هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان انهن پنجن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسمياتي تبديليءَ جي ڪري قدرتي آفتن جو شڪار آهي. هيءَ رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جو هن ملڪ کي تباه ڪن ٻوڏ ۽ ان جي ڪري وڏي پيماني جي هنگامي صورت حال درپيش آهي.
’لائڊز رجسٽر فائونڊيشن ورلڊ رسڪ پول’ هن هفتي سامهون آيو آهي، جنهن ۾گيلپ پاران 121 ملڪن جي 125000 ماڻهن کان انٽرويو ورتا ويا آهن، جن جي سامهون هي سوال رکيو ويو هو ته موسمياتي تبديلي جي اثرات متعلق سندس رائي ڇا آهي.
گيلپ جي سروي تي مشتمل ان تازيءَ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 22 ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ پاڪستان کي هن وقت سيلاب جي بدترين تباه ڪاريءَ سان واسطو آهي، جنهن جو سبب عالمي موسمياتي تبديلي آهي.گڏيل قومن جي اداري ۽ مقامي عهديدارن جو چوڻ آهي ته جون جي وچ ڌاران شروع ٿيندڙ ان قدرتي آفت جي ڪري ملڪ ۾ 1600 ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن، جن ۾ 575 ٻار شامل آهن، جڏهن ته ٽي ڪروڙ 30لک آبادي اندروني طور تي بي دخل ٿي آهي، جنهن پاڪستان جي ڪافي پکيڙ واري رقبي، خاص طور تي سنڌ صوبي کي متاثر ڪيو آهي.
جڏهن اڃان هي سروي جاري هيو ته سيلاب بدتر صورت حال اختيار ڪري ورتي هئي.
اهو سروي برطانيه جي هڪ غير وابسته عطيات تي هلندڙ تنظيم هن هفتي جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن وڏيءَ قدرتي آفت سان نبرڻ جي پاڪستان جي پنهنجي صلاحيت تي تشويش جو اظهار ڪيو ويو آهي.
مطالعاتي رپورٽ ۾ ان طرف توجه ڏياريو ويو آهي ته پنجن مان ٽي پاڪستاني (60 في صد) جن ماضيءَ ۾ ڪنهن قدرتي آفت کي ڏٺو آهي، چيو آهي ته هن جو ڪارڻ طوفاني بارش هئي جنهن جي ڪري غير معمولي نوعيت جو سيلاب آيو، جيڪو سراسري عالمي تناسب کان 37 في صد وڌيڪ هيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 22 ڪروڙ آباديءَ واري هن ملڪ ۾ بجليءَ جي دستيابيءَ جي حالت اها آهي جو اڄ کان ٻارهن مهينا اڳ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هڪ ڏينهن کان به وڌيڪ دير تائين بجلي بند رهندي هئي. تقريبا 71 في صد شهري بجليءَ کان سواءِ گزارو ڪري رهيا هيا. 36 في صد ٻڌايو هو ته کين طبي امداد ميسر ڪانهي ۽ 42 في صد جو چوڻ هو ته انهن وٽ ٽيلي فون تائين رسائي ڪانهي.
سارا ڪيمبرس ان برطانوي اداري ۾ ’ثبوت ۽ بصيرت’ جي معاملن جي سربراه آهي. هن چيو آهي ته اهي ملڪ جيڪي قدرتي آفتن جي خطرن جو محور آهن، اهي گهڻو ڪري اهڙا ملڪ آهن جيڪي انهيءَ قابل ڪونهن ته پنهنجي ليکي قدرتي آفتن کي منهن ڏئي سگهن.
ڪيومبرس چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اهڙا ملڪ هاڻي کان تياري ڪرڻ شروع ڪن ته آئنده قدرتي آفتن سان ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو.
رپورٽ ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن ان بندوبست ڪرڻ ۾ هو اڃان به ناڪام رهيا ته اڳتي سندن اڃان وڌيڪ ماڻهن جون جانيون وڃي سگهن ٿيون.
هوڏانهن گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته مندائتي مينهن ۽ عام مون سون ايندي رهندي هئي. ليڪن هن ڀيري مينهوڳيءَ صديءَ جي عرصي جي لحاظ کان بارشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ پاڪستان جي ڪن علائقن ۾ پنجوڻ وڌيڪ مينهن پيو جيڪو 30 سالن جي سراسري مينهوڳيءَ جي شرح کان گهڻو هو، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو بي دخل ٿيا. انهن منجهان ڪيترا ئي اڄ سوڌو پريشان حال آهن ۽ انهن کي جان بچائڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي.
اياز گل پنهنجيءَ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو آهي ته هن وقت هنگامي امداد فراهم ڪرڻ وارا بين الاقوامي ادارا سيلاب زده ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن، ليڪن عمل دارن جو چوڻ آهي ته ڪيترا ئي روڊ ۽ پليون لڙهي ويا آهن يا انهن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته مشڪل ۾ ڦاٿل ڪن علائقن تائين پهچڻ ڏکيو ڪم آهي.
سنڌ جي عمل دارن جمعي ڏينهن ٻڌايو ته هنن بيٺل پاڻيءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين جي علاج لاءِ صوبي ۾ هزارين اضافي ڊاڪٽر ۽ طبي عملو لڳايو آهي. پوين ٻن مهينن دوران انهن بيمارين جي ڪري 300 کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن.
هڪ اندازي مطابق، 34 لکن کان وڌيڪ ٻار پنهنجي گهرن کان وڇڙي چڪا آهن ۽ جيري رهڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن.
گڏيل قومن جي اداري خبردار ڪيو آهي ته ڪيترا ئي سيلاب متاٿرين عارضي خيمن يا بيٺل پاڻيءَ جي ويجهو رهي رهيا آهن تن کي پيٽ جي لڳت، مدي جو بخار ۽ مليريا جي بيماري وچڙي سگهي ٿي.
اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ اداري چيو آهي ته ٻي آفت اها اچي سگهي ٿي ته صحت، غذائيت، صفائي، صاف پاڻي، صفائي سٿرائي جو بندوبست نه ٿيڻ جي صورت ۾ ان جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا.
پاڪستاني عهديدارن جو چوڻ آهي ته گزريل هفتي سنڌ ۾ ڊائريا جا 134000 کان وڌيڪ ڪيس ۽ مليريا جا 44000 ڪيس رجسٽر ٿيا آهن.
هوڏانهن چين، آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، قطر، روس، سعودي عرب، متحد عرب امارات ۽ ترڪيءَ کان ڪارگو جهاز پاڪستان اچي چڪا آهن جن ۾ امدادي شيون ۽ دوائون شامل هيون.