ايران جي ايٽمي توانائيءَ جي اداري آچر ڏينهن چيو آهي ته هيڪنگ جي هڪ گروه سندس ماتحت نيٽ ورڪ تي چڙهائي ڪئي آهي ۽ ان جي اي ميل نظام تائين مڪمل رسائي حاصل ڪري ورتي آهي.
آچر ڏينهن هڪ بيان ۾ اداري ان مواد متعلق ٻڌايو ته ان ۾’’ٽيڪنيڪل پيغام ۽ اي ميل جي جاري عام رواجي تبادلي جا پيغام شامل آهن’’.
ان کان اڳ هڪ نامعلوم هيڪنگ جي گروه، جنهن پنهنجو نالو ’بليڪ ريوارڊ’ ظاهر ڪيو هو، هيڪنگ جي ذمه داري قبول ڪئي آهي، ۽ دعوا ڪئي آهي ته هن ايران جي جوهري تنصيبات جون تصويرون ۽ ايران جي ايٽمي توانائي جي تنظيم متعلق ڪم از ڪم 50 ميگابائيٽ معلومات جاري ڪري ڇڏي آهي.
’بليڪ ريوارڊ’ ايران جي ايٽمي توانائيءَ جي پيداوار ۽ ترقيءَ جي اداري جي انجنيئرن ۽ ڪامورن جي پگهار جا سڃاڻت جا تفصيل جاري ڪيا آهن، ان کان سواءِ بوشهر پارو پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ايراني ۽ روسي اسپيشلسٽس جا پاسپورٽ ۽ ويزا جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
گروپ ايران کان سموري ملڪ ۾ تازو گرفتار ڪيل سياسي قيدين کي رها ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرا مهسا امينيءَ جي گرفتاريءَ ۽ هلاڪت کان پوءِ شروع ٿيا هيا. هن کي ايران جي اخلاقيات جي پوليس سيپٽمبر جي وچ ڌاران گرفتار ڪيو هو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس موت واقع ٿيو، ٻاويهن ورهن جي مهسا امينيءَ کي ملڪ جي عورتن جي لباس جي سخت پابنديءَ جي مبينه ڀڃڪڙيءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
ايران جي حڪومت دعوا ڪئي آهي ته هن جو موت دل جي دوري جي ڪري ٿيو ۽ ان سان ڪا بدسلوڪي نه ڪئي وئي هئي. سندس خاندان چيو آهي ته هن کي ڪڏهن به دل جي بيماري نه هئي ۽ سندس جسم تي زخمن ۽ مار ڪٽ ۽ بدسلوڪيءَ جا نشان هيا.
(هن رپورٽ ۾ ايسو سي ايٽڊ پريس پاران ڏنل اطلاع کي شامل ڪيو ويو آهي)