پاڪستان فوج جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ رليف آپريشن جي ڪم ۾ مصروف هيلي ڪاپٽر لاپتا ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر به سوار آهي.
ترجمان مطابق، پاڪستان آرمي ايويشن جو هڪ هيلي ڪاپٽر لسٻيلي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ امدادي ڪاروائين ۾ مصروف هو، جڏهن ان جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ٽٽي پيو.
هن هيلي ڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر ڪوئٽه، ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت ڇهه ڄڻا سوار هيا. ڪور ڪمانڊر ڪوئٽه بلوچستان ۾ امدادي ڪمن جي نگراني ڪري رهيو هو. هن هيلي ڪاپٽر جي لاپتا ٿيڻ کان پوءِ هينئرسرچ آپريشن جاري آهي.
ان هيلي ڪاپٽر جي غائب ٿيڻ متعلق سوشل ميڊيا تي مختلف قسم جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن.
پاڪستان فوج جي طرفان هيلي ڪاپٽر ۾ موجود ٻين ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي. ليڪن، سماجي ميڊيا تي ايندڙ اطلاعات مطابق، هيلي ڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر ڪوئٽه کان سواءِ ٻه ميجر رينڪ جا پائليٽ، ٻه برگيڊيئر ۽ هڪ لانس نائڪ موجود هيا.
هن هيلي ڪاپٽر جي ڳولها لاءِ پاڪستان فوج جا هيلي ڪاپٽر علائقي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
سوشل ميڊيا جي ڪن اڪائونٽن تان، مقامي ذريعن جي حوالي سان دعوي ڪئي وئي آهي ته هيلي ڪاپٽر ڪري تباه ٿي ويو آهي، ليڪن پاڪستان فوج پاران هاڻي تائين ان جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.
ذرائع مطابق، اڃان تائين سرچ آپريشن جاري آهي.
ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفرازعلي پاڪستان فوج جي اهم ڪور جي ڪمان ڪري رهيو آهي ۽ ان کان اڳ هو ملٽري انٽيلي جينس جو سربراه به رهي چڪو آهي.
(هيءَ ابتدائي خبر آهي. ان متعلق جيئن وڌيڪ معلومات ملندي، تنهن کي خبر ۾ شامل ڪيو ويندو)