ته ايونٽ جو فائينل کيڏي ليونل ميسيءَ ڪيترا ئي ڀيرا گهڻا ئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيا جن ۾ سڀ کان وڌيڪ 26 ورلڊ ڪپ ميچن ۾ کيڏڻ جو رڪارڊ به شامل آهي.

ٽورنامنٽ جي 82 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن رانديگر ان کان وڌيڪ ميچون نه کيڏيون آهن.

ان ڪاميابيءَ سان ئي 2010 کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪا اهڙي ٽيم ورلڊ چمپئن ٿي آهي جنهن ايونٽ جو آغاز هار سان ڪيو هو.

اسپين سان ٻارهن سال اڳ ائين ئي ٿيو هو، جڏهن ته هن دفعي سعودي عرب ارجنٽينا کي پهرئين ميچ ۾ هارائي اپ سيٽ شڪست ڏني هئي.

هن ڪاميابيءَ سان گڏ ارجنٽينا ٽي ڀيرا ٽرافي کٽڻ واري ٽيم ٿي وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ پنج دفعا ورلڊ ڪپ کٽڻ جو رڪارڊ برازيل وٽ آهي، جڏهن ته اٽلي ۽ جرمني چار چار ڀيرا ٽرافي کٽڻ کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهن.

ان کان اڳ ارجنٽينا ٻه ڀيرا اها ٽرافي پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. پهريون دفعو ان 1978 ۾ عالمي ڪپ کٽيو هو جڏهن ته ٻيو ڀيرو 1986 ۾ ڊياگو ميراڊونا جي اڳواڻيءَ ۾ ٽرافي کٽي هئي.

ايندڙ چئن سالن تائين فرانس جي ٽيم يوراگوي وانگر ٻه ڀيرا ورلڊ چمپئن ٺهڻ واري ٽيم سڏائيندي.

فرانس اها ٽرافي 1998 ۽ 2018 ۾ پنهنجي نالي ڪئي هئي جڏهن ته 2006 ۽ 2022 ۾ ان کي رنرز اپ ٿيڻو پيو.

فائينل مقرر وقت ۽ وري اضافي وقت ۾ به ڪنهن نتيجي تي نه پهتي

دوحه جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ان ميچ جي شروع ۾ ارجنٽينا بهتر راند پيش ڪئي، جڏهن ته ٻئي هاف ۾ فرانس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري.

مقرره وقت ۾ ميچ ٻن ٻن گولن تي برابر رهڻ جي ڪري واڌو وقت ڏنو ويو، جنهن ۾ فرانس ۽ ارجنٽينا ٻنهين هڪ هڪ گول اسڪور ڪري اسڪور لائين ٽن ٽن تي پهچايو.

ارجنٽينا جي پاران ليونل ميسيءَ ٻه ۽ اينجل ڊي ماريا هڪ جڏهن ته فرانس جي طرفان ٽئي گول ڪيلين ايمپابي اسڪور ڪيا.

ٽيون گول اسڪور ڪري ايمپابي هيٽرڪ جو ڪارنامو انجام ڏنو. سال 1966 کان پوءِ هي پهريون موقعو آهي جو ڪنهن رانديگر ورلڊ ڪپ جي فائينل ۾ ٽي گول اسڪور ڪيا.

آخري ڀيرو اهو ڪارنامو 1966 جي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي جيف هرسٽ اولهه جرمنيءَ جي خلاف انجام ڏنو هو.

ڪيترن ئي ڪوششن ۽ 120 منٽن جي سخت مقابلي کان پوءِ ميچ کي فيصلي ڪن بنائڻ جي لاءِ ’پينلٽي شوٽ آئوٽ’ تائين وٺي وڃڻو پيو، جنهن ۾ ارجنٽينا جي گول ڪيپر ايميليانو مارٽنيز جي شاندار ڪارڪردگيءَ جي ڪري فرانس جا رانديگر چئن مان رڳو ٻن ڪڪس کي گول اندر پهچائي سگهيا.

ارجنٽينا جي پاران چارئي ’پينلٽي ڪڪس’ گول جي اندر ويون جنهن جي ڪري انهن کٽڻ جو اهو مرحلو ٻن جي مقابلي ۾ چئن گولن تان کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.

گولڊن بوٽ جو حقدار ايمپابي

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ جتي ڪيترا ئي رڪارڊ بنايا ويا اتي سڀ کان وڌيڪ 172 فيل اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ به نمايان رهيو.

جيڪڏهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ گول ڪرڻ جي ڪئي وڃي ته ايونٽ ۾ گهڻا گول فرانس جي ڪيلين ايمپابي اسڪور ڪيا جنهن کي گولڊن بوٽ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

اهو واحد ايوارڊ هيو جيڪو ارجنٽينا کان سواءِ ڪنهن رانديگر کي مليو، ڇو ته ’فيفا ينگ پليئر ايوارڊ’ ارجنٽينا جي اينزو فرنانڊيز، بهترين گول ڪيپر جو ’گولڊن گلوو ايوارڊ’ سندس گول ڪيپر ايميليانو مارٽينيز، جڏهن ته بهترين رانديگر جو ’گولڊن بال ايوارڊ’ ليونل ميسي جي نالي تي رهيو. سال 2014 ۾ به ليونل ميسي اهو ايوارڊ کٽيو هو، ليڪن ان وقت سندس ٽيم کي رنر اپ ٽرافي ملي هئي ۽ هاڻي هن پنهنجي ملڪ کي 36 ورهن جو انتظار ختم ڪندي عالمي چمپئن بڻايو.

ڻيءَ واري تقريب ۾ فنڪارن جو فن جو مظاهرو

فائينل ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ اختتامي تقريب جنهن کي ’ اي نائيٽ ٽو رميمبر’ جو نالو ڏنو ويو هو، ان ۾ دنيا جي اسٽار فنڪارن پنهنجي فن جو جادو جڳايو، جنهن ۾ هالي وڊ اداڪاره نورا فاتحي سان گڏ عرب گلوڪاره بلقيس، عراقي سپر اسٽار راحمه رياض ۽ مراڪش جي منان پنجليخا ايونٽ جو ’ٿيم سانگ’ لائيٽ دي اسڪائي ڳايو.

پورٽو ريڪو جي ريپر اوزينا ۽ ڪانگو سان تعلق رکڻ واري گلوڪار گمز پنهنجو مقبول گيت ’ارهبو’ ڳائي حاضرين جي جوش کي وڌايو ته نائجيريا جي ڊيوڊو ۽ قطر جي عائشه اسٽيڊيم ۾ ’حيا حيا’ لائيو ڳائي سڀني کان داد وصول ڪئي.

جنهن ڏينهن ايونٽ جو فائينل کيڏيو ويو ان ڏينهن قطر جو عوام پنهنجو قومي ڏينهن به ملهائي رهيو هو. پڄاڻيءَ واري تقريب کان اڳ ان سلسلي ۾ دوحه ۾ هڪ ’ايئر شو’ جو انعقاد به ڪيو ويو، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.

(عمير علويءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG