رسائی کے لنکس

بنگلا ديش جي پهرين ميٽرو ٽرين سروس جو افتتاح


وزير اعظم شيخ حسينه واجد
وزير اعظم شيخ حسينه واجد

ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ڍاڪا ۾ ملڪ جي پهرين ميٽرو ٽرين سروس هلڻ شروع ٿي وئي آهي. پهرئين ئي ڏينهن شهرين جو وڏو تعداد ٽرين ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ انتظار ۾ رهيو، جنهن جي ڪري کين ٽڪيٽ ملڻ ۾ مشڪل ڏسڻي پئي. ڪن جاين تي صارفين جي ٽڪيٽ خريدڻ لاءِ لڳايک مشينن جي خرابيءَ جي به شڪايت آئي.

بنگلا ديش جي وزير اعظم شيخ حسينه واجد اربع ڏينهن ميٽرو سروس جو افتتاح ڪيو. اها سروس اڃان نامڪمل آهي. ان جي هڪ حصي جي اڏاوت مڪمل ٿي آهي. ان تي روزانو 60 هزار مسافر سفر ڪري سگهندا.

ڍاڪا جا رهواسي هڪ عرصي کان ميٽرو سروس جي مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪندا رهيا. سال 2012 ۾ شروع ڪيل ان منصوبي کي مڪمل ٿيڻ ۾ ست سال لڳي ويندا ۽ ممڪنه آهي ته هي منصوبو 2030 ۾ مڪمل ٿئي.

ان منصوبي جي لاءِ جاپان مالي طور تي هٿ ونڊايو آهي، جڏهن ته پهرين مڪمل ٿيڻ واري لائين تي لڳ ڀڳ ٻه ارب 80 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا.

ڍاڪا جو شمار دنيا جي ڳتيل شهرن ۾ ٿئي ٿو جنهن جي انساني آبادي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙَ ويهه لک آهي ۽ شهري ضرورتن کي ڏسندي، اهڙي قسم جي منصوبن تي زور ڏنو ويندو آهي.

خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، محققن جو خيال آهي ته ڍاڪا ۾ ٽريفڪ جام، اڪثر ٿيڻ واري احتجاج ۽ مون سون جي برساتن کان پوءِ سڙڪن تي ٽريفڪ جي دٻاءَ جي ڪري ملڪ کي ساليانو ٽي ارب ڊالر تائين نقصان ٿيندو آهي.

ميٽرو سروس جو افتتاح ڪندي، شيخ حسينه واجد چيو ته هي کيس جي لاءِ فخر جو مقام آهي ڇو ته هن شهر مان ٽريفڪ جام ختم ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو جنهن جي شروعات ٿيڻ واري آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جڏهن هي منصوبو مڪمل ٿيندو ته اچ وڃ ۾ ٿيندڙ مشلڪون ختم ٿي وينديون.

سال 2016 ۾ شدت پسندن جي هڪ حملي ۾ ان پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ وارا ڇهه انجنيئر مارجي ويا هيا. افتتاحي تقريب ۾ انهن انجنيئرن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

بنگلا ديش ۾ حزب اختلاف جي ڌر جون جماعتون ترقياتي منصوبن ۾ بدعنوانيءَ جا الزام به لڳائينديون رهيون آهن، جن الزامن جي حڪومت ترديد ڪندي رهي آهي.

XS
SM
MD
LG