”اڳي جڏهن شڪار تي ويندي هيس ته پنھنجو ۽ پنهنجي معذور پٽ جو پيٽ ڀرڻ جيتري مڇي ماري ايندي ھيس، هاڻي بيماريءَ جي ڪري ڪا مزوري ڪرڻ به مون کان نٿي پڄي. جڏھن ڳوٺ جون ٻيون مايون شڪار تان موٽن ٿيون ته مون کي به ٿورو گھڻو ڏيو وڃن، جنھن سان بس گزران ٿئي ٿو’’.
اها ڳالهه سجاول ضلعي ۾ ڳوٺ ڪڙ ملڪ جي رهواسڻ 45 سالن جي حاجاڻي ڌانڌل چئي آهي، جيڪا 22 سالن جي مهاڻپ کان پوءِ هاڻي هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.
هيءَ ھيڻي عورت هاڻي مڇي مارڻ نٿي وڃي سگهي، تنھن ڪري ڍنڍ جي ڪناري تي ويهي فقط ٻين عورتن جو انتظار ڪندي آهي.
سجاول ضلعي جي تعلقي جاتيءَ جي ساحلي پٽيءَ جا ڪيترائي ڳوٺ جا مهاڻا آهن جن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي 100کان وڌيڪ عورتون پڻ مڇي مارڻ جي ڪم ۾ جٽيل آهن. ان ڌنڌي ۾ عورتن جي موجودگي ٻين ويجهن ساحلي علائقن ۾ ڳولي نه ٿي لڀي.
انهن عورتن جي ان ڌنڌي سان لاڳاپي جو ڪارڻ مئي 1999 ۾ آيل اھو خوفناڪ سامونڊي طوفان’ زيرو ٽو اي’ هو، جنهن کل خوشي واري سندن زندگي ڏکن ۾ بدلائي ڇڏي.
ڀارتي گجرات مان ايندڙ هي طوفان جڏھن ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي ساحلي پٽيءَ سان ٽڪرايو ته انهن علائقن ۾ رهندڙ هزارين خاندانن کي بي گهر ڪري ويو، کين اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.
هڪ اندازي موجب هن طوفان سبب اٽڪل 6 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 600 کان وڌيڪ ٻيڙيون تباهه ٿيون ۽ مھاڻن سميت 190 کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا.
حاجاڻي جو اڪيلو معذور پٽ تڏھن پنجن سالن جو هو جڏھن سندس مڙس طوفان ۾ مري ويو. سندس ڳوٺ ڪڙ ملڪ جون 80 سيڪڙو عورتون انهن ئي مھاڻن جون زالون يا مائرون آهن جن کي طوفان ڳڙڪائي ويو، گھڻن جا ته لاش مليا پر ڪيترائي اڃا به لاپتا آهن.
ان سانحي کان پوءِ بچي ويل عورتن پيٽ گرز لاءِ پنھنجن مردن واريون ذميداريون سنڀاليون.
مھاڻين جون درد ڀريون ڪهاڻيون
بچائي عزيز روزانو پنهنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري ڪجهري واري ڪوري (ڍنڍ جو نالو) تي مڇي مارڻ ويندي آهي.
هن ٻڌايو ته ”منھنجي شاديءَ کي چار سال ٿيا هئا جڏھن منهنجو مڙس شڪار تي ويو، منهنجي ڌيءَ تڏھن ٻن سالن جي هئي ۽ مون کي ڇهون مهينو پيٽ هو. ڏينھن ٻن ۾ ئي موسم مٽجي ويو، تيز هوائون هلڻ لڳيون، ائين پئي لڳو ڄڻ سڀ ڪپهه وانگي اڏري وينداسين. جڏهن طوفان بيٺو ته ڇا ڏسون، نه گهر بچيو آھي نه مال متاع. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نيوي وارا منهنجي مڙس جو لاش ڳولهي کڻي آيا، آئون تڏهن کان اڄ تائين اھو ئي ڪم ڪريان پئي."
بچائيءَ جو چوڻ هو ته مڙس جي مرڻ کانپوءِ ٻن ڌيئرن کي پالڻ ھن لاءِ ڏکيو ڪم ھو، وٽس نه ٻيڙي هئي ۽ نه ئي ايترو پئسو جو مڇي مارڻ لاءِ ڪو سٺو ڄار وٺي سگهي ھا.
بچائيءَ جي چوڻ موجب ”مون کي مڇي مارڻ جو تجربو نه هو، تنھن ڪري شروع شروع ۾ ايترو به نه ڪري سگهندي ھيس جو ٻن ڌيئرن کي ٻه ويلا ڳڀو کارائي سگهان. لاچار ٿي هڪ ڌيءَ پنهنجن مائٽن کي پالڻ لاءِ ڏنم، ته جيئن گھٽ ۾ گهٽ ھو ته پيٽ ڀري کائي."
'سامونڊي ٻوٽا پير ڦٽي ٿا ڇڏن'
پنجهٺ سالن جي اوڏي ڌانڌل سندس پنجن پوٽن کي پالي رهي آهي ۽ روز شڪار لاءِ وڃي ٿي. سندس پٽ سليمان به 1999 واري طوفان ۾ فوت ٿي ويو.
پنهنجن پوٽن جي واحد ڪفيل اوڏي رات جو دير سان ڍنڍ ۾ لھي ڄار وجھي ٿي.
”آئون روز صبح جو سج اڀرندي ئي يا سانجھيءَ مھل شڪار لاءِ ڍنڍ تي وڃان ٿي ته جيئن ڄار ھڻي سگهان،“ اوڏي چيو.
ھن چيو ته پھرين جڏھن ھي مٺي پاڻي جي ڍنڍ ھئي تڏھن ھتي ڪناري تي سامونڊي ٻوٽا ھئا، جيڪي ھاڻ لوڻياٺي پاڻي ۾ ختم ٿي ويا آھن.
سندس چوڻ هو ته ڍنڍ ۾ سامونڊي ٻوٽن جا بچيل آثار اڃا تائين موجود آهن، جيڪي ڪنڊن وانگر پيرن ۾ چڀي پير زخمي ڪيو ڇڏين، جيڪڏهن اسان پنهنجا ڦٽ ڏسڻ لڳا سين ته پوءِ شڪار ڪيئن ٿيندو؟
سنهري عيسيٰ هن ڳوٺ جي اھا خوش قسمت عورت آهي جنهن جو مڙس ان طوفان ۾ سلامت رھيو، پر وڏي ڪٽنب جي ڪفالت لاءِ هن کي شڪار ۾ پنهنجي مڙس جو ھٿ ونڊائڻو ٿو پوي.
چوي ٿي ”منھنجيون چار نياڻيون وڏيون ۽ ٽي پٽ ننڍا آهن، جڏهن وڏا ٿيندا ته پيءُ جو هٿ ونڊائيندا. هڪ ڌيءَ پرڻائي اٿم ٻيءَ جي تياري ڪريان پئي. اھو ڪم سولو ناھي، تتي ٿڌي اسان کي پاڻيءَ ۾ لھڻو آهي."
هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن اونهي پاڻيءَ ۾ ڳچيءَ تائين وڃڻو پوي ٿو، تڏهن ئي ڪو موچارو شڪار ڦاسي ٿو. سياري جي مند ۾ ٿڌو پاڻي کنگهه، زکام ۽ سيني ۾ سور ڪيو ڇڏي، پر پوءِ به روز شڪار تي ويندا آھيون.
سنهري چيو ته ڪيترن ئي ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ ڪڏهن پنج ڪلو ته ڪڏهن اڍائي ڪلو مڇي کين ھٿ اچي ٿي، جنهن جا کين ڏيڍ سئو کان ٻه سئو رپيا في ڪلو ملن ٿا.
ڏکيو وقت صبر سان ڪاٽيندڙ عورتون
ڄار ۾ مڇي ڦاٿل ڏسي سنھري ۽ اوڏيءَ جي منهن تي مرڪ اچي وئي. ڄار ڪڍڻ کان پوءِ مڇيءَ کي ڪناري تي پکيڙي ڏٺو ويو، ان شڪار جو وزن ٻه ڪلو کان به گهٽ هو.
سنھري انھن مان ڪجهه مڇيون کڻي حاجاڻي کي ڏنيون، جيڪا ڍنڍ جي ڪناري تي پنهنجين ساھيڙين جي اوسيڙي ۾ ويٺي هئي. ھاڻ ھنن عورتن کي واپس پنھنجي ڳوٺ موٽي منجھند جي ماني جو بندوبست ڪرڻو ھو.
ھڪ ڪچي گھر جي ٻاهران ڪنڊ ۾ ٺهيل بورچي خانو شڪار ڪيل مڇيءَ جي ٻوڙ جي خوشبوءِ سان مھڪڻ لڳو. ٻئي طرف عورتون شڪار ڪيل مڇين کي ڳوٺ کان ڪجهه پري هڪ شخص کي وڪرو ڪري ڏيڻ لاءِ کڻي ويون، ته جيئن ڪجهه پئسا ملن ته رات جي ماني جو انتظام ڪري سگھن.
انهن سڀني عورتن سان گڏو گڏ حاجاڻي جي لاءِ به هڪ وقت جي ماني جو بندوبست ٿي ويو هو، جيڪا چڱي ڀلي ٿي اڳ وانگر شڪار تي وڃڻ ٿي چاھي.
’سامونڊي طوفان عورتن ۽ ٻارڙن کي وڌيڪ تڪليف ڏئي ٿو‘
ماهرن موجب جيتوڻيڪ هرشخص طوفان کان متاثر ٿئي ٿو پر عورتون ۽ ٻار وڌيڪ مشڪلاتن کي ڀوڳين ٿا.
سجاول ضلعي ۾ فشر فوڪ فورم جي ترجمان نور محمد موجب اڪثر سامونڊي طوفان ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي علائقن ۾ ئي تباهي آڻين ٿا، پر مئي 1999 ۾ آيل طوفان هتي جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو.
هن ٻڌارو ته طوفان’ زيرو ٽو اي’ جا اثرات اڄ ويھن سالن کان پوءِ به هتي جا ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن. هاڻ ھتي ٽي چار ڳوٺ اھڙا آهن جن ۾ عورتون ئي مڇي مارڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
نور محمد موجب گذريل ڪجهه سالن دوران ٺٽي، سجاول ۽ بدين جا ساحلي علائقا موسمياتي تبديلين سبب پڻ سخت متاثر ٿيا آهن.
هن وقت سجاول ضلعي جي 35 لک ايڪڙ، جڏهن ته ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ ٺٽي جي 15 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، جنهن سبب ڪيتريون زرعي زمينون نه رڳو سمنڊ ۾ ٻڏي ويون آهن پر ساحلي پٽي جا بيشمار قديم ڳوٺ پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن.
(سدره ڊار جي رپورٽ)