افغانستان ۾ اقتدار ۾ آيل طالبان افغان نياڻين جي تعليم جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪندڙ سماجي ڪارڪن مطيع الله ويسا کي گرفتار ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي اداري ۽ يورپي يونين افغان طالبان جي هن قدم جي مذمت ڪندي سندس تڪڙي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
مطيع الله ويسا جي ڀاءُ، عطاالله ويسا وائس آف آمريڪا جي افغان سروس سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ کي طالبان سومر تي ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو ڪابل جي پسگردائيءَ ۾ خوشحال خان مينه جي علائقي ۾ مسجد ۾ سج لٿي جي نماز پڙهڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو.
هو نياڻين جي تعليم ۽ سکيا جي لاءِ ڄاتل سڃاتل سماجي ڪارڪن رهيو آهي. ان حوالي سان هن هڪ غير سرڪاري تنظيم ’پين پاٿ’ به قائم ڪئي هئي.
افعانستان ۾ انساني حقن جي لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي، رچرڊ بينيٽ چيو آهي ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مطيع الله ويسا جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.
هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هن چيو ته مطيع الله جي سمورن قانوني حقن جو احترام ڪيو وڃي.
گڏيل قومن جي اداري افغانستان ۾ مدد ڪندڙ مشن (يوناما) به مطالبو ڪيو آهي ته مطيع الله کي سندس قانوني صلاح ڪارن ۽ ڪٽمب جي ڀاتين سان ملاقات جي سهولت ڏني وڃي ۽ اهو به واضح ڪيو وڃي ته کيس ڪاٿي رکيو ويو آهي.
يوناما ويسا جي گرفتاريءَ جو سبب ٻڌائڻ جي به گهر ڪئي آهي.
آمريڪا جي افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچي، ٽامس ويسٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مطيع الله ويسا جي گرفتاريءَ تي کيس سخت تشويش آهي.
هن چيو ته مطيع الله ويسا 2009 کان وٺي افغانستان ۾ نياڻين ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق ۾ آواز اٿاريندو رهيو آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن مطيع الله ويسا جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪئي آهي ۽ طالبان کان سندس آزاديءَ تي زور ڏنو آهي.
واضح رهي ته آگسٽ 2021 ۾ افغانستان منجهان ڌاري فوج جي اوچتي نڪري وڃڻ کان پوءِ طالبان اقتدار ۾ آيا هيا ۽ هنن پنهنجي عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي هينئر تائين ڪنهن به ملڪ تسليم نه ڪيو آهي.
اقتدار ۾ اچڻ شرط طالبان افغان سماج ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون، جن ۾ عورتن تي پابندي وجهڻ به شامل آهي.
افغانستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳل آهي ۽ اهي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ نٿيون وڃي سگهن.