جينالولوبرجيڊا انتقال ڪري وئي آهي. سندس ڄمار 95 ورهه هئي. 1950 جي ڏهاڪي ۾ هن دنيا جي سڀني کان خوبصورت خاتون ۽ ايڪٽريس جي طور تي شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ بعد ۾ فلمي دنيا کان پاسيري ٿيڻ کان پوءِ فوٽوگرافر ۽ مجسمه ساز بڻجي وئي.
’گارڊين’ سيمت دنيا جي ڪيترن ئي نامور روزانه اخبارن ۽ نيٽ ورڪس اها خبر پنهنجي پڙهڻ يا ٻڌڻ واري تائين پهچائي.
سال 1950 ۽ 1960 جي ڏهاڪن دوران هوءَ پنهنجي شهرت جي چوٽ تي هئي.
جينا لولو برجيڊا، جيڪا ’لولو’ جي نالي سان مشهور هئي، جنگ کان پوءِ اٽليءَ جي سينيما جي بين الاقوامي سطح تي هڪ علامت هئي، جنهن جو مقابلو رڳو صوفيه لورين سان هيو.
جينا جي شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو هيا، ليڪن سندس پيشه ورانه ساٿين، دوستن ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس چاهڻ وارن سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ سندس تصويرون شيئر ڪيون آهن.
هڪ ٻيءَ پوسٽ ۾ اينڊريا بوسيلي، جيڪا خوشگوار شخصيت جي حامل ليڪن طاقتور آواز جي مالڪ آهي ۽ جن جا ست ڪروڙ رڪارڊ وڪاميا هيا، لکيو آهي ته ’’مان هر ملاقات کي هڪ اعزاز سمجهندي آهيان. اسان جڏهن به ملندا هياسين ته ماحول هميشه خوش گوار ٿي ويندو هو. ليڪن مان تڏهن به هر بار پنهنجي آڏو سندس موجودگي ۽ هوءَ جيڪو ڪجهه حاصل ڪري چڪيون آهن، ان جي باري ۾ سوچي منهنجا اعصاب ڪنبڻ شروع ڪندا آهن’’.
سندس شخصيت تمام پرجوش ۽ جذباتي هئي. سال 2006 ۾ هوءَ ان وقت ٻيهر خبرن جي سرخين ۾ آئي جڏهن 79 سالن جي عمر ۾ هن اعلان ڪيو ته هوءَ پاڻ کان 34 سال ننڍي عمر جي شخص سان شادي ڪرڻ واري آهي. بعد ۾ هن شادي منسوخ ڪندي، ان جو الزام ميڊيا تي مڙهيو.
ڪيلي رابنسن جيڪو فلمن جو تاريخ دان ۽ ايوارڊ يافتا مصنفه آهي، ٽوئٽر تي پوسٽ ڪيو ته ’’ڪنهن اداڪاره جي مرڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهو صرف سندس جوانيءَ جون تصويرون پوسٽ ڪن ٿا ته مون کي پريشاني ٿيندي آهي. مان جينا لولو برجيڊا وانگر ٿيڻ چاهيان ٿي. ان جي ڪري نه جو کيس 50 جي ڏهاڪي ۾ ’دنيا جي سڀ کان خوبصورت خاتون’ چيو ويو، بلڪه ان لاءِ جو هن جي لاءِ 95 ورهن جي عمر ۾ اٽليءَ جي سينيٽ جي لاءِ انتخاب ۾ حصو ورتو هو.
ڪجهه پرستارن سندس پراڻي فملن مان تصويرون پوسٽ ڪيون آهن.
سندس اداڪاريءَ جا جوهر ڪيترن ئي فلمن ۾ ڏسڻ وٽان هيا، جيئن ته بونا سيرا، مسز ڪيمبل، ڪارميليٽا ۽ ماما ميا، بريڊ لو اينڊ ڊريمز، ويورڊ وائيف، وومين آف روم، بيٽ دي ڊيول، هنچ بيڪ آف نوٽريڊم، سولومن اينڊ شيبا، ڪم سيپٽمبر ۽ وومين آف اسٽرا.
جينا عام ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ به سڀني کان اڳتي هئي. سال 2013 ۾ جڏهن هوءَ 85 ورهن جي ٿي ته جينيوا ۾ سندس زيورن جي نيلاميءَ ۾ لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ ڊالر ڪٺا ٿيا. اها آمدني ’اسٽيم سيل’ رسرچ جي لاءِ عطيو ڪيائين.
هن جو چوڻ هو ته ’’جواهرات خوشي ڏيڻ جو باعث هوندا آهن. ڪيترن سالن تائين انهن کي پائي مون کي بي پناه خوشي ملي’’. ’اسٽيم سيل’ ٿراپيءَ جي باري ۾ آگهي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ، جيڪو ڪيترين ئي بيمارين جي علاج ۾ ڪم اچي سگهن ٿا، مون کي پنهنجا زيور کپائڻ بهتر استعمال لڳي ٿو’’.