پاڪستان ۾سيلاب جي صورت حال جي ڪري جتي سڄي ملڪ ۾انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي فراهميءَ ۾ مشڪل آڏو آهي، اتي ٻوڏ جي ڪري سڀ کا وڌيڪ متاثر ٿيڻ واري صوبي، بلوچستان جو مواصلاتي رابطو ملڪ سان تقريبا ڪٽجي چڪو آهي.
حڪومتي ادارن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ متاثر علائقن منجهان ٻوڏ جي بيٺل پاڻيءَ جي نڪاسيءَ کان پهريان بحاليءَ جو ڪم ڪرڻ ممڪن ڪونهي.
پاڪستان جي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي وزارت ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي مواصلاتي ڪمپني، پي ٽي سي ايل چيو آهي ته بلوچستان ۾صورت حال کي بهتر ڪرڻ ۾وقت لڳندو، ڇو ته ڪيترن ئي هنڌن تي آپٽيڪل فائبر ڪٽجي وئي آهي ۽ بيٺل پاڻيءَ جي ڪري بحاليءَ جو ڪم ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي.
پاڪستان ۾ ٽيلي مواصلات جي ريگوليٽري اداري (پي ٽي اي) چيو آهي ته بلوچستان ۾ وقفي وقفي سان جاري بارشن جي سلسلي ۽ ٻوڏ جي ڪري آپٽيڪل فائبر ڪيبل کي نقصان پهتو آهي جنهن جي ڪري ڪوئٽه، زيارت، خضدار، لورالائي، پشين، چمن، پنجگور، زوب، قلعه سيف الله ۽ قلعه عبدالله ۾ وائس ۽ ڊيٽا سروسز متاثر ٿيون آهن.
پنهنجيءَ رپورٽ ۾ عاصم علي رانا ٻڌايو ته پي ٽي اي اهو به چيو آهي ته ان صورت حال کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميوني ڪيشن جي وزارت جي ماتحت ملڪ ۾ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي لاءِ ڪم ڪرڻ واري اداري، يونيورسل سروسز فنڊ (يو ايس ايف) جي منتظم حارث چوڌريءَ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائاندي چيو آهي ته هن وقت بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري آپٽڪ فائبر ڪٽجي چڪي آهي ۽ سڙڪون ۽ پليون ڊهي پوڻ ڪري انهن علائقن تائين رسائي به مشڪل ٿي چڪي آهي.
سندس بقول، آپٽڪ فائبر جي بحاليءَ ۾ اليڪٽرڪ شاڪ جو به ڊڄ آهي.
حارث چوڌريءَ چيو ته فائبر تمام جلدي ڪنيڪٽ ڪري وٺبو ۽ تيزيءَ سان سروسز بحال ڪيون وينديون. بحاليءَ جي حوالي سان هن اهو به چيو ته اڃان ٽائيم لائن ڏيڻ ڪافي مشڪل آهي ڇوته پاڻي اڃان موجود آهي. جيڪڏهن انهن علائقن منجهان پاڻي نڪري وڃي ته لائن جي نشاندهيءَ کان پوءَ ٻن کان ٽن ڏينهن اندر بحالي ممڪن آهي.
يونيورسل سروسز فنڊ جي سربراه مطابق، هن وقت ملڪ جي ٻين حصن ۾ انٽرنيٽ تي اثر پوڻ جو امڪان ڪونهي. هن وقت پنجاب جي وچين علائقي ۽ اسلام آباد جي طرف ڪراچيءَ کان آپٽڪ فائبر وڇايل آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مسئلا سامهون آهن جنهن جي لاءِ لڳاتار ڪم هلي رهيو آهي.
يو ايس ايف جي حارث چوڌريءَ چيو ته متبادل ذريعن وسيلي سيٽلائيٽ جي ذريعي رابطو ممڪن آهي، ليڪن بلوچستان ۾ ان مقصد جي لاءِ سامان پهچائڻ ۽ لڳائڻ به پاڻي نڪرڻ کان پوءِ ئي ممڪن ٿيندو. جيڪڏهن پاڻي نڪري وڃي ته آپٽڪ فائبر کي بحال ڪرڻ جو عمل آسان ٿيندو.
ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ وائس سروسز جي صورت حال متعلق پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي ترجمان، عامر پاشا وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جنهن جي مختلف علائقن ۾ هن وقت انٽرنيٽ ۽ وائس سروسز متاثر ٿيون آهن. بلوچستان جا وچان ۽ اتر وارا علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن جتي هن وقت انٽرنيٽ دستياب ناهي.