پاڪستاني فوج دعوا ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ سرحد جي ويجهو ايراني سرزمين تان ’دهشت گرد’ حملن ۾ ان جا چار عمل دار هلاڪ ٿيا آهن.
اربع ڏينهن پاڪستان فوج جي ترجمان اداري، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آئي ايس پي آر) جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن اهي سرحد تي عام رواجي پيٽرولنگ ڪري رهيو هو.
عهديدارن مطابق اهو واقعو بلوچستان جي پنجگور ضلعي جي چڪاب سيڪٽر ۾ پيش آيو.
آئي ايس پي آر چيو آهي ته ’’دهشت گردن ايران جي سرزمين تان فوجي قافلي کي ٽارگيٽ ڪيو’’. بيان ۾ ايراني عهديدارن دهشت گردن جي خلاف تڪڙي ڪاروائيءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ايران پاران ان حوالي سان اڃان تائين ڪو بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.
ايران جي پاران ان حوالي سان اڃان تائين ڪو بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي حملي جي مذمت ڪندي متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ پاڪستان جي صدر چيو آهي ته پاڪستان قومي دهشت گردن جي خلاف متحد آهي.
پرڏيهي ناتن جي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ به سيڪيورٽيءَ جي چئن عمل دارن جي هلاڪت تي شديد رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.